Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 59:9 - Sindhi Bible

9 تنهن ڪري انصاف اسان کان پري آهي، ۽ سلامتي اسان تائين نٿي پهچي: اسين سوجهري لاءِ نهاريون ٿا، پر اوندهہ ٿا ڏسون؛ روشنائيءَ لاءِ ٿا نهاريون، پر انڌڪار ۾ ٿا هلون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن ماڻهن چيو تہ ”هاڻي اسان ڄاتو تہ اسان جي پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري انصاف اسان کان پري آهي، ۽ اسان جن پنهنجن گناهن جي ڪري خدا اسان کي ظالمن هٿان نہ ٿو بچائي. اسين سوجھري لاءِ نهاريون پيا، پر ڇا ڏسون؟ رڳو اونداهي ئي اونداهي آهي. هائو، اسين روشنائيءَ لاءِ واجھايون پيا، پر گھُگھُہ اونداهي ئي اسان جو مقدر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 59:9
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن منهنجي راهہ اهڙي روڪي آهي جو آءٌ لنگهي نٿو سگهان، ۽ منهنجن رستن ۾ اونداهي ڪئي اٿس.


جڏهن مون چڱائيءَ لاءِ نهاريو تڏهن بڇڙائي آئي؛ ۽ جڏهن مون سوجهري جي لاءِ انتظار ڪيو تڏهن اونداهي آئي.


هو نہ ڪجهہ ڄاڻن ٿا ۽ نہ سمجهن ٿا؛ ۽ اونداهيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيا گهمن: زمين جون سڀ پيڙهيون پيون ڌڏن.


شريرن جو رستو اونداهيءَ جهڙو آهي؛ هنن کي خبر نٿي پوي تہ ڇا تي ٿا آٿڙجن.


۽ اُهي انهي ڏينهن انهن تي سمنڊ جي گوڙ وانگي گوڙ ڪندا: جي ڪڏهن ڪو زمين ڏانهن نظر ڪندو تہ اونداهي ۽ مصيبت ڏسندو ۽ روشنائي انهي جي ڪڪرن ڪري اونداهي ٿي ويندي.


اسين سڀ رڇن وانگي گجگوڙ ڪريون ٿا: ۽ ڳيرن وانگي اوساريون ٿا: اسين انصاف جي واٽ تڪيون ٿا، پر اهو نہ ٿو لڀي؛ نجات جا منتظر آهيون، پر اها اسان کان پري آهي.


۽ عدالت پٺ تي موٽائي ويئي آهي، ۽ راستبازي پري بيٺي آهي: ڇالاءِ جو سچ جو گهٽيءَ ۾ قدر ڪونهي، ۽ ايمانداري اندر اچي نٿي سگهي.


سلامتيءَ جي رستي جي انهن کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهن جي هلت چلت ۾ انصاف ڪونهي: انهن پنهنجي لاءِ ڏنگيون واٽون جوڙيون آهن؛ جيڪو انهن تي هلي ٿو تنهن لاءِ سلامتي ڪانهي.


تڏهن هو ملڪ ۾ بکايل ۽ بڇڙي حال گهمندا: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هنن کي بک لڳندي تڏهن ڪنجهندا ڪُرڪندا، ۽ پنهنجي بادشاهہ تي، ۽ پنهنجي خدا تي لعنت ڪندا، ۽ پنهنجا منهن مٿي ڪندا:


۽ وري زمين ڏي نهاريندا، ۽ ڏسو، هو مصيبت، ۽ اونداهي، ۽ ڏک جي پيڙا ۾، ۽ ڀڀ اونداهيءَ ۾ هڪليا ويندا.


خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي.


تو يهوداہ کي اصل رد ڪري ڇڏيو آهي ڇا؟ تنهنجي روح کي صيون کان نفرت آئي آهي ڇا؟ ڇو تو اسان کي اهڙو ماريو آهي جو اسين ڇٽي چڱا ڀلا نٿا ٿيون؟ اسين خير سلامتيءَ جي لاءِ منتظر هئاسين، پر خير ڪونہ ٿيو؛ ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر هئاسين، پر اُٽلندو خوف پيدا ٿيو!


اسان سلامتيءَ لاءِ نهاريو، پر چڱائي ڪانہ آئي: ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر رهياسين پر خوف ڏٺوسين!


هن مون کي اونداهيءَ ۾ وٺي هلايو ۽ نہ سوجهري ۾.


هو انڌن وانگر گهٽين ۾ پيا گهمن، هو رت سان پليت ٿيا پيا آهن، جنهن ڪري ماڻهو هنن جي ڪپڙن کي هٿ ئي نہ ٿا لائين.


۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ سج کي ٻنپهرن جو هيٺ لاهيندس، ۽ ڏينهن ڏٺي جو آءٌ زمين تي اوندهہ ڪري ڇڏيندس.


ڇالاءِ جو ماروت جو رهاڪو چڱائي جي لاءِ ڏاڍو منتظر ٿي رهي ٿو: پر خرابي خداوند وٽان يروشلم جي دروازي تائين پهتي آهي.


تنهنجون اکيون اهڙيون پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسي نٿو سگهين، ۽ شرارت ڏي نهاري نٿو سگهين، سو ڪهڙي سبب هنن تي نظر ٿو ڪرين جي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ جڏهن شرير، پاڻ کان وڌيڪ سچي ماڻهو کي ڳهي وڃي ٿو، تڏهن ڇو ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؛


جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ