Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 59:8 - Sindhi Bible

8 سلامتيءَ جي رستي جي انهن کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهن جي هلت چلت ۾ انصاف ڪونهي: انهن پنهنجي لاءِ ڏنگيون واٽون جوڙيون آهن؛ جيڪو انهن تي هلي ٿو تنهن لاءِ سلامتي ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 اوهان جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي بہ سلامتي حاصل نہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي هلت چلت ۾ انصاف تہ آهي ئي ڪونہ. هائو، اوهان پنهنجي لاءِ ڏنگيون واٽون جوڙيون آهن، سو جيڪو بہ انهن واٽن تي هلي ٿو، تنهن لاءِ سلامتي بلڪل ناهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 59:8
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪي پنهنجي ڏنگيءَ واٽ ڏانهن ٿا ڦرن، تن کي خداوند خطاڪارن سان گڏ وٺي ويندو. شل اسرائيل تي سلامتي هجي.


جي سچائيءَ جا رستا ڇڏين ٿا، تہ اونداهيءَ جي رستن تي هلن؛


جن جا رستا ڏنگا آهن، ۽ جن جون واٽون اُبتيون آهن:


جنهن ماڻهو تي گناهہ جو بار پيل آهي تنهنجو رستو تمام ڏنگو آهي: پر جيڪو پاڪ آهي، تنهنجو ڪم سنئون سڌو آهي.


جيڪو سنئون سڌو هلي ٿو سو ڇڏايو ويندو، پر جيڪو ڏنگن رستن تي هلي ٿو سو هڪدم ڪري پوندو.


اُن جا رستا خوشيءَ جا رستا آهن، ۽ اُن جون سڀ واٽون سلامتيءَ جون آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ شريرن جي لاءِ سلامتي ڪانهي.


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو ڊاک جو منهہ اسرائيل جو گهراڻو آهي، ۽ يهوداهہ جا ماڻهو انهيءَ جا وڻندڙ ٻوٽا آهن: ۽ هن انصاف جي اُميد رکي، پر ڏس ظلم؛ سچائيءَ جي اميد رکي، پر ڏس دانهن.


اسين سڀ رڇن وانگي گجگوڙ ڪريون ٿا: ۽ ڳيرن وانگي اوساريون ٿا: اسين انصاف جي واٽ تڪيون ٿا، پر اهو نہ ٿو لڀي؛ نجات جا منتظر آهيون، پر اها اسان کان پري آهي.


تنهن ڪري انصاف اسان کان پري آهي، ۽ سلامتي اسان تائين نٿي پهچي: اسين سوجهري لاءِ نهاريون ٿا، پر اوندهہ ٿا ڏسون؛ روشنائيءَ لاءِ ٿا نهاريون، پر انڌڪار ۾ ٿا هلون.


مون سارو ڏينهن هڪڙيءَ اهڙيءَ فسادي اُمت ڏانهن هٿ کنيا آهن جا پنهنجن خيالن موجب خراب رستي تي ٿي هلي؛


اوهين يروشلم جي گهٽين مان هيڏي هوڏي ڊوڙو، ۽ هاڻي ڏسو ۽ ڄاڻو، ۽ ان جي چونڪن ۾ ڳوليو، تہ ڪو ماڻهو لهو ٿا، ڪو اهڙو ماڻهو آهي يا نہ جو انصاف جا ڪم ٿو ڪري، ۽ جو سچ کي ڳولي ٿو؛ پوءِ آءٌ يروشلم کي معاف ڪندس.


افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين ڦودني ۽ سونف ۽ جِيري تي تہ ڏهون حصو ٿا ڏيو، پر جيڪي شريعت جون انهي کان ڳريون ڳالهيون آهن، يعني انصاف ۽ رحم ۽ ايمان، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ: پر اِهي تہ اوهان کي ڪرڻ گهربيون هيون، ۽ هو ٻيون بہ ڇڏي ڏيڻ نہ کپنديون هيون.


تہ جي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ ويٺا آهن، تن تي روشني چمڪي، ۽ اسان جا پير سلامتيءَ جي واٽ تي آڻي.“


۽ سلامتيءَ جي رستي کان ناواقف آهن:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ