خداوند فرمائي ٿو تہ انهن باغي ٻارن تي افسوس آهي، جيڪي صلاحون ڪن ٿا؛ پر مون سان نہ؛ جيڪي ڍڪ ڍڪين ٿا، پر منهنجي روح جو نہ؛ انهيءَ لاءِ تہ هو گناهہ تي گناهہ ڪندا وڃن.
ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو ڊاک جو منهہ اسرائيل جو گهراڻو آهي، ۽ يهوداهہ جا ماڻهو انهيءَ جا وڻندڙ ٻوٽا آهن: ۽ هن انصاف جي اُميد رکي، پر ڏس ظلم؛ سچائيءَ جي اميد رکي، پر ڏس دانهن.
تڏهن هن مون کي چيو تہ اسرائيل ۽ يهوداہ جي گهراڻي جو گناهہ تمام وڏو آهي، ۽ ملڪ خون سان ۽ شهر بي انصافي سان ڀريو پيو آهي: ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ خداوند زمين کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ خداوند ڏسي نٿو.
ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي تہ آءٌ طلاق کي ڌڪاريان ٿو، ۽ انهيءَ کي بہ، جو پنهنجي زال سان ظلم ٿو ڪري. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڪري پنهنجي نفس جا خبردار رهو تہ بي وفائي نہ ڪريوَ.