Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 59:4 - Sindhi Bible

4 ڪوبہ راستيءَ سان دعويٰ نٿو ڪري، ۽ ڪوبہ سچائيءَ سان حجت نٿو ڪري: اهي اجاين ڳالهين تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين؛ انهن جي پيٽ ۾ دغا آهي، ۽ هو بدڪاري ٿا ڄڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 عدالت ۾ اوهين سچائيءَ سان وڪالت نہ ٿا ڪريو، نڪي وري اوهان جا دليل سچ تي ٻڌل آهن، بلڪ اوهين ڪوڙ ٿا ڳالهايو، ۽ رڳو هوائي ڳالهيون ٿا ڪريو. جيئن تہ اوهان جي دلين ۾ دغا آهي، سو اوهين ٻين کي نقصان رسائڻ جون سازشون پيا ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 59:4
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پاڻ کي گمراہ ڪري بيهودگيءَ تي ڀروسو نہ ڪري، ڇالاءِ جو بيهودگي هن جو عيوضو ٿيندي.


شرارت هنن جي پيٽ ۾ آهي ۽ هو بدڪاري ڄڻين ٿا، ۽ هنن جي پيٽ ۾ ٺڳي پيئي نسري.


جيڪي چاپلوس آهن، ۽ جن جي واتان ٻٽاڪ ٿي نڪري؛ تن سڀني کي خداوند تباهہ ڪري ڇڏيندو.


ظلم تي ڀروسو نہ رکو، ۽ ڦرمار ڪري مغرور نہ ٿيو: جيڪڏهن ملڪيت وڌي تہ انهي تي دل نہ لڳايو.


اهي رڳو هن کي سندس مرتبي کان ڪيرائڻ لاءِ پيا صلاحون ڪن؛ اهي ڪوڙ کان خوش ٿا ٿين: اهي پنهنجي وات سان برڪت ٿا ڏين پر اندر ۾ لعنت ٿا ڪن.


هن کڏ کوٽي اونهي ڪئي، پر جا کڏ هن کوٽي، تنهن ۾ پاڻ ئي ڪري پيو.


ڇالاءِ جو حرڪت ڪرڻ کان سواءِ هو سمهن نٿا؛ ۽ جيستائين هو ڪنهن کي نٿا ڪيرائين تيستائين هنن کي ننڊ نٿي اچي.


افسوس آهي انهن تي جي بي انصافيءَ جا حڪم جاري ڪن ٿا، ۽ انهن لکڻ وارن تي جي ڏنگائي لکن ٿا:


اسين پيٽ سان ٿيا آهيون، اسان کي سور ٿيا آهن، اسان ڄڻيو ڄڻ تہ رڳو واءُ آهي؛ اسان زمين تي ڪوبہ ڇوٽڪارو نہ پيدا ڪيو آهي؛ نڪي دنيا جا رهاڪو فنا ٿيا آهن.


ڇالاءِ جو اوهان چيو آهي تہ اسان موت سان عهد اقرار ڪيو آهي، ۽ دوزخ سان اسان جو انجام آهي؛ جڏهن سزا جي اُٿل ٿيندي، تڏهن اها اسان ڏانهن نہ ايندي؛ ڇالاءِ جو اسان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ ڪيو آهي، ۽ دغا هيٺ اسان پاڻ کي لڪايو آهي:


ڇالاءِ جو خوفناڪ ماڻهو نابود ٿي ويندو، ۽ ٺٺولي ڪندڙ فنا ٿي ويندو، ۽ جيڪي بدڪاري ڪرڻ لاءِ اکيون وجهيو ويٺا آهن سي تباهہ ٿي ويندا.


تنهن ڪري اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ڪلام جي حقارت ٿا ڪريو، ۽ ظلم ۽ ڏنگائيءَ تي ڀروسو ٿا رکو، ۽ انهي تي ٽيڪ ٿا ڏيو؛


ڇالاءِ جو اها باغي اُمت آهي، ۽ ڪوڙا ٻار آهن، اهڙا ٻار جي خداوند جي شريعت نٿا ٻڌن:


اوهان کي بهہ جو حمل رهندو، ۽ اوهين ٻٿ ڄڻيندا: اوهان جو پساهہ باهہ آهي، جا اوهان کي کائي ويندي.


هو رک کائي ٿو: ٺڳيل دل هن کي اهڙو گمراهہ ڪيو آهي جو هو پنهنجو روح ڇڏائي نٿو سگهي، ۽ نڪي چوي ٿو تہ منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڪوڙ ناهي ڇا؟


ڇالاءِ جو تو پنهنجيءَ شرارت تي ڀروسو رکيو آهي: تو چيو آهي تہ مون کي ڪوبہ ڪونہ ٿو ڏسي؛ تنهنجيءَ دانائيءَ ۽ تنهنجي علم توکي گمراهہ ڪيو آهي: ۽ تو پنهنجيءَ دل ۾ چيو آهي تہ آءٌ ئي آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


افسوس انهن تي جي برائيءَ کي مغروريءَ جي نوڙين سان ڇڪن ٿا، ۽ گناهہ کي ڄڻ تہ گاڏيءَ جي رسي سان تاڻين ٿا:


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو ڊاک جو منهہ اسرائيل جو گهراڻو آهي، ۽ يهوداهہ جا ماڻهو انهيءَ جا وڻندڙ ٻوٽا آهن: ۽ هن انصاف جي اُميد رکي، پر ڏس ظلم؛ سچائيءَ جي اميد رکي، پر ڏس دانهن.


هائو، سچائي گم ٿي وئي آهي؛ جيڪو بديءَ کان پري ٿو ڀڄي سو پاڻ کي شڪار ٿو بنائي: ۽ خداوند اهو ڏٺو تہ عدالت آهي ئي ڪانہ، ۽ هن کي رنج ٿيو.


۽ هن ڏٺو تہ ڪو ماڻهو ڪونهي، ۽ عجب لڳس تہ ڪو شفاعت ڪرڻ وارو ڪونهي: تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ٻانهن سان هن جي لاءِ نجات آندي؛ ۽ هن جي راستبازيءَ هن کي سنڀاليو.


ڇالاءِ جو اوهان جا هٿ رت سان، ۽ اوهان جون آڱريون بدڪاريءَ سان ڀريل آهن؛ اوهان جي چپن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ اوهان جي زبان شرارت جون ڳالهيون ڪيون آهن.


ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو تنهنجو نالو وٺي پڪاري، جو توتي ٽيڪ رکڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجو منهن اسان کان لڪايو آهي، ۽ اسانجين بدڪارين جي ڪري اسان کي کپائي ڇڏيو اٿيئي.


تمام پوڙهو ۽ عزت وارو ماڻهو مٿو آهي؛ ۽ نبي جو ڪوڙيون ڳالهيون سيکاري ٿو سو پڇ آهي.


ڇالاءِ جو پنهنجن ڪمن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسي رکڻ ڪري تون گرفتار ٿيندين: ۽ ڪموس، پنهنجن ڪاهنن ۽ پنهنجي اميرن سميت، قيد ٿي هليو ويندو.


اوهين يروشلم جي گهٽين مان هيڏي هوڏي ڊوڙو، ۽ هاڻي ڏسو ۽ ڄاڻو، ۽ ان جي چونڪن ۾ ڳوليو، تہ ڪو ماڻهو لهو ٿا، ڪو اهڙو ماڻهو آهي يا نہ جو انصاف جا ڪم ٿو ڪري، ۽ جو سچ کي ڳولي ٿو؛ پوءِ آءٌ يروشلم کي معاف ڪندس.


اوهين ڪوڙين ڳالهين تي ڀروسو نہ رکو جو چئو ٿا تہ خداوند جي هيڪل، خداوند جي هيڪل، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.


ڏسو اوهين انهن ڪوڙين ڳالهين تي ڀروسو ٿا رکو، جن مان ڪوبہ فائدو رسي نٿو سگهي.


اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ.


ويل آهي انهن سان، جي بڇڙائي جون رٿون ٿا رٿين، ۽ پنهنجي هنڌن تي خراب ڪم ٿا ڪن! ۽ جڏهن صبح جي روشنائي ٿي ٿئي، تڏهن اُهي پورا ٿا ڪن، ڇالاءِ جو اهو هنن جي هٿ وسيڪو آهي.


۽ يهودي بہ انهيءَ تهمت لڳائڻ ۾ اچي شامل ٿيا، ۽ چيائون تہ اهي ڳالهيون برابر ائين ئي آهن.


پوءِ اها خواهش حاملہ ٿي گناهہ ٿي ڄڻي: ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿو ٿئي، تڏهن موت ٿو آڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ