Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 59:14 - Sindhi Bible

14 ۽ عدالت پٺ تي موٽائي ويئي آهي، ۽ راستبازي پري بيٺي آهي: ڇالاءِ جو سچ جو گهٽيءَ ۾ قدر ڪونهي، ۽ ايمانداري اندر اچي نٿي سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 سو انصاف اسان کان پري هليو ويو آهي، ۽ اسان جو بچاءُ اسان کي ڏسڻ ۾ ئي نہ ٿو اچي. انهيءَ سبب جو سچائي ۽ ايمانداري اسان ۾ رهي ئي ڪانهي. اهي ڄڻ ڪنهن چونڪ تي ٿاٻو کائي ڪري پيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 59:14
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٻہ خبيث ماڻهو، هن جي اڳيان حاضر ڪريو، ۽ اُهي سندس برخلاف شاهدي ڏيئي چون تہ هن خدا تي ۽ بادشاهہ تي لعنت وڌي آهي. ۽ پوءِ اُنهيءَ کي ٻاهر ڪڍي وڃو ۽ سنگسار ڪري ماريوس.


۽ هن جي شهر ماڻهن، يعني اُهي بزرگ ۽ امير جي سندس شهر ۾ رهندا هئا، تن ائين ئي ڪيو جيئن ايزبل چوائي موڪليو هون، ۽ جيڪي انهي خط ۾ لکيل هو جو هن موڪليو هو.


جيڪي بڇڙائيءَ جي پٺيان لڳا آهن سي ويجها پوندا ٿا وڃن؛ پر اهي تنهنجيءَ شريعت کان پري آهن.


۽ تنهن کان سواءِ، سج هيٺان عدالت جي جاءِ ۾ مون ڏٺو تہ اُتي بہ شرارت هئي؛ ۽ سچائيءَ جي جاءِ ۾ ڏٺم تہ شرارت اُتي بہ هئي.


ايماندار شهر جيڪو انصاف سان ڀريل هو ڪيئن نہ زناڪار ٿي پيو آهي! انهي ۾ سچائي رهندي هئي، پر هاڻي انهي ۾ خوني ٿا رهن.


اي سخت دل وارو، اوهين جي راستبازي کان پري آهيو سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو:


جي شريرن کي انعام جو حقدار ٿا ڄاڻن ۽ سچي کان سچائي کسيو ٿا وٺن!


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو ڊاک جو منهہ اسرائيل جو گهراڻو آهي، ۽ يهوداهہ جا ماڻهو انهيءَ جا وڻندڙ ٻوٽا آهن: ۽ هن انصاف جي اُميد رکي، پر ڏس ظلم؛ سچائيءَ جي اميد رکي، پر ڏس دانهن.


اسين سڀ رڇن وانگي گجگوڙ ڪريون ٿا: ۽ ڳيرن وانگي اوساريون ٿا: اسين انصاف جي واٽ تڪيون ٿا، پر اهو نہ ٿو لڀي؛ نجات جا منتظر آهيون، پر اها اسان کان پري آهي.


ڪوبہ راستيءَ سان دعويٰ نٿو ڪري، ۽ ڪوبہ سچائيءَ سان حجت نٿو ڪري: اهي اجاين ڳالهين تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين؛ انهن جي پيٽ ۾ دغا آهي، ۽ هو بدڪاري ٿا ڄڻين.


تنهن ڪري انصاف اسان کان پري آهي، ۽ سلامتي اسان تائين نٿي پهچي: اسين سوجهري لاءِ نهاريون ٿا، پر اوندهہ ٿا ڏسون؛ روشنائيءَ لاءِ ٿا نهاريون، پر انڌڪار ۾ ٿا هلون.


نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟


۽ تون هنن کي چئُہ تہ هي اُها قوم آهي، جنهن خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌو آهي، ۽ نہ ڪا سيکت حاصل ڪئي اٿن: سچائي ناس ٿي ويئي آهي، ۽ هنن جي وات مان اُها نڪري ويئي آهي.


۽ لشڪر، انهي مدامي سوختني قربانيءَ سميت، گناهہ جي سبب، انهي جي حوالي ڪيو ويو؛ ۽ انهي سچائيءَ کي هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو، ۽ جيئن وڻيس تيئن ٿي ڪيائين، ۽ ڪامياب پئي ٿيو.


جڏهن مون اسرائيل کي ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ ٿي گهريو، تڏهن افرائيم جي بدڪاري، ۽ سامريہ جي شرارت ظاهر ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هنن ٺڳيءَ جا ڪم ڪيا آهن: چور اندر لنگهيو اچي، ۽ چورن جي ٽولي ٻاهر پئي ڦري.


تنهنڪري جيترو اوهين غريبن کي لتاڙيندا، ۽ ظلم ڪري انهن جي ڪڻڪ کڻندا، اوترو اوهان جيڪي گهڙيل پٿرن جا گهر ٺاهيا آهن تن ۾ اوهين نہ رهندا، ۽ جيڪي اوهان مزي جهڙا ڊاک جا منهہ پوکيا آهن، انهن جو شراب اوهين نہ پيئندا.


اوهين جي عدالت کي ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ٿا ڇڏيو، ۽ سچائيءَ کي زمين تي اُڇلائي ٿا ڇڏيو؛


گهوڙا ٽڪر تي ڊوڙندا ڇا؟ اُتي ڪو ڍڳن سان هر ڪاهي سگهبو ڇا؟ اوهان عدالت ڦيرائي زهر ڪري ڇڏي آهي، ۽ سچائيءَ جو ميوو ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ڇڏيو.


تنهنڪري قاعدو قانون ڍرو ٿي ويو آهي؛ ۽ پوري عدالت ڪانہ ٿي ٿئي؛ ڇالاءِ جو شرير سچن کي گهيري ٿا وڃن، تنهنڪري عدالت ڏنگي ٿي ويئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ