يسعياہ 59:13 - Sindhi Bible13 جو اسان قصور ڪيو آهي، ۽ خداوند جا منڪر ٿيا آهيون، ۽ پنهنجي خدا جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون، ۽ ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون، ۽ ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ ٿا رٿيون ۽ زبان سان ظاهر ٿا ڪريون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible13 بيشڪ اسان تو خدا جو قصور ڪيو آهي، تنهنجا باغي بڻيا آهيون، ۽ تنهنجي حڪمن جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون. هن ڪري جو اسين ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون. اسين ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ رٿيون ٿا، ۽ اهي ئي زبان تي آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ جيڪي اوهان مان ڀڄي نڪرندا، سي جن قومن ۾ قيد ٿي کڄي ويندا، تن ۾ مون کي ياد ڪندا، تہ ڪيئن نہ مون سندن زناڪار دل، جا مون کان پري ٿي آهي، ۽ سندن اکيون، جي سندن بُتن جي پٺيان زناڪاري ڪنديون وتن، تن کي ڀڃي ڇڏيو آهي: ۽ جيڪي خرابيون هنن پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن سان ڪيون آهن، تن جي ڪري هو خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي نفرتي ڄاڻندا.