Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 58:7 - Sindhi Bible

7 اهو روزو ناهي ڇا تہ تون پنهنجي ماني بکين کي ڏين، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گهر وٺي اچين؟ ۽ جڏهن ڪو اُگهاڙو ڏسين تہ انهي کي ڪپڙا ڍڪائين؛ ۽ پنهنجي هم جنس کان منهن نہ لڪائين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اهو ئي تہ حقيقي روزو آهي جو اوهين پنهنجي ماني بکين کي ڏيو، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گھر وٺي اچو. جڏهن ڪو اگھاڙو ڏسو تہ انهيءَ کي اوهين ڪپڙا ڍڪايو، ۽ پنهنجي مٽن مائٽن جي مدد ڪرڻ کان انڪار نہ ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 58:7
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لوط ٻاهر وڃي پنهنجي ناٺين، جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي، تن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي، ۽ چيائين تہ اُٿو هن هنڌان نڪري وڃو؛ ڇالاءِ جو خداوند هي شهر برباد ڪندو. پر سندس ناٺين سمجهيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.


۽ چيائين تہ اي منهنجا سائين، هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي جي گهر هلي رات اتي رهو، ۽ پنهنجا پير ڌوئو، ۽ صبح جو سوير اٿي، پنهنجي واٽ وٺجو. پر هنن چيو تہ نہ اسين سڄي رات هتي گهٽيءَ ۾ گذارينداسين.


۽ جن ماڻهن جو ناليوار مٿي ذڪر ڪيو ويو، سي اُٿيا ۽ قيدي ورتائون، ۽ انهن مان جيڪي اُگهاڙا هئا، تن کي انهيءَ لٽ جي مال مان ڪپڙا پهرايائون، ۽ انهن کي سينگاريائون، ۽ جُتي پارايائون، ۽ کارايائون، پياريائون ۽ تيل مکيائون، ۽ جيڪي منجهن ضعيف هئا تن کي گڏهن تي چاڙهي کجين جي وڻن جي شهر، يعني يريحو تائين پنهنجن ڀائرن وٽ آندائون: پوءِ هو موٽي سامريہ ڏي ويا.


انهيءَ هوندي بہ اسان جو جسم اسان جي ڀائرن جي جسم جهڙو آهي، ۽ اسان جا ٻار هنن جي ٻارن جهڙا آهن: ۽ ڏسو، اسين پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي غلام ٿيڻ لاءِ بند ۾ ٿا وجهون، ۽ ڪي اسان جون ڌيئرون تہ اڳيئي غلاميءَ ۾ ويون آهن؛ ۽ اسان جو ڪو وس ڪونہ ٿو هلي، ڇالاءِ جو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا ڊاک جا منهہ ٻين هٿ ڪيا آهن.


تو ٿڪلن کي پيئڻ لاءِ پاڻي نہ ڏنو آهي، ۽ تو بکايلن جي ماني روڪي ڇڏي آهي.


هن سخاوت سان محتاجن کي ڏنو آهي؛ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم رهندي: هن جو سڱ عزت سان مٿي ڪيو ويندو.


رحم وارو ماڻهو خود پنهنجي جان سان ڀلائي ڪري ٿو: پر جيڪو ظالم آهي سو پنهنجي جسم کي تڪليف ۾ وجهي ٿو.


جنهن جي اک سخا واري آهي سو برڪت وارو ٿيندو: ڇالاءِ جو هو پنهنجي مانيءَ مان غريبن کي ٿو ڏئي.


جيڪي موت ڏي کڄيو ٿا وڃن تن کي ڇڏاءِ، ۽ جيڪي قتل ٿيڻ لاءِ تيار آهن تن کي پٺ تي هٽائڻ جي ڪوشش ڪر.


جيڪڏهن تنهنجو دشمن بکايل هجي تہ انهيءَ کي کائڻ لاءِ ماني ڏي، ۽ جي هو اُڃايل هجي تہ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏينس.


جيڪو غريبن کي ٿو ڏئي تنهن کي ڪمي نہ ٿيندي، پر جيڪو پنهنجون اکيون لڪائي ٿو تنهن تي گهڻي لعنت پوندي.


جيڪڏهن تون پنهنجيءَ دل سان بکين ڏانهن رغبت ڪندين، ۽ ڏکويل روح کي آسودو ڪندين؛ تہ تنهنجي روشنائي اوندهہ ۾ چمڪندي، ۽ تنهنجو انڌڪار ٻنپهرن جهڙو ٿيندو:


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين عدالت ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو: ۽ مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زال سان ناحق ۽ ظلم نہ ڪريو، نڪي هن هنڌ بي گناهہ جو رت هاريو.


۽ نہ ڪنهن سان برائي ڪئي اٿس، نڪي ڪجهہ گروي ورتو اٿس، نڪي زور زبردستيءَ سان ڦرلٽ ڪئي اٿس، پر پنهنجي ماني بکايلن کي ڏني اٿس، ۽ اُگهاڙن کي ڪپڙو ڍڪايو اٿس.


۽ هن ڪنهن سان برائي نہ ڪئي هوندي، پر قرضدار کي سندس شيءِ موٽائي ڏني هوندائين، ڪنهن کي زور زبردستي سان نہ ڦريو لٽيو هوندائين. ۽ پنهنجي ماني بکايلن کي کارائي هوندائين ۽ اُگهاڙن کي ڪپڙو ڍڪايو هوندائين؛


تنهنڪري، اي بادشاهہ، تون منهنجي نصيحت قبول ڪر، ۽ پنهنجن گناهن کي سچائي سان، ۽ پنهنجن خطائن کي غريبن تي رحم ڪرڻ سان پري ڪر، شايد انهي ڪري تنهنجو سک ۽ آرام گهڻي تائين هلي.


پر جيڪي اندر جو آهي سو خيرات ڪري ڇڏيو؛ تہ ڏسو، سڀ ڪجهہ اوهان لاءِ پاڪ ٿيندو.


پوءِ زڪي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند کي چيائين تہ ڏس، اي خداوند، آئون پنهنجو اڌ مال غريبن کي ٿو ڏيان، جي ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪي ناحق ورتو اٿم، تہ انهي کي چئوڻو ڪري موٽائي ٿو ڏيان.


هن وراڻي ڏيئي چين، تہ جنهن وٽ ٻہ ڪوٽ هجن، سو جنهن وٽ نہ هجي تنهن کي ڏئي، ۽ جنهن وٽ کاڌو هجي سو بہ ائين ئي ڪري.


۽ جڏهن انهيءَ، توڙي سندس گهر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي، تڏهن اسان کي منٿ ڪري چوڻ لڳي تہ جيڪڏهن اوهين مون کي خداوند جي ايماندار بندي ڪري ٿا سمجهو، تہ منهنجي گهر هلي رهو. ۽ زور ڪري اسان کي وٺي ويئي.


۽ هنن کي پنهنجي گهر آڻي سندن اڳيان ماني رکيائين، ۽ پاڻ ۽ سندس سارو گهراڻو، جن خدا تي ايمان آندو هو، سي ڏاڍو خوش ٿيا.


پاڪ ٿيلن جون احتياجون رفع ڪريو؛ مهمان نوازيءَ جا عادتي ٿيو.


تون پنهنجي ڀاءُ جو ڏاند يا رڍ رلندي ڏسين، تہ ڏٺي اڻ ڏٺي نہ ڪج: پر تون ضرور ورائي آڻي پنهنجي ڀاءُ کي ڏج.


جا چڱن ڪمن جي ڪري مشهور هجي؛ ٻارن کي پاليو هجيس، مسافرن جي مهمان نوازي ڪئي هجيس، پاڪ ٿيلن جا پير ڌوتا هجنس، ڏکويلن جي مدد ڪئي هجيس، سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سعيي سان لڳي هجي.


ڇالاءِ جو مون کي تنهنجي محبت جي ڪري گهڻي خوشي ۽ تسلي ٿي آهي: اي ادا، تنهنجي ڪري ئي پاڪ ٿيلن جون دليون تازيون ٿيون آهن.


آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ سڪم جي سڀني ماڻهن کان پڇي ڏسو تہ اوهان جي لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي تہ يروبعل جا سڀ پٽ، جي ستر ڄڻا آهن، سي اوهان تي حڪم هلائين، يا هڪڙو ئي ماڻهو اوهان جو حاڪم ٿئي؟ هيءَ ڳالهہ بہ ياد رکو تہ آءٌ اوهان جو هڏ ۽ رت آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ