Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 58:3 - Sindhi Bible

3 هو چون ٿا تہ اسين ڇو روزا ٿا رکون جڏهن تون اهي نٿو ڏسين؟ اسين ڇو پنهنجيءَ جان کي ڏک ٿا ڏيون جڏهن تون انهي جي خبر نٿو رکين؟ ڏسو پنهنجي روزي جي ڏينهن اوهين پنهنجي خوشي پوري ٿا ڪريو، ۽ زوريءَ ٻين کان ٿا وٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن بہ اهي ائين چوندا ٿا رهن تہ ’اسين ڇو روزا رکون، جڏهن تہ خداوند انهن تي ڪو ڌيان ئي نہ ٿو ڏئي؟ اسين ڇو پنهنجي جان کي ڏک ڏيون، جڏهن تہ هو انهيءَ جي خبر ئي نہ ٿو رکي؟‘“ خداوند کين ورندي ڏيئي چوي ٿو تہ ”حقيقت هيءَ آهي جو پنهنجي روزي جي ڏينهن اوهين رڳو پنهنجو مطلب پورو ٿا ڪريو، ۽ پنهنجي نوڪرن کان سخت ڪم ٿا وٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 58:3
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانپوءِ، اهوا نديءَ وٽ مون روزو رکڻ جو اشتهار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاڻ کي پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻا ڪريون، ۽ انهيءَ کان پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ، سنئون رستو گهرون، ۽ پنهنجي مال ملڪيت لاءِ بہ سوال ڪريون.


تڏهن مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو، ۽ اميرن ۽ حاڪمن سان بحث هلايم، ۽ چيومان تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ کان وياج ٿو وٺي، ۽ مون انهن جي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي.


ڇالاءِ جو هن چيو آهي تہ ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي تہ خدا سان پاڻ کي خوش رکي.


جڏهن مون روئي ۽ روزو رکي پنهنجيءَ جان کي ڏک ڏنو، تڏهن انهيءَ لاءِ بہ مون کي مهڻا مليا.


جيڪو شريعت جي ٻڌڻ کان پنهنجو ڪن ڦيرائي ٿو، تنهنجي دعا بہ نفرت جهڙي آهي.


۽ انهي ڏينهن خداوند، لشڪرن جي خداوند، اوهان کي رئڻ ۽ ماتم ڪرڻ لاءِ، ۽ مٿي ڪوڙائڻ ۽ چيلهہ تي کٿي ٻڌڻ لاءِ سڏيو:


۽ ڏسو، خوشي ۽ سرهائي، ۽ ڏاندن کي ڪهڻ، ۽ رڍن کي ذبح ڪرڻ ۽ گوشت کائڻ ۽ شراب پيئڻ: اچو تہ کائون ۽ پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي اسين مرنداسين.


آءٌ پنهنجيءَ اُمت سان ڪاوڙيل هوس، مون پنهنجيءَ ميراث کي پليت ڪيو، ۽ انهن کي تنهنجي حوالي ڪيم: تو انهن تي رحم نہ ڪيو؛ تو ٻڍن تي بہ پنهنجي ڳري پاڃاري رکي.


اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو: تہ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ اوهان مان هرڪو ماڻهو، پوءِ اهو اوهان جي ملڪ جو هجي، يا پرديسي، جو اوهان منجهہ اچي رهيو هجي، مطلب تہ اوهين سڀيئي پنهنجي روح جي رياضت ڪجو، ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو:


اهو اوهان جي آرام لاءِ پاڪ سبت آهي، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي.


انهي ستين مهيني جو ڏهون ڏينهن ڪفاري جو ڏينهن آهي: انهي ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿئي، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ ۽ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو.


اوهان چيو آهي تہ خداوند جي خدمت چاڪري ڪرڻ اجائي آهي: ۽ لشڪرن جي خداوند جو حڪم مڃڻ، ۽ سندس اڳيان ماتم ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو آهي؟


۽ خدا بلعام کي گڏيو: ۽ هن چيس، تہ مون ست قربانگاهون تيار ڪيون آهن، ۽ هرهڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گهٽي جي قرباني چاڙهي اٿم.


پر هن جواب ڏيئي پيءُ کي چيو، تہ ڏس، هيترا سال آئون تنهنجي خدمت ۾ رهيو آهيان، ۽ ڪڏهن تنهنجي چئي کان ٻاهر نہ ويو آهيان: تہ بہ تو مون کي هڪڙو ڇيلو بہ نہ ڏنو، تہ آئون پنهنجن سنگتين سان وڃي خوشي ڪريان:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ