Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 57:6 - Sindhi Bible

6 وادين جي لسن پهڻن ۾ تنهنجو حصو آهي؛ اُهي تنهنجي نصيب ۾ آهن: انهن ئي جي لاءِ تو پيئڻ واري قرباني اوتي آهي، ۽ نذرانو پيش ڪيو اٿيئي. انهن ڳالهين هوندي منهنجي ڪاوڙ ٿڌي ٿيندي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اوهين برساتي نهرن مان لسا پٿر کڻي انهن کي معبود بڻائي سندن پوڄا ٿا ڪريو. هائو، انهن لاءِ ئي اوهين اوتڻ واري قرباني ۽ نذرانا پيش ٿا ڪريو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ انهن ڳالهين کان آءٌ خوش ٿيندس؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 57:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوهين جي خداوند کي ڇڏيو ٿا، جي منهنجي پاڪ جبل کي وساريو ٿا، ۽ جي نصيب جي جنتري ٺاهيو ٿا، ۽ جي قسمت لاءِ گڏيل شراب جو پيالو ٿا ڀريو؛


ڍڳي جو ذبح ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ وارو؛ گهيٽي جي قرباني ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو ڪتي جي سسي وڍڻ وارو؛ نذرانو پيش ڪندڙ اهڙو آهي جهڙو سوئر جو رت پيش ڪرڻ وارو؛ لوبان ساڙيندڙ اهڙو آهي جهڙو بت کي مبارڪ چوڻ وارو: هائو، انهن پنهنجا رستا پسند ڪيا آهن، ۽ انهن جو روح سندن ڪراهت وارين شين سان راضي ٿو رهي؛


۽ يروشلم جا گهر ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا گهر، جي ناپاڪ ٿيا آهن، سي توفت جي جاءِ جهڙا ٿيندا؛ يعني اُهي سڀ گهر جن جي ڀتين تي هنن آسمان جي سڄي لشڪر لاءِ لوبان ساڙيو آهي، ۽ پيئڻ واريون قربانيون معبودن لاءِ اوتيون اٿن،


۽ هيئن ٿيو تہ اُن جي زناڪاريءَ جي هلڪائيءَ ڪري زمين پليت ٿي، ۽ هن پٿرن ۽ بنڊن سان زنا ڪئي:


۽ جيڪي ڪسدي هن شهر سان وڙهن ٿا سي اچي هن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ اُهي گهر بہ جن جي ڇتين تي هن بعل جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون پئي هاريون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


خداوند ٿو فرمائي تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، ۽ پيءُ باهہ ٻاري ٿو، ۽ زالون اٽو ڳوهين ٿيون، تہ آسمان جي راڻي لاءِ لوليون پچائين؛ ۽ ٻين معبودن لاءِ پيئڻ وارا نذرانا اوتين، انهي لاءِ تہ مون کي ڪاوڙ ڏيارين.


خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ هنن کي سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


باقي اوهين، سو اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا اوهان جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ هن کانپوءِ جي اوهين منهنجي ٻڌڻ نہ گهرندا، تہ اوهان مان هرڪو وڃي پنهنجن بُتن جي عبادت ڪري: پر پنهنجن نذرانن سان ۽ پنهنجن بُتن سان اوهين منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ڪندا.


افسوس انهي تي، جو ڪاٺ کي ٿو چوي تہ جاڳ، ۽ گونگي پٿر کي تہ اُٿ! هن مان ڪا تعليم ملندي ڇا؟ ڏس، هن تي سون ۽ چاندي چڙهيل آهي، ۽ انهي منجهہ ساهہ ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ