21 منهنجو خدا فرمائي ٿو تہ شريرن کي آرام ڪونهي.
21 انهن بدڪار ماڻهن لاءِ ڪا سلامتي ڪونهي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يورام ياهوءَ کي ڏٺو تڏهن پڇڻ لڳو تہ اي ياهو، خير سلامتي تہ آهي؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيسين تنهنجي ماءُ ايزبل جون زناڪاريون ۽ انهيءَ جون جادوگريون ايتريون هونديون تيسين خير سلامتي ڪهڙي آهي؟
ٻرحال شرير جا! هن سان برائي ٿيندي: ڇالاءِ جو هن جي ڪمن جو بدلو هن کي ڏنو ويندو.
خداوند فرمائي ٿو تہ شريرن جي لاءِ سلامتي ڪانهي.
پر مون چيو تہ مون اجائي محنت ڪئي آهي، مون پنهنجي طاقت اجائي ۽ ناحق وڃائي آهي: انهي هوندي بہ يقيناً منهنجو انصاف خداوند وٽ آهي، ۽ منهنجو اجر منهنجي خدا وٽ آهي.
سلامتيءَ جي رستي جي انهن کي خبر ڪانهي؛ ۽ انهن جي هلت چلت ۾ انصاف ڪونهي: انهن پنهنجي لاءِ ڏنگيون واٽون جوڙيون آهن؛ جيڪو انهن تي هلي ٿو تنهن لاءِ سلامتي ڪانهي.
يعني اسرائيل جا نبي جي يروشلم جي نسبت ۾ نبوت ڪن ٿا، ۽ ان جي خير سلامتيءَ جا رويا ڏسن ٿا، پر خير سلامتي آهي ئي ڪونہ؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.