Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 57:2 - Sindhi Bible

2 هو سلامتيءَ ۾ داخل ٿو ٿئي؛ جيڪي بہ پنهنجي سچائيءَ تي هلن ٿا سي پنهنجن بسترن تي آرام ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پر اهي نيڪيءَ واري زندگي گذارڻ وارا مرڻ بعد سلامتي ۽ آرام ٿا حاصل ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 57:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابرام نوانوي ورهين جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان، تون منهنجي حضور ۾ هل ۽ ڪامل ٿيءُ.


۽ هن کي خود سندس قبر ۾ دفن ڪيائون جا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ کوٽائي هئي، ۽ هن کي انهيءَ بستري تي سمهاريائون جو خوشبوين ۽ قسمين قسمين مصالحن سان ڀريل هو، جي عطارن هنر سان جوڙيا هئا: ۽ هن جي لاءِ تمام وڏا مچ ٻاريائون.


اتي شرير ماڻهو تڪليف پهچائڻ کان بس ٿا ڪن؛ ۽ اتي ٿڪل ماڻهو آرام ٿا وٺن.


ڪامل ماڻهوءَ تي نظر ڪر، ۽ سچار کي ڏس: ڇو تہ هن جي پڇاڙيءَ ۾ سلامتي آهي.


۽ مٽي زمين ۾ موٽندي جيئن اصل هئي، ۽ روح خداوند وٽ موٽندو، جنهن ڏنو هو.


قومن جي سڀني بادشاهن مان سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر عزت آبرو سان سمهي ٿو.


سچار جو رستو سنئون آهي: تون جو راستباز آهين، سو سچار کي واٽ ڏيکارين ٿو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رستن تي بيهي ڏسو، ۽ جهونين واٽن ۾ پڇا ڪريو، تہ چڱو رستو ڪٿي آهي، پوءِ انهي تي هلو تہ اوهان جا روح آرام پائيندا: پر هنن چيو تہ اسين انهي تي نہ هلنداسين.


هنن ان جو بسترو سندس ڪل جماعت سان گڏ ڪُٺلن جي وچ ۾ رکيو آهي؛ اُن جون قبرون سندس آس پاس آهن: اُهي سڀ اڻ طهريل ۽ ترار سان ماريل آهن؛ ڇالاءِ جو انهن جو خوف جيئرن جي زمين ۾ پيو هو، ۽ هنن پنهنجي خواري انهن سان گڏ کنئي آهي، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن: هو انهن جي وچ ۾ رکيو ويو آهي، جي قتل ٿيل آهن.


پر تون پنهنجي واٽ وٺيو هليو وڃ، جيستائين پڇاڙي ٿئي: ڇالاءِ جو تون آرام ڪندين، ۽ انهن ڏينهن جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي ميراث ۾ بيهندين.


سندس ڌڻيءَ کيس چيو تہ شاباس اٿيئي اي نيڪ ۽ ايماندار نوڪر: تون ٿوري ۾ ايماندار رهيو آهين، سو آئون توکي گهڻي جو مختيار ڪندس: تون پنهنجي ڌڻيءَ جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيءُ.


اُهي ٻئي خدا جي حضور ۾ راستباز، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قاعدن تي بي قصور هلندڙ هئا.


۽ هيئن ٿيو جو اُهو فقير مري ويو، ۽ ملائڪن کڻي وڃي ابراهيم جي هنج ۾ رکيس؛ ۽ شاهوڪار بہ مري ويو، ۽ وڃي دفن ڪيائونس.


”اي مالڪ هاڻي تون پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي قول پٽاندر سلامتيءَ سان موڪل ٿو ڏين:


پر هن انهيءَ زال کي چيو، تہ تنهنجي ايمان توکي بچايو آهي، سلامت هلي وڃ.


ڇالاءِ جو اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪڏهن اسان جو هيءُ تنبوءَ جهڙو خاڪي گهر ڊاهيو ويندو، تہ اسان کي خدا کان آسمان تي هڪڙي اهڙي عمارت ملندي جا هٿن سان جوڙيل نہ آهي، پر هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.


مطلب تہ اسان کي پوري همت آهي ۽ اسين بدن مان ڇُٽي خداوند وٽ رهڻ زيادہ پسند ٿا ڪريون.


پر آئون ٻنهي جي وچ ۾ ڦاٿل آهيان، جو منهنجي خواهش آهي تہ هتان رحلت ڪري وڃان ۽ وڃي مسيح سان گڏجان؛ ڇالاءِ جو اهو سڀ کان بهتر آهي:


۽ مون آسمان مان هڪڙو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ لک، تہ مبارڪ آهن اُهي مُردا جي اڄ کان وٺي مسيح ۾ ٿا مرن؛ روح چوي ٿو تہ هائو، هو پنهنجي پورهئي کان ڇُٽا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پنهنجن ڪمن جي ياداشت پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ