Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 57:13 - Sindhi Bible

13 جڏهن دانهن ڪنديئن، تڏهن جيڪي تو گڏ ڪيا آهن، سي ڀلي توکي ڇڏائين؛ پر واءُ انهن کي کڻي ويندو: هڪڙي ڦوڪ انهن سڀني کي اُڏائي ڇڏيندي: پر جيڪو مون تي ڀروسو رکندو سو زمين جو مالڪ ٿيندو، ۽ منهنجي پاڪ جبل جو وارث ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 مصيبت جي وقت جڏهن اوهين مدد لاءِ دانهون ڪندا، تڏهن ڀلي تہ اوهان جا معبودن وارا گڏ ڪيل اهي بت اچي اوهان کي بچائين. ياد رکو، انهن سڀني کي تہ هڪڙي ڦوڪ ئي اُڏائي ڇڏيندي. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجي حفاظت لاءِ مون وٽ ايندا، تہ پوءِ منهنجي پاڪ جبل، بلڪ هن سڄي ملڪ جا اوهين وارث ٿيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 57:13
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اليشع اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ منهنجو توسان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون پنهنجي پيءُ جي، ۽ پنهنجي ماءُ جي نبين وٽ وڃ. ۽ اسرائيل جي بادشاهہ هنن کي چيو تہ ائين نہ ٿيندو: ڇالاءِ جو خداوند هنن ٽنهي بادشاهن کي گڏ سڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي موآب جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏي.


۽ اهي واءُ جي سامهون سڪل ٻٿ وانگر آهن، ۽ انهيءَ بهہ وانگر، جنهن کي طوفان اُڏائي ڇڏي ٿو.


پر بڇڙن جو حال اهڙو نہ آهي؛ اهي بهہ وانگي آهن جنهن کي واءُ اڏايو ڇڏي.


خداوند تي ڀروسو رکڻ انسان تي آس رکڻ کان چڱو آهي.


جن جو ڀروسو خداوند تي آهي سي صيون جبل جهڙا آهن، جو هٽجي نٿو سگهي، پر هميشہ قائم آهي.


پر حليم ماڻهو زمين جا وارث ٿيندا؛ ۽ ججهي سلامتيءَ جي ڪري سرها ٿيندا.


ڇو تہ جن تي هن جي برڪت آهي سي زمين جا وارث ٿيندا؛ ۽ جن تي سندس لعنت آهي سي تباهہ ٿي ويندا.


راستباز ماڻهو زمين جا وارث ٿيندا، ۽ سدائين منجهس رهندا.


تون خداوند تي ڀروسو رکي ڀلائي ڪر؛ ۽ ملڪ ۾ رهي ايمانداريءَ سان هل.


خداوند جي انتظار ۾ رهہ، ۽ هن جي واٽ تي هل، ۽ هو توکي زمين جي وارث ٿيڻ لاءِ سرفراز ڪندو: ۽ جڏهن بڇڙا تباهہ ٿيندا، تڏهن تون اُهو ڏسندين.


ڇالاءِ جو بدڪار تباهہ ٿي ويندا: پر جيڪي خداوند جا منتظر آهن سي زمين جا وارث ٿيندا.


اوهان جي ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو سيڪ اچي، تنهن کان اڳي هو انهن ساون ۽ سڪن کي واچوڙي سان اُڏائي کڻي ويندو.


اي لشڪرن جا خداوند، جنهن ماڻهوءَ جو ڀروسو توتي آهي سو مبارڪ آهي.


جيڪو لالچي طبيعت جو ماڻهو آهي سو جهيڙو اُٿاري ٿو، پر جيڪو پنهنجو ويساهہ خداوند ۾ رکي ٿو سو ٿلهو ٿيندو.


منهنجي پاڪ جبل ۾ هو نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا، نہ ماري وجهندا: ڇالاءِ جو زمين خداوند جي علم سان ڀرپور ٿي ويندي، جيئن پاڻي سمنڊ کي ڍڪي ڇڏي ٿو.


تڏهن قوم جي قاصدن کي ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هيءُ تہ خداوند صيون جو بنياد وڌو آهي، ۽ انهيءَ ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.


جڏهن خوفناڪ ماڻهن جو جهوٽو ڀت تي لڳندڙ طوفان وانگي آهي، تڏهن تون غريبن جي لاءِ مضبوط قلعو، ۽ محتاج جي لاءِ سندس مصيبت ۾ آسرو، طوفان کان پناهہ ۽ گرميءَ کان بچائڻ لاءِ پاڇو آهين.


هائو، اهي ٿڏن وانگي نہ لڳايا ويا آهن؛ هائو، اهي نہ پوکيا ويا آهن؛ هائو، هنن جي ٿُڙ زمين ۾ پاڙ نہ هنئي آهي: تنهن کان سواءِ هو انهن تي ڦوڪي ٿو ۽ اهي ڪومائجي وڃن ٿا، ۽ واچوڙو انهن کي بهہ وانگي کڻي ٿو وڃي.


تون انهن کي وائريندين، ۽ واءُ انهن کي کڻي ويندو، ۽ واچوڙو انهن کي پکيڙي ڇڏيندو: ۽ تون خداوند جي ڪري خوشي ڪندين، ۽ اسرائيل جي قدوس جي ڪري وڏائي ڪندين.


اوهين گڏجي اچو؛ اوهين جي قومن مان بچي نڪتا آهيو سي گڏ ٿي ويجها اچو: جيڪي پنهنجيءَ اُڪريل مورت جو ڪاٺ ٿا کڻن، ۽ انهيءَ معبود کان دعا ٿا گهرن جو بچائي نٿو سگهي، سي بي سمجهہ آهن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ قبوليت جي وقت مون تنهنجي اونائي، ۽ نجات جي ڏينهن مون تنهنجي مدد ڪئي: آءٌ توکي سنڀاليندس، ۽ اُمت جي لاءِ توکي عهد ٺهرائيندس، تہ ملڪ کي بحال ڪرين، ۽ ويران ٿيل ميراث، وارثن کي وٺي ڏين؛


تن کي بہ آءٌ پنهنجي پاڪ جبل تي آڻيندس، ۽ پنهنجي عبادتخاني ۾ خوش رکندس؛ انهن جون سوختني قربانيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پونديون: ڇالاءِ جو منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ عبادتگاهہ سڏبو.


تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي.


پر اوهين جي خداوند کي ڇڏيو ٿا، جي منهنجي پاڪ جبل کي وساريو ٿا، ۽ جي نصيب جي جنتري ٺاهيو ٿا، ۽ جي قسمت لاءِ گڏيل شراب جو پيالو ٿا ڀريو؛


خداوند فرمائي ٿو، تہ بگهڙ ۽ گهيٽو گڏ چرندا، ۽ شينهن ڍڳي وانگي گاهہ کائيندو: ۽ مٽي نانگ جو کاڌو ٿيندي. منهنجي سڄي پاڪ جبل ۾ اهي نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا نہ برباد ڪندا.


۽ آءٌ يعقوب مان هڪڙو نسل پيدا ڪندس، ۽ يهوداہ مان پنهنجن جبلن جو هڪڙو وارث: ۽ منهنجا چونڊيل انهي جا وارث ٿيندا، ۽ منهنجا بندا اتي رهندا.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ جيئن بني اسرائيل صاف ٿانوَ ۾ پنهنجي قرباني کڻي خداوند جي گهر ۾ آڻيندا آهن، تيئن اهي اوهان جن سڀني ڀائرن کي سڀني قومن مان گهوڙن تي، ۽ گاڏين ۾، ۽ ڏولين ۾، ۽ خچرن تي، ۽ تکن وهٽن تي چاڙهي، خداوند جي لاءِ نذراني طور منهنجي پاڪ جبل يروشلم ۾ آڻيندا.


پر جيڪي معبود تو پنهنجي لاءِ جوڙيا سي ڪٿي آهن؟ جي اُهي توکي تنهنجي مصيبت جي وقت بچائي سگهن تہ ڀلي اُٿن: ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن.


لبنان تي چڙهي وڃ ۽ وڃي پڪار؛ ۽ بسن ۾ پنهنجو آواز بلند ڪر: ۽ عباريم مان دانهون ڪر؛ ڇالاءِ جو تنهنجا سڀ عاشق ناس ٿي ويا آهن.


واءُ تنهنجن سڀني ڌنارن کي هڪالي ويندو، ۽ تنهنجا عاشق قيدي ٿي ويندا: يقيناً انهيءَ وقت تون پنهنجي شرارت جي ڪري شرمندو ۽ پشيمان ٿيندين.


تنهنجي سڀني عاشقن توکي وساري ڇڏيو آهي؛ اُهي توکي نٿا ڳولين: تنهنجي بيشمار گناهن جي سبب تنهنجو قصور وڏو آهي، انهي ڪري مون توکي دشمن وانگي زخم رسايو آهي، ۽ ظالم وانگي سيکت ڏني اٿم،


ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي پاڪ جبل ۾، يعني اسرائيل جي وڏائيءَ واري جبل ۾، اسرائيل جو گهراڻو، ۽ سڀ ماڻهو، اُٿي انهي ملڪ ۾ منهنجي عبادت ڪندا: ۽ اُتي آءٌ هنن کي قبول ڪندس، ۽ اُتي آءٌ اوهان جون قربانيون ۽ اوهانجن نذرانن جا پهريان ڦر، اوهان جي سڀني پاڪ شين سميت گهري وٺندس.


تنهنڪري هو صبح جي بادل وانگي ٿيندا، ۽ انهي ماڪ وانگر جا سوير ئي گم ٿي وڃي ٿي، ۽ انهن تهن وانگر جي واچوڙي سان اَن ڳاهڻ جي پڙ تان اُڏامي وڃن ٿا، ۽ بخاريءَ مان نڪرندڙ دونهين وانگر.


تڏهن اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، ۽ پنهنجي پاڪ جبل صيون ۾ ٿو رهان: تڏهن يروشلم پاڪ ٿيندو ۽ اڳتي وري ڪي بہ ڌاريا ماڻهو انهيءَ منجهان نہ لنگهندا.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ائين ٿيندو، جيئن مون پڪاريو ۽ هنن نہ ٻُڌو، تيئن هو پڪاريندا ۽ آءٌ نہ ٻُڌندس؛


وڃي انهن پنهنجن معبودن وٽ دانهون ڪريو جي اوهان پسند ڪيا آهن؛ ڀلي تہ مصيبت جي وقت هو اوهان کي بچائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ