Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 57:12 - Sindhi Bible

12 آءٌ تنهنجي راستبازي ظاهر ڪندس؛ پر تنهنجن ڪمن مان توکي ڪوبہ فائدو نہ رسندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 توڙي جو آءٌ کڻي اوهان جون نيڪيون، ۽ چڱايون ظاهر بہ ڪريان، تڏهن بہ انهن مان اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 57:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن تي افسوس آهي، جي پنهنجي مشورت خداوند کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، ۽ جن جا ڪم اونداهيءَ ۾ ٿا ٿين، ۽ چون ٿا تہ ڪير اسان کي ڏسي ٿو؟ ڪير اسان کي سڃاڻي ٿو؟


جيڪي اُڪريل مورتون ٿا ٺاهين، سي سڀ بيهودا آهن؛ ۽ انهن جي وڻندڙ شين مان ڪوبہ فائدو ڪونهي: ۽ انهن جا شاهد نڪي ڏسن ٿا، نڪي ڄاڻن ٿا؛ سي ڀلي شرمندا ٿين.


وڏي سڏ رڙيون ڪر، ڪوبہ سانگو نہ ڪر، تريءَ وانگي پنهنجو آواز بلند ڪر، منهنجيءَ اُمت کي سندس قصور، ۽ يعقوب جي گهراڻي کي سندس گناهہ، ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


جيڪو خوشيءَ سان انهن کي ملي ٿو جي راستبازيءَ جا ڪم ٿا ڪن، ۽ تنهنجين واٽن تي هلي توکي ياد ٿا ڪن: ڏس تون ڪاوڙئين، ڇو تہ اسان گناهہ ڪيا، انهن ۾ اسين گهڻو وقت رهياسين، تنهن ڪري اسان کي نجات ملندي ڇا؟


خود اوهان جين بدڪارين ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو، جن جبلن تي لوبان ساڙيو آهي، ۽ ٽڪرين تي منهنجي لاءِ ڪفر پئي بڪيو اٿن: تنهن ڪري آءٌ پهرين انهن جا ڪم سندس هنج ۾ ماپي ڏيندس.


ڇالاءِ جو آءٌ انهن جا ڪم ۽ انهن جا خيال ڄاڻان ٿو: اهو وقت اچي ٿو جڏهن آءٌ سڀني قومن ۽ ٻولين وارن کي گڏ ڪندس؛ اُهي سڀ ايندا ۽ منهنجو جلال ڏسندا.


اوهين انهن کي هيئن چئو تہ اهڙا معبود جن آسمان ۽ زمين کي پيدا نہ ڪيو آهي سي زمين تان ۽ آسمان جي هيٺان چٽ ٿي ويندا.


سڀڪو ماڻهو جهنگلي ۽ نادان ٿي پيو آهي؛ سڀڪو سونارو پنهنجي اُڪريل مورت جي ڪري شرمندو ٿيو آهي: ڇالاءِ جو سندس پلٽيل مورت ڪوڙ آهي، ۽ منجهن ساهہ ڪونهي.


اهي اجايا آهن، بلڪ فريب ڏيندڙ ڪم آهن: سزا جي وقت اُهي چٽ ٿي ويندا.


اُهي باطل ۽ ٺڳيءَ جو ڪم آهن: جڏهن اُنهن جي خبر لهڻ جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون.


پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.


پر هو پنهنجا سڀ ڪم ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجا تعويذ وڏا ٿا ڪن، ۽ پنهنجن قبائن جون دامنيون ڪشاديون ٿا ڪن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ