Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 57:11 - Sindhi Bible

11 تون ڪنهن کان ڊني آهين، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙ ٿي ڳالهائين، ۽ مون کي ياد نہ ڪيو اٿيئي، نڪي اها ڳالهہ دل تي آندي اٿيئي؟ آءٌ گهڻن ڏينهن کان ماٺ ڪندو نہ آيو آهيان ڇا، ۽ انهي ڪري تون مون کان نٿي ڊڄين ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اي بني اسرائيل! ڀلا اوهين ڪنهن کان ٿا ڊڄو، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙن معبودن کي ٿا پوڄيو، ۽ مون کي ياد بہ نہ ٿا ڪريو، نڪي پنهنجيءَ دل ۾ مون بابت سوچو ٿا؟ ڇا اهو سڀ هن ڪري نہ آهي جو آءٌ گھڻي عرصي کان ماٺ آهيان، ۽ اوهان کي ڪا سزا ڪانہ ڏني اٿم؟ اهو ئي سبب آهي جو اوهين مون کان نہ ٿا ڊڄو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 57:11
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو اُهي ڪم ڪيا ۽ آءٌ ماٺ ۾ رهيس؛ تو ڀانئيو تہ آءٌ بلڪل تو جهڙو آهيان: پر آءٌ توکي سيکت ڏيندس، تنهنجا ڪم تنهنجين اکين اڳيان آڻيندس.


پر اُنهن پنهنجي وات سان هن جي خوشامد ڪئي، ۽ پنهنجيءَ زبان سان هن جي اڳيان ڪوڙ ڳالهايائون.


ماڻهوءَ جو ڊپ هڪڙو ڦانڌو آڻي ٿو، پر جيڪو پنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿو رکي سو سلامت رهندو.


ڇالاءِ جو خراب ڪم جي سزا جلد تعميل نہ ٿي ٿئي، تنهن ڪري انسان جي دل خراب ڪم ڪرڻ تي پڪيءَ طرح ڄمي ٿي وڃي.


ڀلي تہ شرير سان مروت ڪرڻ ۾ اچي، انهي هوندي بہ هو سچائي نہ سکندو؛ سچائيءَ جي ملڪ ۾ هو برائي جي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي عظمت تي نظر نہ ڪندو.


ڇالاءِ جو اها باغي اُمت آهي، ۽ ڪوڙا ٻار آهن، اهڙا ٻار جي خداوند جي شريعت نٿا ٻڌن:


آءٌ گهڻو وقت ماٺ ڪري ويٺو آهيان؛ مون صبر ڪري پاڻ کي پئي روڪيو آهي: هاڻي آءٌ سورائتيءَ زال وانگي رڙيون ڪندس؛ آءٌ سهڪندس ۽ اُڀا ساهہ کڻندس.


هو رک کائي ٿو: ٺڳيل دل هن کي اهڙو گمراهہ ڪيو آهي جو هو پنهنجو روح ڇڏائي نٿو سگهي، ۽ نڪي چوي ٿو تہ منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڪوڙ ناهي ڇا؟


۽ تو چيو تہ آءٌ هميشہ لاءِ بيگم ٿي رهنديس: جنهن ڪري تو اهي ڳالهيون دل تي نہ رکيون ۽ نہ تو انهن جي پڇاڙي ياد ڪئي.


ڪا ڪنواري پنهنجا ڳهہ ڳٺا، يا ڪا ڪنوار پنهنجي پوشاڪ وساري ڇڏيندي ڇا؟ تڏهن بہ منهنجي قوم بيشمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


اُگهاڙين ٽڪرين تي هڪڙو آواز، بني اسرائيل جي روئڻ ۽ منٿ آزيءَ جو آواز، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. ڇالاءِ جو پنهنجي رستي ڏنگي ڪرڻ ڪري هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو آهي.


۽ صدقياہ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ جي يهودي وڃي ڪسدين سان گڏيا آهن تن کان آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو مون کي انهن جي حوالي ڪن ۽ هو مون تي کل ٺٺولي ڪن.


ڇالاءِ جو ڪسدين جي سبب هنن کي ڊپ هو، جو اسماعيل بن نتنياہ، جدلياہ بن اخيقام کي قتل ڪيو هو، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهيءَ زمين تي حاڪم مقرر ڪيو هو.


ڇالاءِ جو اوهان خود پنهنجن دلين ۾ دغابازي ڪئي آهي؛ جو اوهان مون کي خداوند پنهنجي خدا ڏي، هيئن چئي موڪليو تہ خداوند اسان جي خدا کان اسان جي لاءِ دعا گهر؛ ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا فرمائي ان موجب اسان کي خبر ڏي تہ اسين ائين ڪريون:


ڇالاءِ جو ڪوڙ سان، جن سچارن کي مون غمگين نہ ڪيو آهي، تن جي دل کي اوهان رنج ڪيو آهي؛ ۽ شرير جي هٿن کي زور وارو ڪيو اٿوَ، تہ اُهو پنهنجي خراب رستي کان باز نہ اچي ۽ جيئرو نہ رهي.


افرائيم ڪوڙ سان مون کي گهيري ويو آهي، ۽ اسرائيل جو گهراڻو ٺڳيءَ سان: پر يهوداہ اڃا بہ خدا سان حڪمران آهي، ۽ پاڪ خدا سان سچو آهي.


سو مون کي ڊپ ٿيو، تنهنڪري مون وڃي تنهنجو قنطار زمين ۾ لڪائي ڇڏيو: اِجها پنهنجي شيءِ موٽائي وٺ.


پر پطرس چيو تہ اي حننياہ، شيطان ڇو تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال ڀريو آهي، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو، ۽ زمين جي قيمت مان ڪجهہ رکي ڇڏيئي؟


يعني اُهو بي دين، جنهن جو اچڻ شيطان جي تاثير موجب، هر طرح جي طاقت ۽ نشانين ۽ ڪوڙين ڪرامتن سان،


اهو انهن ماڻهن جي رياڪاريءَ ڪري ٿيندو، جي ڪوڙ ٿا ڳالهائين ۽ جن جي دل ڄڻ تہ گرم لوهہ سان ڏنڀيل آهي.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي ايمان، ناپاڪ، خوني، زناڪار، جادوگر، بُت پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جو حصو انهيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندو، جا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري؛ اهو ٻيو موت آهي.


پر ڪتا، ۽ جادوگر، ۽ زناڪار، ۽ خوني، ۽ بُت پرست ۽ اهي سڀيئي جيڪي ڪوڙ کي پسند ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ٺاهين، سي ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ