Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 57:10 - Sindhi Bible

10 تون پنهنجي پنڌ جي گهڻائيءَ ڪري ساڻي ٿي پيئينءَ؛ تڏهن بہ تو نہ چيو تہ انهي مان ڪابہ اُميد ڪانهي: تو پنهنجي خواهش وڌندي ڏٺي؛ تنهن ڪري ساڻي نہ ٿينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جيتوڻيڪ تو اهڙن يارن جي پٺيان ڊوڙندي پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي، تڏهن بہ تون انهن مان سوس نہ ٿي پلين. تنهنجي بڇڙي خواهش تو کي تازگي ٿي بخشي، سو تون ڪڏهن بہ بي‌دل نہ ٿي ٿئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 57:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجين گهڻين مصلحتن منجهہ ٿڪجي پيئي آهين: ڀلي تہ هاڻي نجومي، تارا ڏسندڙ، ۽ ماهواري فالون ويجهندڙ اُٿي بيهن، ۽ جيڪي ڳالهيون توتي اچڻيون آهن، تن کان توکي بچائين.


پر هو چون ٿا تہ ڪابہ اميد ڪانهي: ڇالاءِ جو اسين پنهنجن تجويزن تي هلنداسين، ۽ اسان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي دل جي نٺرائي موجب ڪم ڪندو.


تون بنا نعلن رهڻ کان پنهنجو پير جهل، ۽ پنهنجي نڙيءَ کي اُڃ کان بچاءِ: پر تو چيو تہ اُميد ڪانهي: اصلي نہ؛ ڇالاءِ جو منهنجي ڌارين سان محبت لڳل آهي، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ويندس.


تون پنهنجي رستي بدلائڻ لاءِ ڇو ٿي رلين؟ جيئن تون اسور جي ڪري شرمندي ٿي هئينءَ تيئن مصر جي ڪري بہ شرمندي ٿيندينءَ.


تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو.


اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.


۽ انهن مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي فريب ڏيندو ۽ سچ نہ چوندو: هنن پنهنجي زبان کي ڪوڙ ڳالهائڻ سيکاريو آهي؛ هو گناهہ ڪري پاڻ کي ٿڪائين ٿا.


هن محنت سان پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي: انهي هوندي بہ سندس وڏو ڪٽ منجهانئس ڪين نڪتو آهي؛ هن جو ڪٽ باهہ سان نڪري نٿو وڃي.


ڏس اهو لشڪرن جي خداوند جي طرفان ناهي ڇا تہ ماڻهن جو پورهيو باهہ کي ڏئي، ۽ قومون باطل شين لاءِ هلاڪ ٿين؟


۽ ڪنهن زماني ۾ آئون شريعت کانسواءِ جيئرو هوس، پر جڏهن حڪم آيو، تڏهن گناهہ جيئرو ٿيو، ۽ آئون مري ويس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ