Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 57:1 - Sindhi Bible

1 راستباز تباهہ ٿو ٿئي، ۽ ڪنهن کي بہ اها ڳالهہ دل ۾ نٿي اچي؛ رحم وارا ماڻهو کڄيو وڃن، ۽ ڪنهن کي بہ اهو خيال نٿو اچي تہ راستباز ماڻهوءَ کي خرابيءَ جي ڪري پاسي ڪيو ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 سچار ماڻهو ماريا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ نہ ٿو آڻي. نيڪ ماڻهو هن دنيا مان ختم ٿيندا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ بابت نہ ٿو سوچي. هائو، هِت سچار ماڻهو قيد ٿيو وڃن، جڏهن تہ بڇڙا ماڻهو ڇٽيو وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 57:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سڀ اسرائيلي اُنهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا ۽ اُنهيءَ کي دفن ڪندا؛ ڇالاءِ جو يربعام جي آڪهہ مان اهوئي هڪڙو قبر ۾ پوندو: جو يربعام جي گهراڻي مان خداوند اسرائيل جي خدا جي حق ۾ انهيءَ ۾ ئي ڪا چڱائي لڌي آهي.


تنهنڪري ڏس، آءٌ توکي تنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيندس، ۽ تون سلامتيءَ سان پنهنجي قبر ۾ وڃي دفن ٿيندين، ۽ جيڪا آفت آءٌ هن هنڌ تي آڻيندس سا تون نہ ڏسندين. ۽ هنن اِهو جواب بادشاهہ کي اچي ٻڌايو.


۽ حزقياہ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو، ۽ هن کي دائود جي پٽن جي قبرستان واريءَ چاڙهيءَ تي دفن ڪيائون، ۽ سندس مرڻ مهل ساري يهوداہ ۽ يروشلم جي ماڻهن هن کي تعظيم ڏني، ۽ سندس پٽ منسي سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


ڏس، آءٌ توکي تنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏيندس ۽ تون پنهنجي قبر ۾ آرام سان وڃي پهچندين، ۽ جيڪا خرابي آءٌ هن هنڌ تي ۽ اتي جي رهاڪن تي آڻيندس، سا تون پنهنجين اکين سان نہ ڏسندين. ۽ هنن اها خبر موٽي بادشاهہ کي آڻي ڏني.


تڏهن هن جي نوڪرن کيس گاڏيءَ مان ڪڍيو ۽ ٻي جيڪا سندس گاڏي هئي، تنهن ۾ رکيائونس، پوءِ يروشلم ۾ وٺي آيس، ۽ هو مئو ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو؛ ۽ ساري يهوداہ ۽ يروشلم يوسياہ لاءِ ماتم ڪيو.


اي خداوند، مدد ڪر، ڇو جو ڪوبہ ديندار ماڻهو ڪونہ رهيو آهي؛ بني آدم منجهان ايماندار ماڻهو گهٽجي ويا آهن.


ڪامل ماڻهوءَ تي نظر ڪر، ۽ سچار کي ڏس: ڇو تہ هن جي پڇاڙيءَ ۾ سلامتي آهي.


تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ڪاوڙ جو جوش، ۽ جنگ جو زور انهيءَ تي ليٽائي وڌو؛ جنهن ڪري انهيءَ کي چوڌاري باهہ وڪوڙي وئي، تنهن هوندي بہ انهيءَ کي خبر ڪانہ پئي؛ باهہ ساڙي ڇڏيس تہ بہ هن اها ڳالهہ دل تي نہ رکي.


تنهن ڪري توتي آفت ايندي؛ ۽ توکي خبر ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي جادوءَ سان انهيءَ کي هٽايان: مصيبت توتي اچي ڪڙڪندي؛ ۽ تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگهندينءَ: ويراني اوچتو تنهنجي مٿان اچي پوندي، جنهن جي توکي ڪابہ خبر ڪانهي.


۽ تو چيو تہ آءٌ هميشہ لاءِ بيگم ٿي رهنديس: جنهن ڪري تو اهي ڳالهيون دل تي نہ رکيون ۽ نہ تو انهن جي پڇاڙي ياد ڪئي.


تون ڪنهن کان ڊني آهين، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙ ٿي ڳالهائين، ۽ مون کي ياد نہ ڪيو اٿيئي، نڪي اها ڳالهہ دل تي آندي اٿيئي؟ آءٌ گهڻن ڏينهن کان ماٺ ڪندو نہ آيو آهيان ڇا، ۽ انهي ڪري تون مون کان نٿي ڊڄين ڇا؟


تنهن ڪري هاڻي وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي برخلاف خرابي ٿو آڻيان ۽ اوهان جي برخلاف هڪڙي تجويز ٿو رٿيان: اوهان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچي، ۽ پنهنجي رستن ۽ ڪمن کي سڌاري.


اوهين مئلن جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهن جي لاءِ ماتم ڪريو: پر انهي جي لاءِ زار زار روئو جو هليو ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو وري نہ موٽندو، ۽ نہ وري پنهنجو وطن ڏسندو.


۽ اسرائيل جي ملڪ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ پنهنجي ترار مياڻ مان ڪڍندس، ۽ تو مان سچن کي توڙي شريرن کي وڍي ڇڏيندس.


ديندار ماڻهو زمين مان مارجي نڪري ويو آهي، ۽ ماڻهن ۾ ڪوبہ سچو ڪونهي؛ هو سڀ خون جي لاءِ لڪي ويٺا آهن؛ هنن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار ٿو وجهي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جي اوهين نہ ٻُڌندا، ۽ منهنجي نالي جي تعظيم پنهنجين اکين آڏو نہ رکندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت آڻيندس، ۽ اوهان جي نعمتن تي لعنت وجهندس: بلڪ مون انهن تي اڳيئي لعنت وڌي آهي، ڇالاءِ جو اوهان انهي ڳالهہ کي پنهنجين اکين آڏو نہ رکيو آهي.


ڪير يعقوب جي مٽيءَ جا ذرا ڳڻي سگهندو، يا ڪير اسرائيل جي چوٿين حصي جو شمار ڪري سگهندو؟ شل آءٌ راستبازن وارو موت مران، شل منهنجي پڇاڙي انهن جهڙي ٿئي!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ