Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 56:3 - Sindhi Bible

3 جيڪو پرديسي خداوند سان اچي گڏيو آهي، سو ائين نہ چوي تہ خداوند ضرور مون کي پنهنجي اُمت کان ڌار ڪندو: نڪي نامرد ائين چوي تہ ڏسو آءٌ تہ هڪڙو سڪل وڻ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 جيڪو بہ غير قوم وارو خداوند جي قوم سان اچي شامل ٿيو آهي، سو ائين نہ چوي تہ ”شايد آءٌ خداوند جي قوم کان الڳ ليکيو ويندس.“ نہ ئي وري ڪو نامرد ائين چوي تہ ”ڏسو، آءٌ تہ هڪڙي سڪل وڻ جيان برڪتن کان محروم آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 56:3
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانسواءِ جيڪو پرديسي تنهنجي قوم اسرائيل منجهان ناهي، سو جڏهن ڪنهن پرانهين ملڪ مان، تنهنجي وڏي نالي لاءِ، ۽ تنهنجي ڊگهيريل ٻانهن لاءِ اچي؛ ۽ اچي هن گهر ڏانهن دعا گهري:


يهودين ٺهراءُ ڪيو، ۽ پاڻ تي، ۽ پنهنجي اولاد تي، ۽ جيڪي ساڻن گڏ ٿيا تن سڀني تي، اهو فرض هموار ڪيو، تہ ضرور ان جي لکئي موجب، ۽ ان جي ٺهرايل وقت تي، هر سال اهي ٻہ ڏينهن عيد ڪندا رهن؛


ڇالاءِ جو خداوند کي يعقوب تي رحم ايندو، ۽ هو اڃا بہ اسرائيل کي پسند ڪندو ۽ انهي کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪندو: ۽ پرديسي انهن سان وڃي گڏبا ۽ اهي يعقوب جي گهراڻي سان لاڳو رهندا.


۽ جيڪي پٽ تو مان پيدا ٿيندا، ۽ جن کي تون ڄڻندين، تن مان بہ ڪيترائي هو پاڻ سان وٺي ويندا؛ ۽ اهي بابل جي بادشاهہ جي محلات ۾ ناظر ٿيندا.


تن کي آءٌ پنهنجي گهر ۾، ۽ پنهنجي ڀتين جي اندر اهڙي يادگار ۽ اهڙو نالو ڏيندس جو پٽن ۽ ڌيئرن کان بہ بهتر آهي؛ آءٌ انهن کي هميشہ جٽاءُ ڪندڙ نالو ڏيندس جو تباهہ ڪين ٿيندو.


۽ اهي پرديسي جي خداوند سان گڏجن ٿا، انهي لاءِ تہ سندس خدمت ڪن، ۽ خداوند جي نالي کي پيار ڪن، ۽ سندس بندا ٿين، اهي سڀيئي جي سبت جي ڏينهن کي ناپاڪ ڪرڻ کان بچي ٿا رهن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن؛


هو پنهنجا منهن صيون ڏي ڪري انهي بابت پڇا ڪندا، ۽ چوندا تہ اوهين اچي خداوند سان گڏجو ۽ دائم قائم عهد اقرار ڪريو، جو ڪڏهن بہ وساريو نہ ويندو.


يا جيڪو گڪو يا بندرو هجي، يا جنهن کي اک ۾ ڪو عيب هجي، يا جنهن کي ڏڍ يا خارش هجي، يا جنهن جا آنورا ڦٿل هجن؛


انهي کان سواءِ جيڪي ڌاريا ماڻهو اوهان منجهہ رهندا هجن، تن جي ٻارن مان يا انهن جي خاندانن مان، جي اوهان جي ملڪ ۾ پيدا ٿيا هجن، تن مان اوهين خريد ڪري ٿا سگهو: اهي اوهان جي ملڪيت ٿيندا.


خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا.


۽ اهي تو سان شامل ٿي، جماعت واري تنبوءَ جي حفاظت ڪن، ۽ انهي تنبوءَ جي سڀڪا خدمت ڪن، ۽ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو اوهان جي ويجهو نہ اچي.


پر تون ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ، قربانگاهہ ۽ پردي جي اندر جي سڀ ڪم ڪار لاءِ، پنهنجي ڪهانت قائم رکجو، ۽ خدمت ڪجو: آءٌ ڪهانت جي خدمت اوهان کي بخشش طور ٿو ڏيان، ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو سو ماريو ويندو.


تڏهن پطرس پنهنجو وات کولي چوڻ لڳو تہ مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي پاسخاطري نٿو ڪري؛


۽ منجهانئن ڪن مڃيو، ۽ پولس ۽ سيلاس سان اچي گڏيا؛ ۽ گهڻا ئي ديندار يوناني ۽ ڪيتريون ئي شريف زالون بہ ساڻن گڏ شامل ٿيون.


پوءِ هو اتان هليو ويو، ۽ هڪڙي شخص طيطس يوستس جي گهر ويو، جو خدا پرست هو، ۽ جنهن جو گهر عبادتخاني سان لڳو لڳ هو.


تہ آئون غير قومن لاءِ مسيح يسوع جو خادم ٿيان، ۽ ڪاهنت وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي خدمت ڪريان، انهي لاءِ تہ غير قومون نذر جي طور پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي قبول پون.


پر جيڪو خداوند سان گڏ ٿو ٿئي، سو انهي سان هڪڙو روح ٿيو پوي.


۽ انهي وقت اوهين مسيح کان ڌار ۽ اسرائيلي جماعت کان خارج هئا، ۽ واعدي جي عهدن کان غير واقف هئا، ۽ دنيا ۾ نااُميد ۽ خدا کان جدا هئا،


۽ اوهين بہ انهيءَ ۾ گڏ جڙندا اڏبا ٿا وڃو، تہ روح جي وسيلي خدا جو گهر ٿيو.


جڏهن تون پنهنجن دشمنن سان وڙهڻ لاءِ منزلگاهہ ۾ وڃين، تڏهن پاڻ کي هر ڪنهن خراب شيءِ کان بچائج.


يسوع مسيح جي رسول، پطرس جي طرفان انهن مسافرن ڏانهن جي پنطس، ۽ گلتيہ، ۽ ڪپدڪيا، ۽ آسيا، ۽ بٿنيہ ۾ پکڙيل آهن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ