Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 55:8 - Sindhi Bible

8 خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجا خيال اوهان جا خيال نہ آهن، نڪي اوهان جا رستا منهنجا رستا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 خداوند فرمائي ٿو تہ ”منهنجا خيال اوهان جي خيالن جهڙا ناهن، ۽ منهنجا رستا اوهان جي رستن کان مختلف آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 55:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ بہ اي خداوند خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي، ۽ تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي؛ ۽ اهو بہ، اي خداوند خدا، ماڻهن جي دستور موجب!


پر نعمان ڪاوڙجي هليو ويو ۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، مون دل ۾ چيو هو تہ هو ضرور مون وٽ ايندو، ۽ بيهي خداوند پنهنجي خدا جو نالو وٺي سڏيندو، ۽ انهيءَ جاءِ جي مٿان پنهنجو هٿ لوڏيندو ۽ ڪوڙهہ کي ڇُٽائيندو.


آسمان ڏانهن نظر ڪري نهار، ۽ ڏس؛ تہ آسمان توکان ڪيترو نہ مٿي آهي.


جيڪي خداوند جي عهد ۽ سندس شاهدين کي مڃين ٿا: تن لاءِ هن جون سڀ واٽون ٻاجهہ ۽ سچائي آهن.


خداوند جي صلاح هميشہ تائين قائم رهندي، ۽ سندس دل جا خيال پيڙهين تائين.


اي خداوند منهنجا خدا جيڪي عجيب ڪم تو ڪيا آهن، ۽ اسان ڏانهن جيڪي تنهنجا خيال آهن سي گهڻيئي آهن: اهي تنهنجي اڳيان ترتيب وار شمار ڪري ڪين سگهبا؛ جيڪڏهن آءٌ اهي ظاهر ڪريان ۽ انهن جو بيان ڪريان، تہ اهي ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن.


اي خداوند تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ عظيم آهن! تنهنجا خيال تمام اونها آهن.


جنهن ماڻهو تي گناهہ جو بار پيل آهي تنهنجو رستو تمام ڏنگو آهي: پر جيڪو پاڪ آهي، تنهنجو ڪم سنئون سڌو آهي.


آسمان جي بلندي ۽ زمين جي اونهائي، ۽ بادشاهن جي دل جو حال ڳولي لهڻ جو ئي نہ آهي.


لشڪرن جي خداوند قسم کنيو آهي ۽ فرمائي ٿو، تہ جيئن مون خيال ڪيو آهي تيئن ضرور ٿيندو؛ ۽ جيئن ارادو ڪيو اٿم تيئن ئي ڳالهہ اچي بيهندي:


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


جيڪڏهن تون سبت جي ڏينهن يعني منهنجي، پاڪ ڏينهن تي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجو پير روڪيندين، ۽ سبت کي خوشيءَ جو ڏينهن، ۽ خداوند جو پاڪ، ۽ تعظيم جي لاءِ ڏينهن سڏيندين؛ ۽ انهي جي عزت ڪندين، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ تي نہ هلندين، ۽ پنهنجي خوشيءَ ۽ پنهنجي مطلب جون ڳالهيون نہ ڪندين:


مون سارو ڏينهن هڪڙيءَ اهڙيءَ فسادي اُمت ڏانهن هٿ کنيا آهن جا پنهنجن خيالن موجب خراب رستي تي ٿي هلي؛


ڇالاءِ جو آءٌ انهن جا ڪم ۽ انهن جا خيال ڄاڻان ٿو: اهو وقت اچي ٿو جڏهن آءٌ سڀني قومن ۽ ٻولين وارن کي گڏ ڪندس؛ اُهي سڀ ايندا ۽ منهنجو جلال ڏسندا.


چوندا آهن تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال ڪڍي ڇڏي، ۽ اُها وٽانئس هلي وڃي، ۽ وڃي ٻئي ماڻهوءَ جي زال ٿئي، تہ اڳيون مڙس ڪو هن وٽ وري ويندو ڇا؟ اها زمين تمام پليت نہ ٿيندي ڇا؟ پر تو گهڻن يارن سان زناڪاري ڪئي آهي؛ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي تہ تون مون وٽ موٽ.


انهي هوندي بہ اسرائيل جو گهراڻو چوي ٿو تہ خداوند جي راهہ برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا، منهنجي راهہ برابر ناهي يا اوهان جون راهون گهٽ وڌ آهن؟


هاڻي آءٌ نبوڪدنضر انهي آسمان جي بادشاهہ جي تعريف ۽ ساراهہ ٿو ڪريان، ۽ انهي کي تعظيم ٿو ڏيان؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ ڪم سچا آهن، ۽ هن جون عدالتون سچيون آهن: ۽ جيڪي مغرور آهن تن کي هو ذليل ڪري سگهي ٿو.


ڪير ڏاهو آهي، جو هي ڳالهيون سمجهي؟ ڪير سياڻو آهي تہ اُهي معلوم ڪري؟ ڇالاءِ جو خداوند جا رستا سنوان آهن، ۽ نيڪ ماڻهو انهن تي هلندا؛ پر گنهگار انهن تي ڪِري پوندا.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ