يسعياہ 55:12 - Sindhi Bible12 ڇالاءِ جو اوهين خوشيءَ سان ٻاهر نڪرندا، ۽ سلامتيءَ سان اوهان کي وٺي ويندا: جبل ۽ ٽڪريون اوهان جي اڳيان ڳائڻ لڳنديون، ۽ جهنگ جا سڀ وڻ تاڙيون وڄائيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible12 هاڻي اوهين بابل مان خوشيون ڪندي نڪري ايندا، ۽ سلامتيءَ سان روانا ڪيا ويندا. جبل ۽ ٽڪريون اوهان جي اڳيان گيت ڳائڻ لڳندا، ۽ سڀيئي وڻ تاڙيون وڄائيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.