Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 55:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ تہ جيئن آسمان مان مينهن وسي ٿو ۽ برف پوي ٿي، ۽ اُهي اوڏانهن موٽي نٿا وڃن، پر زمين کي ريج ٿا ڏين، تہ انهيءَ مان ڪجهہ اُڀري، ۽ ڪليون ڄمن، ۽ پوکڻ واري کي ٻج، ۽ کائڻ واري کي ماني ملي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جهڙيءَ طرح آسمان مان مينهن وسي ٿو، ۽ ڳڙو پوي ٿو، ۽ اهي وري اوڏانهن موٽي نہ ٿا وڃن، بلڪ زمين کي ريج ٿا ڏين، ۽ انهيءَ ۾ ساوڪ ۽ فصل پيدا ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجن، انهيءَ لاءِ تہ پوکڻ لاءِ ٻج ۽ کائڻ لاءِ کاڌو ملي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 55:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ شراب جو ماڻهن جي دل کي خوش ٿو ڪري، ۽ تيل جو سندن چهري کي چمڪائي ٿو ۽ ماني جا ماڻهوءَ کي طاقت ٿي ڏئي.


۽ جيڪو ٻج تون زمين ۾ پوکيندين، تنهن لاءِ هو مينهن وسائيندو، ۽ زمين جي ڀلي فصل مان ماني ڏيندو، ۽ اها چڱي ۽ ججهي ٿيندي: انهي ڏينهن تنهنجو چوپايو مال وڏين ويئن ۾ چرندو.


۽ آءٌ انهي کي ويران ڪري ڇڏيندس: ۽ نہ انهي جي ڇانگ ڪرڻ ۾ ايندي ۽ نہ گڏ؛ بلڪ اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا پيدا ٿيندا: آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ انهيءَ تي مينهن نہ وسائين.


ڇالاءِ تہ جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو تنهن کي اهو ٻاهر ٿو ڪڍي؛ تيئن خداوند بہ راستبازيءَ ۽ تعريف کي سڀني قومن تي ظاهر ڪندو.


۽ آءٌ انهن کي، ۽ پنهنجي ٽڪريءَ جي آس پاس وارين جاين کي، برڪت جو سبب ڪندس؛ ۽ آءٌ مندائتو مينهن وسائيندس؛ بلڪ برڪت جا وسڪارا ٿيندا.


اوهين پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو، تہ رحم موافق لڻو؛ پنهنجي غير آباد زمين کيڙيو: ڇالاءِ جو خداوند کي ڳولڻ جو هي وقت آهي، جيستائين هو اچي، ۽ اوهان تي سچائيءَ جو مينهن وسائي.


۽ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ آسمانن جي سڏ جو جواب ڏيندس، ۽ آسمان زمين جي سڏ جو جواب ڏيندا؛


منهنجي تعليم مينهن وانگي وسندي، ۽ منهنجي تقرير ماڪ وانگي پوندي؛ جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي مينهن جي ڦڙڦڙ پوندي آهي، ۽ ٻوٽن تي وسڪار ٿيندي آهي:


انهن کي اختياري آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تان تہ سندن نبوت جي ڏينهن ۾ مينهن نہ پوي. ۽ پاڻيءَ تي بہ کين اختياري آهي، تہ انهي کي بدلائي رت ڪري وجهن، ۽ جيترا ڀيرا مرضي پوينِ، اوترا ڀيرا زمين تي هر طرح جي آفت آڻين.


تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، ۽ خداوند کيس جواب ڏنو تہ اُٿ، قعيلہ ڏي لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ فلستي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ