Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 54:9 - Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ اهو نوح جي طوفان وانگي آهي: جهڙيءَ طرح مون قسم کنيو آهي تہ نوح جي طوفان وارو پاڻي وري زمين جي مٿان اُٿلي نہ پوندو، تهڙيءَ طرح مون هي بہ قسم کنيو آهي تہ آءٌ وري توتي نہ ڪاوڙبس، ۽ نڪي توکي ملامت ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جهڙيءَ طرح مون نوح جي ڏينهن ۾ واعدو ڪيو هو تہ نوح جي طوفان جهڙي ٻوڏ وري ڌرتيءَ تي نہ ايندي، تهڙيءَ طرح هاڻي آءٌ تو سان واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ وري تو تي نہ ڪاوڙبس، نڪي تو کي سزا ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 54:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند کي انهيءَ جي خوشبوءِ پهتي، ۽ خداوند پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ آءٌ انسان جي ڪري زمين تي وري لعنت نہ ڪندس، ڇالاءِ جو انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان خراب آهي؛ ۽ نڪي سڀ ڪنهن ساهواري کي ماريندس، جيئن هاڻي ڪيو اٿم.


ڇالاءِ جو تون پنهنجي مصيبت کي وساري ڇڏيندين؛ تون انهيءَ کي وهي ويل پاڻيءَ وانگر ياد ڪندين:


تو انهن جي لاءِ هڪڙي حد ٺهرائي آهي تہ انهيءَ کان ٻاهر نہ نڪرن؛ ۽ وري زمين کي ڍڪي نہ ڇڏين.


۽ انهيءَ ڏينهن تون چوندين تہ اي خداوند آءٌ تنهنجي شڪر گذاري ڪندس، ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ تون مون سان ڪاوڙيل هئين تہ بہ تنهنجي ڪاوڙ بدلجي ويئي آهي ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


پنهنجون اکيون کڻي چئني پاسي نهار، ۽ ڏس، اهي سڀ گڏ ٿي تو وٽ ٿا اچن. خداوند فرمائي ٿو تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم آهي تہ تون ضرور انهن سڀني کي زيورن وانگي ڍڪيندين، ۽ ڪنوار وانگيان انهن سان پاڻ کي سينگاريندين.


خداوند، تنهنجو مالڪ ۽ تنهنجو خدا، جو پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ حجت دليل ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ڏس، مون تنهنجي هٿ مان سخت نشي جو پيالو، يعني منهنجيءَ ڪاوڙ جو وڏو پيالو ورتو آهي؛ تون وري اهو نہ پيئندينءَ.


اوهين پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو آسمان دونهين وانگي گم ٿي ويندا، ۽ زمين ڪپڙي وانگي پراڻي ٿي ويندي، ۽ جيڪي انهي تي رهن ٿا سي بہ ساڳيءَ طرح مري ويندا: پر منهنجي نجات سدائين رهندي، ۽ منهنجي راستبازي بند نہ ٿيندي.


ڇالاءِ جو اڏوهي انهن کي ڪپڙي وانگي کائي ويندي، ۽ ڪينئون انهن کي اُن وانگي کائي ويندو. پر منهنجي راستبازي هميشہ تائين، ۽ منهنجي نجات پيڙهين تائين قائم رهندي.


تيئن منهنجو ڪلام جو منهنجي وات مان نڪري ٿو سو بہ ڪندو؛ اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، پر جيڪي آءٌ چاهيان ٿو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.


خداوند پنهنجي ساڄي هٿ جو، ۽ پنهنجيءَ زور واريءَ ٻانهن جو قسم کنيو آهي، تہ تنهنجو اَن تنهنجي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس؛ نڪي تنهنجو شراب، جنهن لاءِ تو محنت ڪئي آهي، سو ڌاريا پيئندا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪڏهن مٿي آسمان ماپي سگهبو ۽ هيٺ زمين جو بنياد جانچي معلوم ڪري سگهبو، تہ پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اسرائيل جو سمورو نسل بہ سندن سڀني ڪمن جي ڪري ڦٽو ڪري ڇڏيندس.


انهي طرح آءٌ توتي پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس، ۽ منهنجي غيرت تو تان لهي ويندي، ۽ آءٌ بس ڪندس، ۽ توتي وري نہ ڪاوڙبس.


۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي دسترخاني تي گهوڙن ۽ گاڏين سان، بهادر ماڻهن ۽ سڀني جنگي پهلوانن سان ڍءُ ڪندا.


نڪي آءٌ پنهنجو منهن وري هنن کان لڪائيندس: ڇالاءِ جو، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو روح اسرائيل جي گهراڻي تي اوتي وڌو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ