Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 54:6 - Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو خداوند توکي ائين سڏيو آهي جو ڄڻ تہ تون ڇڏي ڏنل ۽ دل جي ڏکي هئين، جنهن کي جواني ۾ ڪڍي ڇڏيو هجيس؛ تنهنجو خدا فرمائي ٿو، تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تون هڪ اهڙي جوان زال وانگر هئينءَ، جنهن کي مڙس ڄڻ ڇڏي ڏنو هجي، ۽ جنهن جي دل ڏکايل هجي. پر هاڻي خداوند تو کي وري زال سڏيندي فرمائي ٿو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 54:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ تنهنجو چشمو برڪت وارو هجي، ۽ تون پنهنجي جوانيءَ جي زال سان خوش رهہ.


جنهن زال سان تنهنجي هن بيهودگيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن محبت آهي، جا هن سج هيٺان توکي ڏني وئي آهي، تنهن سان تون هنن بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ خوش پيو گذار: ڇالاءِ جو حياتيءَ ۾ جيڪو پورهيو تون سج هيٺان پيو ڪرين تنهن ۾ اهو ئي تنهنجو حصو آهي.


تون اڳتي ڇڏيل نہ سڏبينءَ؛ نڪي تنهنجي زمين اڳتي سڃي سڏبي: پر تون حفضيباہ (منهنجي سرهائي) سڏبينءَ ۽ تنهنجي زمين بعولاہ (وريتي) سڏبي: ڇالاءِ جو خداوند تو مان خوش آهي، ۽ تنهنجي زمين پرڻجندي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ توکي وري تندرست ڪندس ۽ تنهنجا ڦٽ ڇُٽائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن توکي رد ڪيل سڏيو آهي، ۽ چيو اٿن تہ اهو صيون آهي جنهن جي ڪوبہ ڳولا ڪانہ ٿو ڪري.


۽ آءٌ توکي هميشہ لاءِ پنهنجي مڱ ڪندس؛ هائو، آءٌ توکي سچائيءَ ۽ عدالت ۽ محبت جهڙي مهرباني، ۽ رحم سان پنهنجي مڱ ڪندس.


تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ڪهڙو سبب آهي؟ انهي ڪري جو خداوند تنهنجي ۽ تنهنجي جوانيءَ جي زال جي وچ ۾ شاهد آهي: جيتوڻيڪ هوءَ تنهنجي رفيق ۽ متعهدي زال آهي، تہ بہ تو انهيءَ سان بي وفائي ڪئي آهي.


اوهين مڙيئي جي پورهيو ٿا ڪريو ۽ وڏي بار هيٺ دٻيا پيا آهيو، سي مون وٽ اچو، تہ آئون اوهان کي آرام ڏيندس.


انهي هوندي بہ جيڪو نماڻن کي تسلي ٿو ڏئي، يعني خدا، تنهن طيطس جي اچڻ ڪري اسان کي تسلي ڏني:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ