Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 54:4 - Sindhi Bible

4 ڊپ نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو تون شرمندي نہ ٿيندينءَ: پريشان نہ ٿي؛ ڇو جو تون بدنام نہ ٿيندينءَ، تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي ڏهاڳ جو مهڻو وري ياد نہ ڪندينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ تون وري شرمسار نہ ٿيندينءَ. پريشان نہ ٿيءُ، ڇوجو تون وري خوار نہ ٿيندينءَ، بلڪ تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي رن‌زال هجڻ جو مِهڻو وري نہ ٻڌندينءَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 54:4
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو تون پنهنجي مصيبت کي وساري ڇڏيندين؛ تون انهيءَ کي وهي ويل پاڻيءَ وانگر ياد ڪندين:


هن هميشہ لاءِ موت کي فنا ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ خداوند خدا سڀني جي منهن تان ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو؛ ۽ پنهنجي قوم جي ملامت ساري زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.


تنهن ڪري خداوند، جنهن ابراهيم کي ڇوٽڪارو ڏنو، سو يعقوب جي گهراڻي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي يعقوب شرمندو نہ ٿيندو، نڪي سندس منهن ڦڪو ٿيندو.


انهي ڏينهن ست زالون هڪڙي ماڻهوءَ کي جهلي چونديون تہ اسين پنهنجي ماني کائينديونسين، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڍڪينديونسين: رڳو ايترو ڪر تہ تون اسان کي پنهنجي نالي سڏجڻ ڏي: اسان تان اسان جي خواري لاهہ.


تون ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان؛ همت نہ هار ڇو تہ آءٌ تنهنجو خدا آهيان: آءٌ توکي طاقت بخشيندس؛ هائو آءٌ تنهنجي مدد ڪندس؛ هائو، آءٌ پنهنجي سچائيءَ جي ساڄي هٿ سان توکي سنڀالي وٺندس.


اي ڪينئين جهڙا يعقوب، ۽ اي اسرائيل جا رهاڪو، اوهين نہ ڊڄو؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس، ۽ تنهنجو ڇڏائيندڙ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.


ڇالاءِ جو خداوند خدا مون کي مدد ڏيندو: تنهن ڪري آءٌ لڄي نہ ٿيو آهيان: ۽ مون کي خبر آهي تہ آءٌ شرمندو ڪين ٿيندس، تنهن ڪري مون پنهنجو منهن چقمق جهڙو ڪيو آهي.


اوهين جي سچائيءَ کي سڃاڻو ٿا منهنجي ٻڌو، اي اُمت، جنهن جي دل ۾ منهنجي شريعت آهي؛ ماڻهن جي ملامت کان نہ ڊڄ، نڪي انهن جي طعني جو ڊپ ڪر.


تون راستبازيءَ ۾ قائم ڪئي ويندينءَ: تون ظلم کان پري رهندينءَ ڇالاءِ جو تون ڊپ نہ ڪندينءَ؛ تون خوف کان پري رهندينءَ، ڇالاءِ جو اهو توکي ويجهو نہ ايندو.


اوهان جي شرمندگيءَ جي عيوض اوهان کي ٻيڻو ملندو؛ ۽ مونجهاري جي واسطي اوهين پنهنجي ڀاڱي تي خوش ٿيندا: تنهن ڪري اهي پنهنجي ملڪ ۾ ٻيڻي جا مالڪ ٿيندا: انهن کي هميشہ جي خوشي حاصل ٿيندي.


جنهن ڪري زمين تي جيڪو پاڻ لاءِ برڪت گهرندو، سو سچي خدا جي نالي پاڻ لاءِ برڪت گهرندو؛ ۽ جيڪو زمين تي قسم کڻندو، سو سچي خدا جي نالي قسم کڻندو؛ ڇالاءِ جو اڳوڻيون تڪليفون وسري ويون آهن. ۽ اهي منهنجين اکين کان لڪل آهن.


يقين آهي تہ پنهنجي ڦرڻ کان پوءِ مون توبهہ ڪئي؛ ۽ تعليم ملڻ کان پوءِ مون پنهنجي ران تي ڌڪ هنيو؛ آءٌ شرمندو ٿيس، هائو، بلڪ منجهي پيس، ڇالاءِ جو مون پنهنجي جوانيءَ جي خواري کنئي آهي.


جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!


۽ پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن ۽ زناڪارين ۾ تو پنهنجا ننڍپڻ جا ڏينهن ياد نہ ڪيا آهن، جڏهن تون ننگي ۽ اُگهاڙي هئينءَ ۽ پنهنجي رت ۾ پي ليٽينءَ.


تو پنهنجي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد نہ ڪيا آهن، ۽ انهن سڀني ڳالهين ۾ تو مون کي رنج ڪيو آهي، تنهنڪري ڏس خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ بہ تنهنجي راهہ تنهنجي مٿي تي آڻيندس ۽ تون اها شهوت پرستي نہ ڪندينءَ جا تنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان مٿي آهي.


نڪي اڳتي وري آءٌ توکي غير قومن جا مهڻا ٻڌڻ ڏيندس، نڪي وري اڳتي تون غير قومن جي ملامت کڻندين، نڪي اڳتي وري پنهنجي قوم کي ٿاٻڙائيندين؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


اي ملڪ نہ ڊڄ، سرهو ٿيءُ ۽ خوشي ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن.


انهيءَ ڏينهن تون پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندي نہ ٿيندينءَ ڇا، جن سان تو منهنجو گناهہ ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو تڏهن آءٌ تنهنجي وچ مان سڀني مغرورن کي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ تون منهنجي پاڪ جبل تي وري مغروري نہ ڏيکاريندينءَ.


۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي کي مضبوط ڪندس، ۽ يوسف جي گهراڻي کي بچائيندس، ۽ کين موٽائي وٺي ايندس، ڇالاءِ جو مون کي انهن تي رحم آهي؛ ۽ هو ائين ٿيندا ڄڻ تہ مون کين ڪڏهن ڪڍي نہ ڇڏيو هو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس.


ڇالاءِ جو پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ چونڊيل ۽ ڪنڊ جو قيمتي پهڻ ٿو رکان: ۽ جيڪو اُنهي تي ايمان آڻيندو سو شرمندو نہ ٿيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ