Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 54:11 - Sindhi Bible

11 اي ڏکويل تون جا طوفان جي ستايل ۽ بنا تسليءَ جي آهين سا ڏس، آءٌ تنهنجا پهڻ سهڻن رنگن ۾ جڙيندس، ۽ تنهنجي بنياد ۾ نيلم رکندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي مصيبت ۽ طوفان جي ماريل يروشلم جي وسندي! جيڪا امن وَ سڪون کان محروم آهين، ڏس، آءٌ قيمتي پٿر جَڙي وري تو کي اڏيندس. آءٌ تنهنجا بنياد نيلم جا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 54:11
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ حڪم ڏنو ۽ هنن وڏا وڏا پٿر ۽ قيمتي پٿر ٽُڪي ڪڍيا، انهيءَ لاءِ تہ ڇليل پٿرن سان عمارت جو بنياد وجهڻ ۾ اچي.


۽ گهر جي فرش تي بہ اندران ٻاهران هن سون مڙهايو.


هاڻي مون پنهنجي وت آهر پنهنجي خدا جي گهر جي واسطي سون جي شين لاءِ سون، چانديءَ جي شين لاءِ چاندي، پتل جي شين لاءِ پتل، لوهہ جي شين لاءِ لوهہ، ڪاٺ جي شين لاءِ ڪاٺ، عقيق، ۽ جڙيل پٿر، ۽ ميناڪاريءَ لاءِ رنگين پٿر، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا قيمتي پٿر، ۽ گهڻو سنگ مرمر تيار ڪيو آهي.


۽ زينت جي لاءِ هن انهيءَ گهر کي قيمتي پٿر جَڙايا، ۽ سون بہ پروائم جو سون هو.


اوفير جي سون سان بہ ان جو ملهہ نٿو ڪٿي سگهجي، ۽ نہ قيمتي سليماني پٿر يا نيلم سان.


راستباز جا ڏک گهڻا ئي آهن: پر خداوند هن کي انهن سڀني کان ڇڏائي ٿو.


۽ ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جو بادشاهہ مري ويو، ۽ بني اسرائيل غلاميءَ جي ڪري آهون ڀرڻ ۽ روئڻ لڳا، ۽ هنن جو روئڻ، جو غلاميءَ جي مصيبت ڪري هو، سو خدا تائين پهتو.


۽ انهن اسرائيل جي خدا کي ڏٺو؛ ۽ انهي جي پيرن هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پهڻ جهڙو فرش لڳل هو، ۽ اهڙو صاف هو جهڙو آسمان.


اتي هن کي هڪڙي ٻوڙي جي وچ ۾ خدا جو فرشتو باهہ ۾ ڏسڻ ۾ آيو؛ ۽ هن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ ٻوڙي ۾ باهہ پيئي ٻري، تڏهن بہ ٻوڙو سڙي رک نٿو ٿئي.


۽ خداوند چيس تہ منهنجي اُمت، جا مصر ۾ آهي، تنهن جي مصيبت مون ڏٺي آهي، ۽ سندن مقدمن جي سختيءَ جي ڪري سندن دانهن ٻڌي اٿم؛ مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي،


هن جا هٿ سون جي منڊين وانگر آهن، جن ۾ فيروزا جڙيل هجن: هن جو بدن عاج جي ڪم جهڙو آهي، جنهن تي نيلم لڳل هجن.


تڏهن قوم جي قاصدن کي ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هيءُ تہ خداوند صيون جو بنياد وڌو آهي، ۽ انهيءَ ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.


تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.


جو خورس بابت چوي ٿو تہ هو منهنجو ڌنار آهي، ۽ منهنجي سموري مرضي پوري ڪندو: هو يروشلم جي بابت چوي ٿو تہ اهو وري اڏبو؛ ۽ هيڪل کي چوي ٿو تہ تنهنجو بنياد پوندو.


پر صيون چيو تہ يهوواہ مون کي ڇڏي ڏنو آهي، خداوند مون کي وساري ڇڏيو آهي.


تنهن ڪري هاڻي اي ڏکويل، تون جا مست ٿي آهين، پر شراب سان نہ، هي ٻڌ:


آءٌ اهو انهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي توکي ڏکوئين ٿا؛ جن تنهنجي روح کي چيو آهي تہ جهڪ تہ اسين تنهنجي مٿان لنگهي وڃون: تو پنهنجي پٺي زمين وانگي، ۽ انهن جي لنگهڻ لاءِ گهٽيءَ وانگي وڇائي آهي.


آءٌ تنهنجا منارا لعلن جا، ۽ تنهنجا دروازا ياقوت جا، ۽ تنهنجون سڀ ديوارون عمدن پٿرن ۽ جواهرن جون جوڙيندس.


ڇالاءِ جو خداوند توکي ائين سڏيو آهي جو ڄڻ تہ تون ڇڏي ڏنل ۽ دل جي ڏکي هئين، جنهن کي جواني ۾ ڪڍي ڇڏيو هجيس؛ تنهنجو خدا فرمائي ٿو، تہ


جيئن تہ توکي ڇڏي ڏنو اٿن ۽ تو کان نفرت ڪئي اٿن، ايتري قدر جو ڪوبہ ماڻهو تو منجهان نٿي لنگهيو، تيئن آءٌ توکي هميشہ لاءِ اقبالمندي بخشيندس ۽ گهڻين پيڙهين لاءِ خوشي بنائيندس.


خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ توکي وري تندرست ڪندس ۽ تنهنجا ڦٽ ڇُٽائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن توکي رد ڪيل سڏيو آهي، ۽ چيو اٿن تہ اهو صيون آهي جنهن جي ڪوبہ ڳولا ڪانہ ٿو ڪري.


هنن منهنجيون آهون ٻڌيون آهن: مون کي ڪوبہ تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي: منهنجن سڀني دشمنن منهنجي تڪليف جو ٻڌو آهي؛ اُهي خوش ٿيا آهن تہ تو ائين ڪيو آهي: تون اُهو ڏينهن آڻيندين، جنهن جي تو اڳيئي خبر ڏيئي ڇڏي آهي، ۽ هو مون جهڙا ٿيندا.


۽ جيڪو آسمان انهن جي مٿن جي مٿان هو، تنهن جي مٿان تخت جهڙي هڪڙي شيءِ هئي، جا نيلم پهڻ جهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي: ۽ انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي ماڻهوءَ جهڙي شڪل ڏسڻ ۾ ٿي آئي.


تڏهن مون نهاريو ۽ ڏٺو، تہ ڪروبين جي مٿان جو آسمان هو تنهن ۾، انهن جي مٿان، نيلم جي پٿر جهڙي هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي صورت تخت جهڙي هئي.


تنهنجين ڀتين جوڙڻ جو ڏينهن! انهيءَ ڏينهن تنهنجي حد وڌائي ويندي.


۽ ڏسو، سمنڊ ۾ اچي اهڙو طوفان لڳو جو ٻيڙي لهرن سان ڍڪجي ويئي: پر هو سمهيو پيو هو.


اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن تہ مون ۾ اوهان کي اطمينان ملي. دنيا ۾ اوهين مصيبت ۾ آهيو: پر دلجاءِ ڪريو، آئون دنيا تي غالب آيو آهيان.


۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.


۽ رسولن ۽ نبين جي بنياد تي اڏيل آهيو، جنهن جي ڪنڊ جو خاص پٿر خود مسيح يسوع آهي؛


تڏهن انهي ڏينهن مون کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي ڏيندس، ۽ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ اهي کاڄ ٿي ويندا، ۽ گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون مٿن اينديون؛ جنهن ڪري انهي ڏينهن اهي چوندا، تہ هي خرابيون اسان تي انهي ڪري نہ آيون آهن ڇا جو اسان جو خدا اسان منجهہ ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ