Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 53:7 - Sindhi Bible

7 هو مظلوم هو، تہ بہ هن پاڻ کي نماڻو ڪيو، ۽ پنهنجو وات نہ پٽيائين؛ جيئن ڪو گهيٽو ڪوس تي ويندو آهي، ۽ جيئن ڪا رڍ اُن ڪترڻ وارن جي اڳيان ماٺ ڪري بيهندي آهي؛ تيئن هن بہ پنهنجو وات نہ پٽيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 هن تي ظلم ڪيو ويو پر هن اهو برداشت ڪيو، ۽ واتان ٻڙڪ بہ نہ ڪڇيائين. هائو، جيئن ڪو گھيٽڙو ڪهڻ واري جي اڳيان، يا ڪا رڍ اُن ڪترڻ واري جي اڳيان ماٺ ڪيو بيهندي آهي، تيئن هن بہ هڪ لفظ نہ ڪڇيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 53:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ آءٌ انهي ماڻهوءَ وانگي آهيان جو نٿو ٻڌي، ۽ جو ڏوراپا نٿو ڏئي.


ڇالاءِ جو اي خداوند مون کي تو ۾ اُميد آهي؛ ۽ اي خداوند منهنجا خدا تون منهنجي ٻڌندين.


بلڪ اسين تہ سڄو ڏينهن تو لاءِ پيا مارجون؛ ۽ ڪوس جي رڍن وانگي پيا ڳڻجون.


مون ماريندڙن کي پنهنجي پٺي ڏني، ۽ وارن پٽيندڙن کي پنهنجا ڳل ڏنا: مون پنهنجو منهن شرم ۽ ٿُڪن جهلڻ کان ڪين لڪايو.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


پر آءٌ هڪڙي غريب گهيٽي جهڙو هوس، جنهن کي ڪوس ڏي وٺي ويندا آهن؛ ۽ مون کي اها خبر نہ هئي تہ هنن منهنجي برخلاف منصوبا ٻڌا آهن، ۽ چيو اٿن تہ اچو تہ انهيءَ وڻ کي سندس ڦر سميت ناس ڪريون، ۽ هن کي جيئرن جي زمين مان وڍي ڇڏيون، تہ وري هن جو نالو ياد نہ رهي.


۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛


پر يسوع ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ سردار ڪاهن چيس تہ آئون توکي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان، تہ تون اسان کي ٻڌاءِ تہ تون خدا جو فرزند مسيح آهين ڇا؟


پر هو ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنائين. وري بہ سردار ڪاهن سوال پڇيس ۽ چيائينس تہ تون انهي سڳوري جو فرزند، مسيح آهين ڇا؟


پر يسوع وري ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو؛ ايتري قدر جو پلاطس کي عجب لڳو.


۽ هن گهڻيئي سوال پڇيس، پر هن ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنس.


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


۽ وري محلات ۾ اندر ويو ۽ يسوع کي چيائين، تہ تون ڪٿان جو آهين؟ پر يسوع ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنس.


هن گاريون کاڌيون، پر موٽائي گار نہ ڏنائين؛ هن ڏک سَٺو پر ڪنهن کي بہ ڌمڪايائين ڪين؛ بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.


۽ مون انهي تخت ۽ چئن جاندارن جي وچ ۾، ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾، هڪڙو گهيٽو بيٺل ڏٺو؛ جو ڄڻ تہ ڪُٺو ويو هو، ۽ انهي کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون، جي خدا جا ست روح آهن، ۽ ساري زمين تي موڪليل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ