Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 53:3 - Sindhi Bible

3 هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هو ماڻهن ۾ حقير ۽ رد ٿيل هو. هن جي زندگي ڏکن ۽ مشڪلاتن سان اهڙي تہ ڀريل هئي، جو اسان بہ ڏانهس ڏسڻ گوارا نہ ٿي ڪيو. هن کي ڌڪاريو ويو، ۽ اسان بہ سندس ڪو قدر نہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 53:3
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر آءٌ غريب ۽ غمگين آهيان: اي خدا پنهنجيءَ نجات سان مون کي سربلند ڪر.


آءٌ انهن جي شمار ۾ ٿو ليکجان جيڪي قبر ۾ ٿا پون؛ آءٌ انهي ماڻهوءَ وانگي آهيان جنهن جو ڪو چاڙهو ڪونهي:


جنهن کي ماڻهو حقير ٿا ڄاڻن؛ جنهن کان قوم کي ڪراهت ٿي اچي، جو حاڪمن جو نوڪر آهي، تنهن کي خداوند اسرائيل جو ڪفارو ڏيندڙ، ۽ هن جو قدوس هيئن ٿو فرمائي تہ بادشاهہ ڏسندا ۽ اُٿي بيهندا؛ سردار سجدو ڪندا؛ ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا، جنهن توکي پسند ڪيو آهي سو وفادار آهي.


مون ماريندڙن کي پنهنجي پٺي ڏني، ۽ وارن پٽيندڙن کي پنهنجا ڳل ڏنا: مون پنهنجو منهن شرم ۽ ٿُڪن جهلڻ کان ڪين لڪايو.


جيئن گهڻا توکي ڏسي حيران ٿي ويا، (هن جي شڪل انسان کان، ۽ هن جي صورت بني آدم کان وڌيڪ بگڙيل هئي،)


انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي.


يقين، هن اسان جا ڏک سٺا آهن، ۽ اسان جا غم کنيا اٿس: انهي هوندي بہ اسان هن کي خدا جو ماريل ڪٽيل ۽ ستايل سمجهيو،


تنهنڪري اي لشڪرن جي ڌيءَ، پنهنجا لشڪر گڏ ڪري تيار ٿيءُ: هن اسان جي چوگرد گهيرو ڪيو آهي: هو اسرائيل جي حاڪم کي ڳلي تي لٺ ٿا هڻن.


۽ مون هڪڙي مهيني ۾ ٽن ريڍارن کي ماريو؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان انهن کان بيزار هئي، ۽ هنن جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڌڪار هئي.


تڏهن هو مٿس ٿُڪون وجهڻ ۽ ٺونشا هڻڻ لڳا: ۽ ڪي چماٽون هڻي چوڻ لڳس تہ


۽ چيائونس تہ سائين، اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيئرو هو، تڏهن چوندو هو تہ ٽن ڏينهن کانپوءِ آئون وري جي اُٿندس.


۽ چوڻ لڳن تہ اِجهو يروشلم ڏانهن ٿا هلون؛ ۽ ابن آدم سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي حوالي ڪيو ويندو؛ ۽ اُهي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا، ۽ کيس غير قومن جي حوالي ڪندا:


۽ اُهي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلائيندا، ۽ کيس چهبڪ هڻندا، ۽ قتل ڪندس، ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ هو جي اُٿندو.


۽ هنن کي چيائين تہ منهنجي جان ڏاڍي ڏک ۾ آهي، ڄڻ تہ موت آيو اٿم: اوهين هتي ترسو، ۽ جاڳندا رهو.


۽ هن جي مٿي تي ڇڙين سان ڌڪ هنيائون، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلايائون، ۽ گوڏا کوڙي سجدو ڪيائونس.


هن چين تہ برابر پهريائين ايلياہ ايندو، ۽ سڀني شين کي موٽي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو: پر ابن آدم بابت ڪيئن لکيل آهي، تہ هو گهڻيون سختيون سهندو ۽ ماڻهو حقير ڪري ليکيندس؟


۽ فريسي جن کي پيسي جي ڏاڍي لالچ هئي، سي اُهي سڀ ڳالهيون ٻُڌي مٿس ٺٺولي ڪرڻ لڳا.


پوءِ جڏهن ويجهو آيو، تڏهن شهر ڏسي مٿس بيهي رنائين.


پر هو مٿس کِلڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، جو خبر هُين تہ هوءَ مري ويئي آهي.


۽ چيائين تہ ابن آدم ضرور گهڻيون سختيون سهندو، ۽ بزرگ، ۽ سردار ڪاهن، ۽ فقيهہ کيس رد ڪري ۽ ماري وجهندا، ۽ هو ٽن ڏينهن کانپوءِ وري جي اُٿندو.


يهودين جواب ڏيئي چيس تہ اسان پوري ڳالهہ ڪين ڪئي آهي، تہ تون سامري آهين، ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟


پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.


ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو.


پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ يسوع زار زار روئي دانهون ڪري انهي کان دعائون گهُريون، جو کيس موت کان بچائي ٿي سگهيو، ۽ سندس خدا ترسيءَ جي ڪري اهي دعائون قبول پيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ