Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 53:2 - Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو هو انهي جي سامهون نازڪ ٻوٽي وانگي ۽ سڪيءَ زمين مان نڪتل پاڙ وانگي اُڀريو: هن کي نڪا صورت آهي، نڪا سونهن؛ ۽ جڏهن اسين هن کي ڏسون ٿا تڏهن منجهس ڪا خوبصورتي ڪانهي جنهن ڪري اسين هن جا مشتاق ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پر ٿيو ائين ئي جيئن خدا جي مرضي هئي تہ سندس ٻانهو هڪڙي خسيس ٻوٽي وانگر مشڪلاتن جي خشڪ زمين مان پاڙ هڻي ڦٽي نڪري. سو انهيءَ ۾ نہ ڪا حشمت هئي، ۽ نہ وري ڪا سونهن هئي جو اسين ڏانهس ڌيان ڏيون. منجھس ڪا خوبصورتي ئي ڪانہ هئي، جو اسين سندس مشتاق بڻجون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 53:2
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يسيءَ جي ٿُڙ مان هڪڙو ڏار نڪرندو، ۽ ان جي پاڙن مان ڦر نڪرندو:


انهي ڏينهن جيڪي اسرائيل مان ڀڄي نڪتا هوندا تن لاءِ خداوند جي ٽاري سهڻي ۽ شاندار ٿيندي، ۽ زمين جي اُپت انهن جي لاءِ تمام عمدي ۽ وڻندڙ ٿيندي.


جيئن گهڻا توکي ڏسي حيران ٿي ويا، (هن جي شڪل انسان کان، ۽ هن جي صورت بني آدم کان وڌيڪ بگڙيل هئي،)


ڇالاءِ جو اسان کي هڪڙو ٻار ڄائو آهي، اسان کي هڪڙو پٽ ڏنو ويو آهي؛ ۽ حڪومت انهيءَ جي ڪلهن تي هوندي: ۽ اُنهيءَ جو نالو عجيب، مشير، قادر خدا، دائم قائم ابو، ۽ سلامتيءَ جو شهزادو رکيو ويندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو.


هاڻي اي يشوع، سردار ڪاهن، تون ۽ جيڪي تنهنجا سنگتي تنهنجي اڳيان بيٺا آهن سي ٻڌو: ڇالاءِ جو هي اُهي ماڻهو آهن جي نشاني آهن؛ ڇالاءِ جو ڏس آءٌ پنهنجي ٻانهي، يعني شاخ کي آڻيان ٿو.


۽ هن کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهو شخص، جنهن جو نالو شاخ آهي، پنهنجيءَ جاءِ ۾ وڌندو ۽ هو خداوند جو هيڪل ٺاهيندو:


هي اُهو واڍو نہ آهي ڇا، جو مريم جو پٽ، ۽ يعقوب، ۽ يوسيس، ۽ يهوداہ، ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ۽ هن جون ڀينرون هتي اسان وٽ ڪينهن ڇا؟ سو هنن کيس قبول نہ ڪيو.


هن چين تہ برابر پهريائين ايلياہ ايندو، ۽ سڀني شين کي موٽي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو: پر ابن آدم بابت ڪيئن لکيل آهي، تہ هو گهڻيون سختيون سهندو ۽ ماڻهو حقير ڪري ليکيندس؟


۽ انهيءَ پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو، تنهن کي ٻاروتن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇوتہ اُنهن لاءِ سراءِ ۾ جاءِ ڪانہ هئي.


يسوع چيس، تہ لومڙين کي ڏريون آهن، ۽ هوا جي پکين کي آکيرا آهن، پر ابن آدم کي اُها جاءِ ڪانهي جتي کڻي مٿو رکي.


تنهن تي هنن وري واڪو ڪري چيو تہ هن شخص کي نہ پر برابا کي ڇڏ! هاڻي برابا هڪڙو ڊاڪو هو.


پوءِ يسوع اُنهي ڪنڊن جي تاج ۽ واڱڻائي ڪپڙن سان ٻاهر نڪتو ۽ پلاطس چين تہ اِجهو، هيءُ ماڻهو!


هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:


۽ حاڪمن جا هن ڪري جو هو بدڪار کي سزا ڏيڻ لاءِ ۽ نيڪي ڪندڙن جي تعريف ڪرڻ لاءِ موڪليل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ