Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 53:12 - Sindhi Bible

12 تنهن ڪري آءٌ هن کي وڏن جو حصيدار ڪندس، ۽ هو زور وارن کان لٽ جي مال جو حصو ورهائي وٺندو؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي جان موت جي لاءِ اوتي ڏني آهي، ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيو ويو آهي: انهي هوندي بہ هن گهڻن جو گناهہ کنيو، ۽ گنهگارن جي شفاعت ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 جيئن تہ هن پنهنجي جان موت جي حوالي ڪئي، تنهنڪري آءٌ خداوند هن کي عزت ۽ طاقت عطا ڪندس. ماڻهن هن کي گنهگار سمجھيو، جڏهن تہ هن گھڻن جا گناهہ پنهنجي سر تي کنيا، ۽ بدڪارن جي شفاعت ڪيائين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 53:12
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين.


۽ هاڻي منهنجو ساهہ منهنجي اندر ۾ سڪي ويو آهي؛ مصيبت جي ڏينهن مون کي آڻي ورايو آهي.


مون کان گهر ۽ آءٌ قومون تنهنجي ورثي لاءِ، ۽ زمين جون سرحدون تنهنجيءَ ملڪيت لاءِ ڏيندس.


آءٌ پاڻيءَ وانگي پيو هارجان، ۽ منهنجون سڀ هڏيون سنڌن مان نڪري ويون آهن: منهنجي دل ميڻ وانگر منهنجي اندر ۾ پگهري ويئي آهي.


دشمن چيو تہ آءٌ پٺيان پوندس، آءٌ لٽ جو مال ورهائيندس، منهنجي خواهش انهن تي پوري ٿيندي. آءٌ پنهنجي ترار ڪڍندس، ۽ منهنجو هٿ انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو.


پر مون چيو تہ مون اجائي محنت ڪئي آهي، مون پنهنجي طاقت اجائي ۽ ناحق وڃائي آهي: انهي هوندي بہ يقيناً منهنجو انصاف خداوند وٽ آهي، ۽ منهنجو اجر منهنجي خدا وٽ آهي.


ڏسو منهنجو بندو دانائيءَ سان هلندو، هو سرفراز ۽ سربلند ڪيو ويندو، هو وڏي درجي کي رسندو.


تيئن هو گهڻين قومن کي حيران ڪري ڇڏيندو؛ هن جي سامهون بادشاهہ پنهنجا وات بند ڪندا: ڇالاءِ تہ جيڪي انهن کي چيو نہ ويو هو، سو اهي ڏسندا، ۽ جيڪي انهن نہ ٻڌو هو سو اهي سمجهندا.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


ظلم ڪري ۽ فتويٰ ڏيئي هن کي وٺي ويا؛ پر هن جي زماني جي ماڻهن مان ڪنهن اهڙو خيال ڪيو تہ منهنجي اُمت جي گناهن ڪري هن تي مار پيئي، ۽ هو جيئرن جي زمين مان وڍيو ويو؟


جيئن تو ڏٺو تہ هڪڙو پهڻ هٿن کانسواءِ جبل مان وڍجي نڪري آيو ۽ انهي لوهہ، پتل، مٽي، چاندي ۽ سون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪيو؛ تيئن عظيم خدا، بادشاهہ کي اُهو ڪجهہ ڏيکاريو آهي جو هن کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي: ۽ اهو خواب سچو آهي، ۽ اُن جو تعبير بہ يقيني آهي.


وري ٻيو ڀيرو هو هليو ويو، ۽ دعا گهري چوڻ لڳو، تہ اي منهنجا ابا، جي هي منهنجي پيئڻ ڌاران ٽري نٿو سگهي، تہ جيئن تنهنجي مرضي آهي تيئن ٿئي.


۽ ساڻس گڏ ٻن ڌاڙيلن کي صليب تي چاڙهيائون، هڪڙو سندس ساڄي پاسي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي.


۽ انهيءَ طرح اُها لکيت اچي پوري ٿي تہ ”هو گنهگارن ۾ ليکيو ويو“.


ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هي جيڪي لکيل آهي تہ ”هو گنهگارن ۾ ليکيو ويو“ سو مون ۾ ضرور پورو ٿيڻو آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي مون سان لاڳاپو ٿو رکي، سو ضرور پورو ٿيندو.


۽ جيڪو ماڻهو فساد ۽ خون ڪري قيد ۾ پيو هو، تنهن لاءِ جو عرض ڪيو هئائونس، تنهن کي کڻي ڇڏيائين، پر يسوع کي سندن حوالي ڪيائين، تہ جيئن وڻينِ، تيئن ساڻس ڪن.


تہ تون سندن اکيون کولين، تہ هو اونداهيءَ کان سوجهري ڏانهن، ۽ شيطان جي اختياريءَ کان خدا ڏانهن ڦرن؛ ۽ انهيءَ لاءِ تہ مون تي ايمان آڻڻ ڪري گناهن جي معافي ملين، ۽ جيڪي پاڪ ٿيا آهن، تن سان گڏ ورثو ملين.


ڪير آهي جو سزا جي فتويٰ ڏيندو؟ مسيح يسوع ڏيندو ڇا، جو مري ويو، بلڪ مُئلن مان جي اُٿيو، جو خدا جي ساڄي پاسي آهي، ۽ اسان جي شفاعت بہ ڪري ٿو؟


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛


۽ حڪومتن ۽ طاقتن جو زور ڀڃي ڇڏيائين، ۽ کُليو کُلايو انهن جو تماشو ڪري صليب جي وسيلي انهي تي فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين.


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.


تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.


ڇالاءِ جو مسيح انهي هٿ جي جوڙيل پاڪ جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جا حقيقي پاڪ جاءِ جي نموني جهڙي آهي؛ پر خود آسمان ۾ داخل ٿيو، انهي لاءِ تہ هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي واسطي حاضر ٿئي.


نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي گهڻائي ڀيرا کيس ڏک سهڻو پوي ها: پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ڀيرو ظاهر ٿيو، انهي لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ مٽائي ڇڏي.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، اهي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن انهي لاءِ ٿو لکان تہ اوهين گناهہ نہ ڪريو. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو کڻي گناهہ ڪري تہ پيءُ وٽ اسان جو هڪڙو مددگار موجود آهي، يعني يسوع مسيح راستباز:


اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان جو سندس نالي ڪري اوهان جا گناهہ معاف ڪيا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ