يسعياہ 52:8 - Sindhi Bible8 تنهنجي پهري وارن جو آواز! اهي گڏجي وڏي سڏ ڳائين ٿا؛ ڇالاءِ تہ جڏهن خداوند صيون ۾ موٽي ايندو، تڏهن اهي کيس روبرو ڏسندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible8 شهر جي پهريدارن جو تمام جوشيلو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. هائو، اهي خوشيون ملهائيندي گڏجي ڳائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي خداوند کي يروشلم ڏانهن موٽندي پنهنجي اکين سان ڏسن ٿا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.