Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 52:12 - Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا، نڪي ڀڄي نڪرندا: ڇو تہ خداوند اوهان جي اڳيان هلندو؛ ۽ اسرائيل جو خدا اوهان جي پٺ سنڀاليندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هن دفعي اوهين تڙ تڪڙ ۾ نہ نڪرندا، نڪي ڪو اوهان جي پٺيان هوندو جو اوهين ڀڄي نڪرو، بلڪ خداوند، بني اسرائيل جو خدا اوهان جي رهنمائي ڪندو، ۽ هر طرف کان اوهان جي حفاظت ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 52:12
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون توت جي وڻن جي چوٽين تان ماڻهن جي هلڻ جو آواز ٻڌين، تڏهن جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري اچج: ڇالاءِ جو خدا فلستين جي لشڪر کي شڪست ڏيڻ لاءِ تنهنجي اڳيان اُٿي هليو آهي.


۽ اهو اوهين هن ريت کائجو؛ پنهنجو سندرو ٻڌجو، پنهنجي جتي پيرن ۾ پائجو، پنهنجي لٺ هٿ ۾ کڻجو: ۽ اهو تڪڙ ۾ کائجو: اهو خداوند جو فسح آهي.


۽ مصرين انهن ماڻهن تي زور لاتو تہ جلد ملڪ مان نڪري وڃن، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسين سڀ مري وينداسين.


۽ جيڪو ڳوهيل اٽو مصر مان آندو هئائون، تنهن مان بي خمير مانيون پچايائون؛ ڇالاءِ جو اهو اٽو خمير ٿيل نہ هو، ڇو تہ هو مصر مان هڪاليا ويا هئا ۽ ترسي نہ سگهيا، نڪي پنهنجي لاءِ ڪو سمر تيار ڪري سگهيا.


۽ خداوند مصر جي بادشاهہ فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هو بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل زبردستيءَ سان نڪري آيا هئا.


سچار جو رستو سنئون آهي: تون جو راستباز آهين، سو سچار کي واٽ ڏيکارين ٿو.


تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ صيون ۾ بنياد جي لاءِ هڪڙو پٿر ٿو رکان، اهو آزمايل پٿر، ۽ پڪي بنياد جو قيمتي پٿر آهي: جيڪو ايمان آڻيندو، سو تڪڙ نہ ڪندو.


آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.


آءٌ تنهنجي اڳيان هلندس ۽ کڙٻڙيا هنڌ سنوان ڪندس: آءٌ پتل جا در ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ لوهہ جا گز وڍي ڌار ڪندس:


انهن کي نہ بک لڳندي نہ اُڃ، نڪي گرمي ۽ اُس انهن کي نقصان رسائيندي: ڇالاءِ تہ جيڪو انهن تي رحم ٿو ڪري سو انهن جو سونهون ٿيندو، بلڪ هو انهن کي پاڻيءَ جي چشمن تي وٺي ويندو.


آءٌ پنهنجي سڀني جبلن تي رستو بنائيندس، ۽ منهنجون شاهي سڙڪون بحال ٿينديون.


جلاوطن قيدي جلد آزاد ڪيا ويندا؛ هو نہ مرندو، نہ پاتال ۾ ويندو، نڪي هن جي ماني کٽندي.


مون هن جا رستا ڏٺا آهن، ۽ آءٌ هن کي چڱو ڀلو ڪندس: آءٌ هن جي رهبري ڪندس، ۽ هن کي ۽ هن جي غمخوارن کي موٽي تسلي ڏيندس.


تڏهن تنهنجو سوجهرو صبح وانگي ڦٽندو، ۽ تون جلد صحت حاصل ڪندين: ۽ تنهنجي راستبازي تنهنجي اڳيان هلندي؛ ۽ خداوند جو جلال تنهنجي پٺ جي سنڀال ڪندو.


ڀڃندڙ هنن جي اڳيان لنگهي ويو آهي: هو ڀڃندا در تائين پهتا آهن ۽ لنگهي ٻاهر ويا آهن: ۽ هنن جو بادشاهہ بہ سندن اڳيان ويو آهي ۽ خداوند سندن سردار ٿيو آهي.


پوءِ دان جي منزلگاهہ، جا سڀني منزلگاهن جي پٺيان هئي، تنهن جو جهنڊو سندن لشڪرن موجب اڳتي هليو، ۽ عميشديءَ جو پٽ اخيعزر پنهنجي انهي لشڪر جو سردار هو.


تون انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائج؛ ست ڏينهن تون انهيءَ سان گڏ بي خميري ماني کائج، يعني ڏک جي ماني؛ ڇالاءِ جو تون مصر جي ملڪ مان تڙتڪڙ ۾ نڪري آئين: سو جنهن ڏينهن تون مصر جي ملڪ مان نڪتين، اهو ڏينهن پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ ياد رکج.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان سان ٿو هلي، تہ اوهان کي بچائڻ جي لاءِ اوهان جي پاران اوهان جي دشمنن سان جنگ ڪري.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سڀ ماڻهو پار لنگهي ويا، تڏهن خداوند جي صندوق ۽ ڪاهن، ماڻهن جي روبرو پار لنگهيا.


۽ قرنائيون وڄائيندڙ ڪاهن قرنائيون وڄائيندا هليا، ۽ سندن اڳيان هٿياربند ماڻهو هئا، ۽ جيڪي پٺيان هئا سي صندوق جي پٺيان لڳا آيا.


۽ دبورہ برق کي چيو تہ اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو اڄ اُهو ڏينهن آهي جنهن ۾ خداوند سيسرا کي تنهنجي هٿن ۾ ڏنو آهي: خداوند تنهنجي اڳيان ٻاهر نڪري نہ هليو آهي ڇا؟ تڏهن برق تبور جبل مان لٿو، ۽ اُهي ڏهہ هزار ماڻهو سندس پٺيان آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ