Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 51:9 - Sindhi Bible

9 اي خداوند جي ٻانهن، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اڳين ڏينهن ۽ قديم پيڙهين جي وقت وانگي جاڳ. تون اها ناهين ڇا جنهن مصر کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ ازدها کي ونڌي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اي خداوند! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، زور وٺ ۽ ڪجھہ ڪري ڏيکار. هائو، جاڳ ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪري ڏيکار، جيڪو تو گذريل ڏينهن ۾ ۽ قديم زمانن ۾ پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيو هو. ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سامونڊي بلا رهب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو هو؟ هائو، تو ئي ازدها نانگ کي چچري ڇڏيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 51:9
40 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو سمنڊ کي پنهنجي طاقت سان اُٿلائي ٿو، ۽ پنهنجي حڪمت سان مغروريءَ تي ڌڪ هڻي ٿو.


خدا پنهنجي ڪاوڙ کي نہ موٽائيندو؛ رهب جا مددگار هن هيٺ جهڪن ٿا.


اي خداوند، شل تون پنهنجي طاقت جي ڪري سرفراز ٿين: ۽ اسين گيت ڳائي تنهنجي قدرت جي تعريف ڪنداسين.


اي خدا اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي ٻڌايو آهي، تہ سندن ڏينهن ۾، ۽ قديم زماني ۾ تو ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن.


تو پنهنجي هٿ سان ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ کين آباد ڪيو؛ تو قومن کي تباهہ ڪيو، ۽ انهن کي پکيڙي ڇڏيو.


اي خداوند جاڳ، تون ڇو ننڊ ۾ آهين؟ اُٿ، هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇڏي نہ ڏي.


تون پنهنجو منهن ڇو ٿو لڪائين، ۽ اسان جي مصيبت ۽ ظلم کي ڇو ٿو وسارين؟


بنا ڪنهن ڏوهہ جي اهي مون تي ڊوڙي سنبريو اچن: تون منهنجي مدد جي لاءِ جاڳ ۽ نظر ڪر.


اي خداوند، پنهنجي غصي ۾ اُٿ، منهنجي دشمن جي جوش جي برخلاف اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ۽ مون لاءِ جاڳ؛ تو انصاف جو حڪم ڏنو آهي.


مون گذريل ڏينهن ۽ قديم زماني جي سالن تي غور ڪيو آهي.


تڏهن خدا ڄڻ تہ ننڊ مان جاڳيو، جيئن ڄڻ تہ ڪو پهلوان شراب پي ڏاڍيان پڪاري.


آءٌ رهب ۽ بابل جو ذڪر ڪندس تہ اهي منهنجي واقفڪارن مان آهن: فلستين ۽ سور ۽ حبش کي ڏسو؛ هي اتي پيدا ٿيو هو.


تو مصر کي ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو آهي، جيئن ڪنهن قتل ٿيل کي ڪندا آهن؛ تو پنهنجي زوراور ٻانهن سان پنهنجن دشمنن کي ڇڙوڇڙ ڪيو آهي.


آسمان تنهنجا آهن، ۽ زمين بہ تنهنجي آهي تو ئي جهان ۽ انهي جي جوڙ جوڙي آهي.


خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ هو حشمت سان پهريل آهي؛ خداوند طاقت سان ڍڪيل آهي، جا هن پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌي آهي: جهان بہ اهڙو قائم ڪيل آهي جو ڪوبہ انهي کي مٽائي نٿو سگهي.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.


انهي ڏينهن خداوند پنهنجي سخت، ۽ وڏيءَ، ۽ مضبوط ترار سان ازدها، يعني تکي نانگ کي، ۽ انهي ازدها، يعني ڏنگي نانگ کي، سزا ڏيندو؛ ۽ هو انهيءَ ازدها کي قتل ڪندو جو سمنڊ ۾ آهي.


ڇالاءِ جو مصر جي مدد اجائي ۽ بي فائدي آهي: تنهن ڪري مون انهيءَ کي رهب سڏيو آهي، جا ماٺ ڪري ٿي ويهي.


اي يروشلم، جاڳ، جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، تو خداوند جي هٿان سندس ڪاوڙ جو پيالو پيتو آهي؛ تو سخت نشو ڏيندڙ پيالو پي خالي ڪيو آهي.


منهنجي راستبازي ويجهي آهي، منهنجي نجات ظاهر ٿي آهي، ۽ منهنجون ٻانهون قومن جي عدالت ڪنديون؛ ٻيٽ منهنجا منتظر رهندا، ۽ منهنجي ٻانهن تي ڀروسو رکندا.


اي صيون، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اي يروشلم پاڪ شهر پنهنجي سهڻي پوشاڪ ڍڪ؛ ڇالاءِ جو اڄ کان پوءِ تو ۾ اڻ طهريل ۽ ناپاڪ ماڻهو ڪونہ ايندا.


خداوند سڀني قومن جي ڏسندي پنهنجي پاڪ ٻانهن اُگهاڙي ڪئي آهي؛ ۽ زمين جا سڀ ڪنارا اسان جي خدا جي نجات ڏسندا.


جيڪو پيغام اسان کي مليو آهي، تنهن تي ڪنهن ايمان آندو آهي؟ ڪنهن تي خداوند جي ٻانهن ظاهر ٿي آهي؟


خداوند پنهنجي ساڄي هٿ جو، ۽ پنهنجيءَ زور واريءَ ٻانهن جو قسم کنيو آهي، تہ تنهنجو اَن تنهنجي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس؛ نڪي تنهنجو شراب، جنهن لاءِ تو محنت ڪئي آهي، سو ڌاريا پيئندا.


ڳالهاءِ ۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي مصر جا بادشاهہ فرعون، تون جو وڏو ازدها آهين، جو پنهنجين ندين جي وچ ۾ پيو آهين، ۽ جو چوين ٿو تہ منهنجي ندي منهنجي ملڪيت آهي ۽ اُها مون پنهنجي لاءِ جوڙي آهي، سو آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.


جيئن مصر جي ملڪ مان نڪري اچڻ جي وقت ائين وري آءٌ هن کي عجيب غريب شيون ڏيکاريندس.


افسوس انهي تي، جو ڪاٺ کي ٿو چوي تہ جاڳ، ۽ گونگي پٿر کي تہ اُٿ! هن مان ڪا تعليم ملندي ڇا؟ ڏس، هن تي سون ۽ چاندي چڙهيل آهي، ۽ انهي منجهہ ساهہ ڪونهي.


تون پنهنجي قوم جي نجات لاءِ، پنهنجي مسح ڪيل جي ڇوٽڪاري لاءِ آيو آهين. تو شريرن جي گهر جي ڇت ڪيرائي ڇڏي ۽ سندن بنياد بلڪل اُگهاڙا ڪري ڇڏيا.


۽ هو مصيبت جي سمنڊ مان لنگهي ويندو، ۽ سمنڊ جي لهرن کي ڪٽيندو، ۽ نيل ندي تري تائين سُڪي ويندي: ۽ اسور جو هٺ ڀڄي پوندو، ۽ مصر جي لٺ لڙهي ويندي.


اي سڀ ساهہ وارا، خداوند جي اڳيان ماٺ ۾ رهو. ڇالاءِ جو هو پنهنجي پاڪ مڪان مان اُٿيو آهي.


هن پنهنجي ٻانهن جو زور ڏيکاريو آهي، ۽ جيڪي دل جا هٺيلا آهن، تن کي ڇڙوڇڙ ڪيو اٿس.


انهي لاءِ تہ يسعياہ نبيءَ جيڪو ڪلام ڪيو هو، سو پورو ٿئي تہ ”اي خداوند، اهو ڪير آهي جنهن اسان جي چوڻ تي اعتبار ڪيو آهي، ۽ اهو ڪير آهي جنهن تي خداوند جو هٿ ظاهر ٿيو آهي؟“


۽ خدا هيئن بہ چيو، تہ جنهن قوم جي غلامي ۾ هو هوندا، تنهن کي آئون سزا ڏيندس: تنهن کانپوءِ هو اُتان نڪري اچي هن هنڌ منهنجي عبادت ڪندا.


يا ڪڏهن خدا ڪنهن قوم کي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍڻ جي لاءِ، آزمائش سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان، ۽ زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان، ۽ جنگ سان، اهڙي قدرت ڏيکاري آهي، جهڙي خداوند اوهان جي خدا اوهانجين اکين اڳيان مصر ۾ اوهان جي لاءِ ڏيکاري؟


۽ چوڻ لڳا تہ اي خداوند خدا، قادر مطلق، جو آهين، جو هئين، اسين تنهنجا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، ڇالاءِ جو تو پنهنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاهي ڪئي.


۽ اهو وڏو ازدها يعني اهو قديم نانگ، جو ابليس ۽ شيطان سڏبو آهي، ۽ ساري جهان کي گمراهہ ڪندو آهي، سو زمين تي اُڇلايو ويو، ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ هيٺ اُڇلايا ويا.


۽ جدعون انهي کي چيو تہ اي منهنجا سائين، جيڪڏهن خداوند اسان سان هجي ها تہ پوءِ هي واقعا ڇو اسان تي ٿي گذرن؟ ۽ هن جا سڀ اُهي عجيب ڪم ڪٿي آهن جن بابت اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي چيو تہ خداوند اسان کي مصر مان هتي آندو. پر هاڻي خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ اسان کي مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ