Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 51:8 - Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو اڏوهي انهن کي ڪپڙي وانگي کائي ويندي، ۽ ڪينئون انهن کي اُن وانگي کائي ويندو. پر منهنجي راستبازي هميشہ تائين، ۽ منهنجي نجات پيڙهين تائين قائم رهندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ڇاڪاڻ تہ اهي ائين ناس ٿي ويندا، جيئن تڏ ڪپڙي کي کائي چٽ ڪريو ڇڏي، جيئن ڪينئون اناج کي کائي ناس ڪندو آهي. پر منهنجو انصاف پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، ۽ آءٌ پنهنجي قوم کي هميشہ بچائيندو رهندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 51:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ آءٌ ڪنهن سڙيل ڳريل شيءِ جهڙو آهيان، ۽ جيت کاڌل ڪپڙي جهڙو آهيان.


تنهنجو انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙو حال هوندو، جيڪي مٽيءَ جي گهرن ۾ رهن ٿا، جن جو بنياد خاڪ آهي، جي پتنگ وانگر چپجي ٿا پون!


تنهنجو تجمل ۽ تنهنجي سازن جي وڄڻ جو آواز آڻي دوزخ ۾ وڌو اٿن: ڪينئون تنهنجي هيٺان پکڙي پيو آهي ۽ ڪينئن توکي ڍڪي ڇڏيو آهي.


پر خداوند اسرائيل کي بچائي هميشہ جي نجات ڏيندو: اوهين ابدي زماني تائين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا، نڪي پشيمان ٿيندا.


آءٌ پنهنجي راستبازي ويجهي ٿو آڻيان، اها پري نہ ٿيندي، ۽ منهنجي نجات کي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي؛ آءٌ صيون ۾ نجات موڪليندس ۽ اسرائيل کي پنهنجو جلال بخشيندس.


ڏسو خداوند خدا منهنجي مدد ڪندو؛ ڪير مون کي ڏوهاري ٺهرائيندو؟ ڏس، اهي سڀ ڪپڙي وانگي پراڻا ٿي ويندا، اڏوهي انهن کي کائي ويندي.


اوهين پنهنجون اکيون مٿي آسمان ڏانهن کڻو، ۽ هيٺ زمين ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو آسمان دونهين وانگي گم ٿي ويندا، ۽ زمين ڪپڙي وانگي پراڻي ٿي ويندي، ۽ جيڪي انهي تي رهن ٿا سي بہ ساڳيءَ طرح مري ويندا: پر منهنجي نجات سدائين رهندي، ۽ منهنجي راستبازي بند نہ ٿيندي.


ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ اهو نوح جي طوفان وانگي آهي: جهڙيءَ طرح مون قسم کنيو آهي تہ نوح جي طوفان وارو پاڻي وري زمين جي مٿان اُٿلي نہ پوندو، تهڙيءَ طرح مون هي بہ قسم کنيو آهي تہ آءٌ وري توتي نہ ڪاوڙبس، ۽ نڪي توکي ملامت ڪندس.


۽ اهي ٻاهر نڪري انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا جن منهنجو گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهن جو ڪينئون نہ مرندو، ۽ نڪي انهن جي باهہ وسامندي؛ ۽ اُهي سڀني ماڻهن اڳيان ڪراهت جهڙي شيءِ ٿيندا.


ستر هفتا تنهنجي قوم تي ۽ تنهنجي پاڪ شهر تي مقرر ٿيل آهن، جنهن عرصي ۾ گنهگاري پوري ٿيندي ۽ گناهہ موقوف ٿي ويندا، ۽ گناهہ جو ڪفارو ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ جٽاءُ ڪندڙ سچائي ايندي، ۽ رويا ۽ نبوت تي مهر ٿيندي، ۽ جيڪو سڀ کان پاڪ آهي تنهن کي مسح ڪيو ويندو.


تنهنڪري آءٌ افرائيم جي لاءِ هڪڙي پرواني وانگر آهيان، ۽ يهوداہ جي گهراڻي لاءِ ڪِنيءَ شيءِ وانگر.


۽ سندس ٻاجهہ پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ اُنهن تي آهي، جي کانئس ڊڄن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ