Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 51:5 - Sindhi Bible

5 منهنجي راستبازي ويجهي آهي، منهنجي نجات ظاهر ٿي آهي، ۽ منهنجون ٻانهون قومن جي عدالت ڪنديون؛ ٻيٽ منهنجا منتظر رهندا، ۽ منهنجي ٻانهن تي ڀروسو رکندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 منهنجي عدالت وارو ڏينهن ويجھو آهي، سو آءٌ جلدي اچي پهچندس ۽ انهن کي بچائيندس. آءٌ پاڻ قومن مٿان حڪمراني ڪندس. ڏورانهن ملڪن وارا منهنجي اچڻ جا منتظر رهندا. هائو، اهي پنهنجي بچاءَ جي اميد رکي منهنجا منتظر رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 51:5
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو قومن جي عدالت ڪندو، ۽ ميدان کي لاشن سان ڀري ڇڏيندو؛ هو گهڻن ملڪن جي رئيسن جا مٿا ڀڃي وجهندو.


ڀلي تہ قومون خوشيون ڪن ۽ سرهائي جا گيت ڳائين: ڇو جو تون سچائيءَ سان ماڻهن جو انصاف ڪندين، ۽ زمين جي سڀني قومن تي حڪومت ڪندين.


يقيناً جيڪي هن کان ڊڄن ٿا، تن کي نجات ويجهي آهي؛ تہ اسان جي ملڪ ۾ جلال قائم رهي.


خداوند جي حضور ۾، ڇو جو هو اچي ٿو؛ هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ پنهنجي سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو.


خداوند جي حضور، ڇو جو هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو.


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند وري ٻيو ڀيرو پنهنجو هٿ کڻندو انهي لاءِ تہ سندس قوم جا جيڪي اسور مان ۽ مصر ۽ فطروس مان ۽ قوش مان ۽ عيلام ۽ سنعار مان ۽ حمات مان، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن مان، باقي بچيا هوندا، تن کي گڏ ڪري.


تنهن ڪري اوهين اُڀرندي ۾ خداوند جي، بلڪ سمنڊ جي ٻيٽن ۾ خداوند، اسرائيل جي خدا جي نالي جي وڏائي بيان ڪريو.


اوهين هميشہ لاءِ خداوند تي ڀروسو رکو: ڇالاءِ جو خداوند يهوواہ هڪڙو دائمي ٽڪر آهي.


اي خداوند اسان تي فضل ڪر؛ اسين تنهنجا منتظر رهيا آهيون: تون هر روز صبح جو هنن جي ٻانهن جو زور ٿيءُ، ۽ مصيبت جي وقت اسان جو ڇوٽڪارو بہ ٿيءُ.


ڇالاءِ جو خداوند اسان جو منصف آهي، خداوند اسان جو شريعت ڏيندڙ آهي، ۽ خداوند اسان جو بادشاهہ آهي؛ اهو اسان کي بچائيندو.


ڏسو، خداوند، خدا طاقت مند وانگي ايندو ۽ هن جي ٻانهن سندس لاءِ حڪم هلائيندي: ڏسو، هن جو انجام ساڻس آهي، ۽ هن جو عيوضو سندس اڳيان آهي.


جيسين ڪ هو زمين تي عدالت قائم نہ ڪندو، تيسين هو نڪي ٿڪبو، نڪي بي همت ٿيندو؛ ۽ ٻيٽ هن جي شريعت جو انتظار ڪندا.


آءٌ پنهنجي راستبازي ويجهي ٿو آڻيان، اها پري نہ ٿيندي، ۽ منهنجي نجات کي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي؛ آءٌ صيون ۾ نجات موڪليندس ۽ اسرائيل کي پنهنجو جلال بخشيندس.


اي ٻيٽ منهنجي ٻڌو؛ اي پري جون قومون ڪن ڏيو: آءٌ پيٽ ۾ هوس، تڏهن کان خداوند مون کي سڏيو آهي؛ آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ هوس تڏهن کان هن منهنجي نالي جو ذڪر ڪيو آهي.


جيڪو بہ هٿيار تنهنجي برخلاف جڙندو سو ڪامياب نہ ٿيندو؛ ۽ جيڪا زبان عدالت ۾ تنهنجي برخلاف اُٿندي تنهن کي تون ڏوهاري ٺهرائيندينءَ. خداوند فرمائي ٿو تہ اها خداوند جي بندن جي ميراث آهي، ۽ انهن جي راستبازي مون کان آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين انصاف کي قائم رکو، ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو: ڇالاءِ جو منهنجي نجات ويجهي آئي آهي، ۽ منهنجي راستبازي ظاهر ٿيڻ تي آهي.


۽ هن ڏٺو تہ ڪو ماڻهو ڪونهي، ۽ عجب لڳس تہ ڪو شفاعت ڪرڻ وارو ڪونهي: تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ٻانهن سان هن جي لاءِ نجات آندي؛ ۽ هن جي راستبازيءَ هن کي سنڀاليو.


يقين آهي تہ ٻيٽ مون لاءِ منتظر ٿيندا، ۽ ترسيس جا جهاز پهرين تنهنجن پٽن کي سندس سون ۽ روپي سميت، خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ، ۽ اسرائيل جي قدوس لاءِ، پري کان آڻيندا، ڇالاءِ جو هن توکي جلال بخشيو آهي.


ڏسو، خداوند زمين جي ڇيڙي تائين اهو ظاهر ڪيو آهي، اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجي نجات اچي ٿي؛ ڏس هن جو انعام انهي سان آهي، ۽ هن جو عيوضو هنن جي اڳيان آهي.


مون نهاريو، پر ڪوبہ مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هو؛ ۽ مون کي عجيب لڳو تہ سنڀال ڪرڻ وارو ڪوبہ ڪونهي: تنهن ڪري خود منهنجيءَ ٻانهن نجات آندي؛ ۽ منهنجيءَ ڪاوڙ مون کي غيرت ڏني.


ڀلي سڀ قومون اُٿي يهوسفط جي واديءَ ۾ گڏ ٿين: ڇالاءِ جو اُتي آءٌ آس پاس جي سڀني قومن جي عدالت ڪرڻ لاءِ ويهندس.


خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا.


۽ يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهايو ۽ چيائين تہ آسمان ۽ زمين تي سڀ اختياري مون کي ڏني ويئي آهي.


اوهين توبهہ ڪريو، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت ويجهي آئي آهي.


۽ هنن کي چيائين تہ اوهين ساريءَ دنيا ۾ وڃو، ۽ ساريءَ خلق جي اڳيان انجيل جي منادي ڪريو.


۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي.


ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


انهي ڏينهن لاءِ، جڏهن خدا منهنجي خوشخبريءَ موجب يسوع مسيح جي وسيلي ماڻهن جي پوشيدہ ڳالهين جو انصاف ڪندو.


ڇالاءِ جو اسان سڀني کي مسيح جي عدالت جي تخت جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي؛ انهي لاءِ تہ هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي جي هن بدن ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


پر اهو ڪلام توکي تمام ويجهو آهي: اهو تنهنجي وات ۾، ۽ تنهنجيءَ دل ۾ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون مٿس عمل ڪرين.


جيڪي خداوند سان جهڳڙن ٿا سي ڀڃي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ آسمان مان هو اُنهن تي گجگار ڪندو: خداوند زمين جي حد تائين عدالت ڪندو؛ ۽ هو پنهنجي بادشاهہ کي زور ڏيندو، ۽ پنهنجي ممسوح جو سڱ مٿي ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ