يسعياہ 51:22 - Sindhi Bible22 خداوند، تنهنجو مالڪ ۽ تنهنجو خدا، جو پنهنجيءَ اُمت جي لاءِ حجت دليل ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ ڏس، مون تنهنجي هٿ مان سخت نشي جو پيالو، يعني منهنجيءَ ڪاوڙ جو وڏو پيالو ورتو آهي؛ تون وري اهو نہ پيئندينءَ. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible22 اوهان جو ڌڻي خداوند، هائو، اوهان جو خدا، جيڪو پنهنجي قوم جو بچاءُ ڪندڙ آهي، سو فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ اوهان جي هٿ مان سخت نشي وارو پيالو، يعني پنهنجي غضب وارو وڏو پيالو وٺي رهيو آهيان. هاڻي اوهين اهو وري نہ پيئندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ خداوند برڪت وارو هجي جنهن نابال جي هٿان منهنجي پاران منهنجي حقارت جو بدلو ورتو آهي، ۽ پنهنجي ٻانهي کي خرابي ڪرڻ کان بچايو اٿس: ۽ نابال جي شرارت موٽائي خود سندس گردن تي وڌي اٿس؛ ۽ دائود ماڻهو موڪلي ابيجيل جي نالي چوائي موڪليو تہ آءٌ هن کي پنهنجي زال ڪرڻ ٿو گهران.