Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 51:2 - Sindhi Bible

2 پنهنجي پيءُ ابرهام، ۽ تنهنجي ماءُ سارہ ڏانهن نهاريو: ڇالاءِ جو جڏهن مون هن کي سڏيو تڏهن هو اڪيلو هو، پر مون هن کي برڪت ڏني ۽ منجهانئس گهڻا ڪيم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 51:2
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ توکي برڪت تي برڪت ڏيندس، ۽ تنهنجي اولاد کي وڌائيندي وڌائيندي ايترو ڪندس، جيترا آسمان جا تارا آهن، ۽ جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري آهي؛ ۽ تنهنجو اولاد پنهنجن دشمنن جي دروازي تي قبضو ڪندو.


هاڻي ابرهام ٻڍو ۽ وڏي عمر جو ٿيو، ۽ خداوند سڀني ڳالهين ۾ ابرهام کي برڪت ڏني هئي.


خداوند منهنجي مالڪ کي گهڻي برڪت ڏني آهي ۽ هو وڏو ماڻهو آهي: هن کيس ڌڻ، ڍور، چاندي، سون، غلام، ٻانهيون، اُٺ ۽ گڏهہ ڏنا آهن.


تنهن ڪري خداوند، جنهن ابراهيم کي ڇوٽڪارو ڏنو، سو يعقوب جي گهراڻي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي يعقوب شرمندو نہ ٿيندو، نڪي سندس منهن ڦڪو ٿيندو.


پر اي منهنجا بندا اسرائيل! اي منهنجا چونڊيل يعقوب! تون منهنجي دوست ابرهام جي نسل مان آهين.


تنهنجي پهرئين پيءُ گناهہ ڪيو، ۽ تفسير ڪندڙن منهنجي برخلاف ڏوهہ ڪيو آهي.


اي يعقوب جا گهراڻا، اوهين جي اسرائيل جي نالي سان سڏجو ٿا، ۽ يهوداہ جي چشمي مان نڪتا آهيو سي هيءَ ڳالهہ ٻڌو؛ اوهين خداوند جي نالي تي قسم کڻو ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا جو ذڪر ڪريو ٿا، پر سچائيءَ ۽ راستبازيءَ سان نہ.


هڪڙي ننڍڙي مان هزار ٿيندا، ۽ ٿوري مان زبردست قوم ٿيندي: آءٌ خداوند پوري وقت تي جلد اهو ڪندس.


تون اسان جو پيءُ آهين، جيتوڻيڪ ابرهام اسان کي نٿو سڃاڻي، ۽ اسرائيل اسان کي قبول نٿو ڪري: تون اي خداوند اسان جو پيءُ آهين؛ ازل کان تنهنجو نالو آهي اسان جو ڇڏائيندڙ.


اي آدمزاد، جيڪي ماڻهو اسرائيل جي زمين ۾ انهن ويران جاين تي رهن ٿا، سي چوندا وتن تہ ابرهام هڪڙو ئي هو، جنهن کي اُها زمين ورثي ۾ ملي؛ پر اسين تہ گهڻا آهيون؛ اُها زمين اسان کي موروثي ملڪيت ٿي ملي آهي.


خداوند اوهان جي خدا اوهان کي وڌايو آهي، ۽ اڄ اوهين آسمان جي تارن وانگر بي شمار آهيو.


۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ ورندي ڏيئي چئج، تہ هڪڙو مرڻ هار ارامي منهنجو پيءُ هو، ۽ اهو ٿورا ماڻهو ساڻ ڪري مصر ۾ وڃي اتي رهڻ لڳو؛ ۽ هو اتي هڪڙي وڏي، زوراور، ۽ گهڻن ماڻهن واري قوم ٿي پيو:


۽ مون اوهان جي پيءُ ابرهام کي نديءَ جي هن ڀر کان ڪڍي ڪنعان جي ساري زمين ۾ گهمايو، ۽ سندس اولاد وڌايم، ۽ اسحاق ڏنومانس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ