Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 51:15 - Sindhi Bible

15 ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جو سمنڊ کي اهڙو ٿو ولوڙيان جو هن جون لهرون گجگوڙ ٿيون ڪن: منهنجو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ياد رکو، آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو سمنڊ کي اهڙو ٿو ولوڙيان، جو هن جون ڇوليون گجگوڙ ٿيون ڪن. هائو، قادرِمطلق خداوند منهنجو ئي نالو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 51:15
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تو اُنهن جي اڳيان سمنڊ چيريو، جنهنڪري هو سمنڊ جي وچان سڪي زمين تان لنگهيا؛ ۽ هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي تو ائين اونهي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي پاڻيءَ ۾ اُڇلائبو آهي.


هو سمنڊ کي پنهنجي طاقت سان اُٿلائي ٿو، ۽ پنهنجي حڪمت سان مغروريءَ تي ڌڪ هڻي ٿو.


ڇو جو هو حڪم ٿو ڏئي تہ طوفان ٿو لڳي، جنهن ڪري لهرون ٿيون چڙهن.


انهي جو جنهن ڳاڙهي سمنڊ کي چيري ٻہ ڀاڱا ڪيو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


تو پنهنجيءَ قدرت سان سمنڊ کي چيري ڌار ڪيو، ۽ تو درياهہ ۾ واڳن جا مٿا ڀڃي ڇڏيا.


آءٌ اوهان کي پنهنجي اُمت سمجهندس، ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ جو اوهان کي مصرين جي تڪليفن کان ڇڏايان ٿو.


اسان جي عيوضي ڏيندڙ جو نالو، لشڪرن جو خداوند، ۽ اسرائيل جو پاڪ خدا آهي.


ڇالاءِ جو اهي پاڻ کي پاڪ شهر جا سڏين ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا تي ڀروسو رکن ٿا؛ جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


تون اها ناهين ڇا جنهن سمنڊ کي، بلڪ وڏي سمنڊ جو پاڻي سڪائي ڇڏيو؟ جنهن ڇڏايلن جي پار لنگهڻ لاءِ سمنڊ جي تري کي رستو بنايو؟


ڇالاءِ جو جنهن توکي جوڙيو آهي، سو تنهنجو مڙس آهي؛ انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي: اسرائيل جو قدوس تنهنجو ڇڏائيندڙ آهي؛ هو ساري زمين جو خدا سڏيو ويندو.


يعقوب جو حصو انهن جهڙو ناهي؛ ڇالاءِ جو خداوند سڀني شين جو خالق آهي، ۽ اسرائيل انهي جي موروثي قوم آهي: لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، يعني اُهو جو ڏينهن جي روشنائيءَ لاءِ سج ڏئي ٿو، ۽ رات جي روشنائيءَ لاءِ چنڊ، ۽ تارن جا قانون ٿو ڏئي، ۽ جو سمنڊ کي ولوڙي ٿو تہ انهي جون لهرون گجگار ڪن؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي:


ڇالاءِ جو نڪي اسرائيل کي نڪي يهوداہ کي سندن خدا، لشڪرن جي خداوند، ڇڏي ڏنو آهي؛ جيتوڻيڪ هنن جو ملڪ اسرائيل جي پاڪ خدا جي ڏوهہ سان ڀريل آهي.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان: تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مقدس ٿيو؛ ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان. جيڪو بہ سرندڙ جيت زمين تي سري ٿو، تنهن سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ