Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 50:8 - Sindhi Bible

8 جيڪو مون کي سچو ٿو ٺهرائي سو ويجهو آهي؛ ڪير مون سان وڙهندو؟ اچو تہ گڏ بيهون: ڪير منهنجو مخالف آهي؟ اهو منهنجي ويجهو اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ڇاڪاڻ تہ منهنجي تصديق ڪندڙ منهنجي ويجھو آهي. سو ڪير مون سان مقابلو ڪندو؟ ڪنهن ۾ همت آهي جو منهنجي خلاف الزام هڻي؟ جيڪڏهن ڪو آهي تہ ڀلي عدالت ۾ مون سان گڏجي هلي. هائو، ڀلي هو سامهون اچي مون سان مقابلو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 50:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪير آهي جو مون سان جهيڙو ڪندو؟ ڇالاءِ جو آءٌ ماٺ ڪري ويهندس ۽ ساهہ ڏيندس.


تون اي خداوند ويجهو آهين؛ ۽ تنهنجا سڀ حڪم سچا آهن.


ڇالاءِ جو هر ڪنهن قسم جي ڪپت، ڇا ڍڳي جي، ڇا گڏهہ جي، ڇا رڍ جي، ڇا ڪپڙن جي، ڇا ڪنهن ٻيءَ گم ٿيل شيءِ جي، جنهن جي بابت ڪو چوي تہ هيءَ منهنجي آهي، تنهنجي لاءِ ٻنهي ڄڻن جي دعويٰ خدا جي حضور ۾ پيش ڪئي وڃي؛ ۽ جنهن کي خدا ڏوهاري ٺهرائيندو سو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻيڻو ڀري ڏيندو.


خداوند ٿو فرمائي تہ هاڻي اچو تہ پاڻ ۾ حجت دليل ڪريون: جيتوڻيڪ اوهان جا گناهہ کهنبي جهڙا هوندا تہ بہ اهي برف جهڙا اڇا ٿي ويندا؛ جيتوڻيڪ اهي قرمز جهڙا ڳاڙها هوندا تہ بہ اُن جهڙا ٿي پوندا.


اي ٻيٽ، منهنجي اڳيان ماٺ ڪريو؛ ڀلي تہ اُمتون نئين سر زور حاصل ڪن: ڀلي تہ ويجهو اچي ڳالهائين؛ اچو تہ اسين بہ عدالت جي لاءِ گڏجي ويجها ٿيون.


خداوند، يعقوب جو بادشاهہ، فرمائي ٿو تہ پنهنجي دعويٰ پيش ڪريو؛ ۽ پنهنجا مضبوط دليل آڻيو.


مون کي ياد ڏيار؛ اچو تہ پاڻ ۾ بحث ڪريون: تون پنهنجو مقدمو بيان ڪر تہ تون سچو ثابت ٿين.


اسرائيل جو سارو نسل انهي ۾ سچو ثابت ٿيندو، ۽ انهي تي فخر ڪندو.


جيڪو بہ هٿيار تنهنجي برخلاف جڙندو سو ڪامياب نہ ٿيندو؛ ۽ جيڪا زبان عدالت ۾ تنهنجي برخلاف اُٿندي تنهن کي تون ڏوهاري ٺهرائيندينءَ. خداوند فرمائي ٿو تہ اها خداوند جي بندن جي ميراث آهي، ۽ انهن جي راستبازي مون کان آهي.


جيسين تون پنهنجي مدعيءَ سان گڏ واٽ ۾ آهين، تيسين جلدي ڪري هن سان ٺاهہ ڪري وٺ، متان اُهو مدعي توکي منصف جي حوالي ڪري، ۽ منصف توکي فوجدار جي حوالي ڪري، ۽ تون قيد ۾ وڃي پوين.


تہ جن ٻن ماڻهن جي وچ ۾ تڪرار هجي، سي انهن ڏينهن ۾ جيڪي ڪاهن ۽ قاضي هجن، تن جي اڳيان خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿين؛


بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.


۽ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاڻي اسان جي خدا جي نجات، ۽ قدرت، ۽ بادشاهت، ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي: ڇالاءِ جو اسان جي ڀائرن تي الزام آڻڻ وارو، جو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن الزام پيو آڻي، سو هيٺ اُڇلايو ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ