Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 50:6 - Sindhi Bible

6 مون ماريندڙن کي پنهنجي پٺي ڏني، ۽ وارن پٽيندڙن کي پنهنجا ڳل ڏنا: مون پنهنجو منهن شرم ۽ ٿُڪن جهلڻ کان ڪين لڪايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 بلڪ آءٌ تہ پنهنجي پٺي مار ڏيڻ وارن جي حوالي ٿو ڪريان، ۽ منهنجي ڏاڙهي پٽڻ وارن کي آءٌ ڪين ٿو روڪيان. آءٌ بي‌عزت ٿيڻ ۽ ٿڪون جھلڻ کان پنهنجو منهن نہ ٿو لڪايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 50:6
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مون انهن سان جهيڙو ڪيو، ۽ پٽيومان، ۽ منجهان ڪن کي ڌڪ هنيم، ۽ سندن وار پَٽيم، ۽ خدا جو قسم کڻائي چيومان تہ اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي متان ڏيو، نڪي هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پاڻ لاءِ وٺجو.


هن پنهنجو وات پساري مون ڏانهن نهاريو آهي، هنن منهنجن ڳٽن تي ڌڪار سان چماٽون هنيون آهن، هو منهنجي برخلاف گڏ ٿيا آهن.


هو مون کان نفرت ٿا ڪن، هو مون کان پري ڀڄيو ٿا بيهن، ۽ منهنجي منهن تي ٿُڪ هڻڻ کان نٿا رهن.


هارين منهنجي پٺيءَ تي هر کيڙيو؛ ۽ ڊگهيون اوڙون ڪيائون.


ڇو جو تنهنجي خاطر مون طعنا سٺا آهن، ۽ منهنجو منهن شرم ۾ ٻڏي ويو آهي.


آءٌ پنهنجن ڀائرن وٽ ڌاريو، پنهنجيءَ ماءُ جي اولاد وٽ پرديسي ٿي پيو آهيان.


پر هو اسان جي گناهن جي ڪري ڦٽيو ويو، ۽ اسانجين خطائن جي ڪري چٿيو ويو: اسان جي سلامتي لاءِ هن تي سزا آئي؛ هن جي مار کائڻ ڪري اسان شفا حاصل ڪئي.


هو مظلوم هو، تہ بہ هن پاڻ کي نماڻو ڪيو، ۽ پنهنجو وات نہ پٽيائين؛ جيئن ڪو گهيٽو ڪوس تي ويندو آهي، ۽ جيئن ڪا رڍ اُن ڪترڻ وارن جي اڳيان ماٺ ڪري بيهندي آهي؛ تيئن هن بہ پنهنجو وات نہ پٽيو.


هن کي کپي تہ ڌڪ هڻڻ واري کي پنهنجو ڳل ڏئي؛ پوءِ ڀلي تہ خواريءَ سان ڀرجي.


تنهنڪري اي لشڪرن جي ڌيءَ، پنهنجا لشڪر گڏ ڪري تيار ٿيءُ: هن اسان جي چوگرد گهيرو ڪيو آهي: هو اسرائيل جي حاڪم کي ڳلي تي لٺ ٿا هڻن.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ جيڪڏهن هن جو پيءُ رڳو هن جي منهن تي ٿُڪ اُڇلائي ها، تہ هيءَ ستن ڏينهن تائين شرمندي نہ رهي ها ڇا؟ سو هاڻي ستن ڏينهن تائين هوءَ منزلگاهہ کان ٻاهر رهي، پوءِ ڀلي اندر اچي.


تڏهن هو مٿس ٿُڪون وجهڻ ۽ ٺونشا هڻڻ لڳا: ۽ ڪي چماٽون هڻي چوڻ لڳس تہ


تڏهن هن انهن جي خاطر برابا کي ڇڏي ڏنو، پر يسوع کي چهبڪ هڻائي، صليب تي چاڙهڻ لاءِ حوالي ڪيائين.


۽ مٿس ٿُڪون وڌائون، ۽ اُها ڇڙهي وٺي اُنهيءَ سان مٿي تي ڌڪ هنيائونس.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بڇڙو آهي، تنهن جي سامهون نہ ٿيو: پر جيڪو توکي تنهنجي ساڄي ڳل تي چماٽ هڻي، تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏي.


۽ ڪي مٿس ٿُڪون وجهڻ ۽ سندس منهن ڍڪڻ، ۽ کيس ٺونشا هڻڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳس تہ نبوت ڪر، ۽ سپاهين چماٽون هڻي هن کي پنهنجي حوالي ڪيو.


۽ هن جي مٿي تي ڇڙين سان ڌڪ هنيائون، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلايائون، ۽ گوڏا کوڙي سجدو ڪيائونس.


۽ اڃا هن ائين چيو ئي ڪين، تہ حوالدار جي اتي بيٺا هئا، تن مان هڪڙي لپاٽ هڻي چيس، تہ سردار ڪاهن کي ٿو ائين جواب ڏين؟


۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ