Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 50:4 - Sindhi Bible

4 خداوند خدا مون کي شاگردن جي زبان ڏني آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ٿڪل هجي تنهن کي ڪلام سان مدد ڏيڻ اچيم: هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، هو منهنجو ڪن کولي ٿو تہ آءٌ شاگردن وانگي ٻڌان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 50:4
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجي ڪلام انهي کي جهلي ورتو آهي جو ڪرڻ تي هو، ۽ تو ضعيف گوڏن کي مضبوط ڪيو آهي.


مون پرهہ ڦٽڻ کان اڳي اٿي پڪاريو: ۽ تنهنجي ڪلام ۾ اُميد رکيم.


صبح جو مون کي پنهنجي ٻاجهہ جي ڳالهہ ٻڌاءِ؛ ڇو تہ منهنجو ڀروسو توتي ئي آهي: جنهن واٽ تي مون کي هلڻ گهرجي سا مون کي ڏيکار: ڇو جو آءٌ پنهنجيءَ جان کي تو سان ٿو لڳايان.


تڏهن مون چيو تہ ڏس، آءٌ حاضر آهيان؛ ڪتاب جي ورق ۾ مون بابت هيئن لکيل آهي.


بني آدم ۾ تون سڀ کان سهڻو آهين؛ تنهنجا چپ فضل سان ڀرپور آهن: تنهن ڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برڪت ڏني آهي.


اي خداوند، صبح جو تون منهنجو عرض ٻڌندين؛ صبح سان آءٌ تياري ڪري دعا گهري، تنهنجو انتظار ڪندس.


پر اي خداوند مون تو وٽ پڪاريو آهي، ۽ صبح جو منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچندي.


دل جو فڪر ماڻهوءَ کي جهڪائي ڇڏي ٿو، پر چڱي گفتگو انهيءَ کي خوش ڪري ٿي.


ماڻهوءَ کي پنهنجي وات جي جواب سان خوشي ٿي رسي: ۽ پوري وقت تي ڪيل ڳالهہ ڪهڙي نہ چڱي ٿي لڳي!


مناسب وقت تي هڪڙو لفظ اهڙو آهي جهڙا سون جا صوف چانديءَ جي ٽوڪرين ۾،


جيترا ڀيرا اها لنگهندي، اوترا ڀيرا اها اوهان کي پڪڙيندي؛ ڇالاءِ جو هر صبح جو، ۽ ڏينهن جو، ۽ رات جو اُها اوهان تي اُٿلندي، ۽ انهي پيغام جو نتيجو رڳو ڊپ ٿيندو.


هو ڪنهن کي علم سيکاريندو؟ ۽ ڪنهن کي پيغام سمجهائيندو؟ ڇا انهن کي جن کان کير ڇڏايو ويو آهي، ۽ جي ٿڻن کان پري ڪيا ويا آهن؟


تڏهن انڌن جون اکيون کلنديون، ۽ ٻوڙن جا ڪن کوليا ويندا.


هو ماندن کي زور ڏئي ٿو؛ ۽ جنهن کي طاقت ڪانهي تنهن جي سگهہ وڌائي ٿو.


اوهان ۾ ڪير آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو، ۽ هن جي بندي جو حڪم ٿو مڃي؟ جيڪو اونداهيءَ ۾ هلي ٿو ۽ روشنائي ڪانہ اٿس سو خداوند جي نالي تي ڀروسو رکي، ۽ پنهنجي خدا تي ٽيڪ ڏئي.


۽ تنهنجن سڀني ٻارن کي خداوند جي تعليم ڏني ويندي، ۽ تنهنجي ٻارن کي گهڻي سلامتي ملندي.


تون اها شاهدي بند ڪر، ۽ شريعت تي مهر هڻي منهنجي شاگردن کي ڏي.


تڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيري منهنجي وات کي ڇهيو؛ ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ ڏس، مون پنهنجون ڳالهيون تنهنجي وات ۾ وڌيون آهن:


ڇالاءِ جو ٿڪل جان کي مون ڍاول ڪيو آهي، ۽ سڀ ڪنهن غمگين روح کي مون راضي ڪيو آهي.


۽ تون هر روز خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ واسطي هڪ سالو بي عيب گهٽو تيار ڪج: اُهو هر صبح جو تون تيار ڪج.


اوهين مڙيئي جي پورهيو ٿا ڪريو ۽ وڏي بار هيٺ دٻيا پيا آهيو، سي مون وٽ اچو، تہ آئون اوهان کي آرام ڏيندس.


۽ پنهنجي وطن ۾ اچي ماڻهن کي سندن عبادتخاني ۾ تعليم ڏنائين، جنهنڪري هو عجب ۾ پئي چوڻ لڳا، تہ هن ماڻهوءَ کي هيءَ دانائي ۽ معجزا ڪٿان آيا؟


۽ ڪوبہ هن کي ورنديءَ ۾ هڪڙو اکر بہ چئي نہ سگهيو، نڪي وري انهي ڏينهن کان وٺي ڪنهن ماڻهوءَ کي کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي همت ٿي.


ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي سمجهہ ڏيندس، جو اوهان جي ڪنهن بہ دشمن کي طاقت نہ ٿيندي تہ اوهان جي سامهون ٿئي، يا اوهان کي رد قد ڏيئي سگهي.


۽ سڀني سندس لاءِ شاهدي ڀري، ۽ جيڪي فضل ڀريون ڳالهيون سندس واتان نڪتيون، سي ٻڌي عجب کاڌائون ۽ چوڻ لڳا تہ هي يوسف جو پٽ نہ آهي ڇا؟


حوالدارن جواب ڏنو تہ ڪنهن بہ انسان اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪونہ ڳالهايو.


تڏهن خداوند مون کي چيو، تہ هنن جو چوڻ برابر آهي.


آءٌ هنن جي لاءِ سندن ڀائرن منجهان تو جهڙو هڪڙو نبي اُٿاريندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو ڪلام انهي جي وات ۾ وجهندس، جيڪي آءٌ هن کي فرمائيندس، سو هو هنن کي ٻڌائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ