3 آءٌ آسمانن کي اونداهيءَ جي پوشاڪ ٿو پهرايان، ۽ انهن کي کٿي سان ڍڪيان ٿو.
3 آءٌ آسمانن کي اونداهيءَ جي پوشاڪ ٿو پهرايان، جيئن ڪنهن جي مرڻ جي سوڳ ۾ کٿو ڍڪبو آهي.“
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کڻ تہ مصر جي ملڪ تي اوندهہ ٿئي، اهڙي اوندهہ جو ماڻهو هٿوراڙيون هڻن.
ڇالاءِ جو آسمان جا تارا ۽ ان جا برج پنهنجي روشنائي نہ ڏيندا: سج پنهنجي دوري ۾ ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي نہ چمڪائيندو.
۽ وري زمين ڏي نهاريندا، ۽ ڏسو، هو مصيبت، ۽ اونداهي، ۽ ڏک جي پيڙا ۾، ۽ ڀڀ اونداهيءَ ۾ هڪليا ويندا.
زمين ماتم ڪندي ۽ مٿي آسمان ڪارا ٿيندا: ڇالاءِ جو آءٌ ائين چئي چڪو آهيان، ۽ مون اهڙو ارادو ڪيو آهي ۽ ڦريو نہ آهيان، نڪي انهي کان آءٌ پٺ تي ڦرندس.
هاڻي ٻئي پهر کان وٺي ٽئين پهر تائين سڄي زمين تي اونداهي ڇانئجي ويئي.
۽ جڏهن هن ڇهين مهر کولي، تڏهن مون ڏٺو تہ هڪڙو وڏو زلزلو آيو، ۽ سج ڏاس جي کٿي جهڙو ڪارو ٿي پيو، ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ٿي پيو؛