يسعياہ 50:1 - Sindhi Bible1 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ هوندي بہ اسان جو جسم اسان جي ڀائرن جي جسم جهڙو آهي، ۽ اسان جا ٻار هنن جي ٻارن جهڙا آهن: ۽ ڏسو، اسين پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي غلام ٿيڻ لاءِ بند ۾ ٿا وجهون، ۽ ڪي اسان جون ڌيئرون تہ اڳيئي غلاميءَ ۾ ويون آهن؛ ۽ اسان جو ڪو وس ڪونہ ٿو هلي، ڇالاءِ جو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا ڊاک جا منهہ ٻين هٿ ڪيا آهن.