Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:9 - Sindhi Bible

9 لشڪرن جي خدا منهنجي ڪن ۾ چيو تہ يقيناً گهڻا گهر ويران ٿيندا، بلڪ وڏا ۽ عمدا گهر خالي رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 پر قادرِمطلق خدا منهنجي ڪن ۾ قسم کڻي چيو تہ ”يقيناً گھڻا گھر ويران ٿيندا، هائو، وڏن ۽ عمدن گھرن ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان سچو ٿئي، جيسين ڪ ملڪ پنهنجا سبت ادا ڪيا: ڇالاءِ جو جيسين اهو ويران هو تيسين ستر ورهين تائين هن سبت ادا پئي ڪيا.


۽ هو ويران شهرن ۾ رهيو آهي، انهن ۾ جن ۾ ڪو بہ ماڻهو نٿو رهي، جي ڊهي ڍير ٿيڻ لاءِ هئا.


اهڙي ڪا بہ شيءِ نہ بچي جا هن ڳڙڪائي نہ ڇڏي؛ تنهن ڪري هن جو سک جٽاءُ نہ ڪندو.


جنهن کي نفعي جي لالچ ٿي رهي سو خود پنهنجي گهر کي تڪليف ۾ وجهي ٿو: پر جيڪو رشوت کي ڌڪاري ٿو سو جيئرو رهندو.


۽ لشڪرن جي خداوند پاڻ کي منهنجن ڪنن ۾ ظاهر ڪيو، تہ پڪ آهي تہ جيسين اوهين جيئرا آهيو تيسين هي گناهہ ڌوپي صاف ٿي نہ ويندو؛ خداوند، لشڪرن جو خداوند، ائين ٿو فرمائي.


ڇالاءِ جو ڪوٽ وارو شهر خالي آهي، ۽ رهڻ جو هنڌ بيابان جهڙو ويران ۽ سڃو آهي: اتي گابو چرندو، ۽ اتي ئي سمهي رهندو، ۽ انهي جون ٽاريون کائي کپائيندو.


۽ آءٌ انهي کي ويران ڪري ڇڏيندس: ۽ نہ انهي جي ڇانگ ڪرڻ ۾ ايندي ۽ نہ گڏ؛ بلڪ اتي ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا پيدا ٿيندا: آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ انهيءَ تي مينهن نہ وسائين.


يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو:


تنهنڪري جيترو اوهين غريبن کي لتاڙيندا، ۽ ظلم ڪري انهن جي ڪڻڪ کڻندا، اوترو اوهان جيڪي گهڙيل پٿرن جا گهر ٺاهيا آهن تن ۾ اوهين نہ رهندا، ۽ جيڪي اوهان مزي جهڙا ڊاک جا منهہ پوکيا آهن، انهن جو شراب اوهين نہ پيئندا.


ڇالاءِ جو ڏس، خداوند حڪم ٿو ڪري، ۽ وڏي گهر ۾ ڦاٽ ۽ ننڍي گهر ۾ چيرون پئجي وينديون.


تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.


ڏسو، جن مزورن اوهانجين ٻنين ۾ لابارو وڌو، تن جي مزوري، جا اوهان ٺڳي ڪري روڪي رکي ڇڏي، سا رڙيون پيئي ڪري: ۽ اُنهن لاهيارن جون دانهون لشڪرن جي خداوند جي ڪَنن تائين وڃي پهتيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ