Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:8 - Sindhi Bible

8 افسوس انهن تي جي گهر سان گهر ٿا ملائين ۽ ٻنيءَ سان ٻني، تان جو ڪابہ جاءِ نٿي بچي، تہ هو ملڪ ۾ اڪيلا رهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي لالچ وچان گھر سان گھر ۽ ٻنيءَ سان ٻني ملائيندا ٿا وڃو، ايتري تائين جو ڪابہ جاءِ ٻين لاءِ باقي نہ بچي، ۽ ٻيا ماڻهو ملڪ ۾ بي‌گھر ۽ بي‌در ٿي رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو ويران شهرن ۾ رهيو آهي، انهن ۾ جن ۾ ڪو بہ ماڻهو نٿو رهي، جي ڊهي ڍير ٿيڻ لاءِ هئا.


اهڙي ڪا بہ شيءِ نہ بچي جا هن ڳڙڪائي نہ ڇڏي؛ تنهن ڪري هن جو سک جٽاءُ نہ ڪندو.


جنهن کي نفعي جي لالچ ٿي رهي سو خود پنهنجي گهر کي تڪليف ۾ وجهي ٿو: پر جيڪو رشوت کي ڌڪاري ٿو سو جيئرو رهندو.


اي آدمزاد، تنهنجا ڀائر، يعني تنهنجا ڀائر ۽ عزيز ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو، اهڙا آهن جن يروشلم جي ماڻهن کي چيو آهي تہ اوهين پاڻ کي خداوند کان پري رکو؛ هيءَ زمين اسان کي موروثي ملڪيت ڪري ڏني ويئي آهي.


اي آدمزاد، جيڪي ماڻهو اسرائيل جي زمين ۾ انهن ويران جاين تي رهن ٿا، سي چوندا وتن تہ ابرهام هڪڙو ئي هو، جنهن کي اُها زمين ورثي ۾ ملي؛ پر اسين تہ گهڻا آهيون؛ اُها زمين اسان کي موروثي ملڪيت ٿي ملي آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ بني عمون جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن جلعاد جي ڍڪيل زالن جا پيٽ ڦاڙيا آهن، تہ هو پنهنجي سرحد وڌائين:


ويل آهي انهن سان، جي بڇڙائي جون رٿون ٿا رٿين، ۽ پنهنجي هنڌن تي خراب ڪم ٿا ڪن! ۽ جڏهن صبح جي روشنائي ٿي ٿئي، تڏهن اُهي پورا ٿا ڪن، ڇالاءِ جو اهو هنن جي هٿ وسيڪو آهي.


۽ هو ٻنين جي لالچ ٿا رکن ۽ اُهي زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن؛ هو ماڻهوءَ ۽ سندس گهراڻي تي ظلم ٿا ڪن، ۽ انهن جي گهرن کي هو کسي ٿا وٺن، يعني ماڻهوءَ ۽ سندس ورثي کي.


هي سڀ هن جي برخلاف هڪڙو مثال ۽ هڪڙي ملامت جهڙو پهاڪو نہ کڻندا ڇا، ۽ چوندا تہ ويل هجي انهي سان، جو ٻين جي مال تي پاڻ کي ٿو وڌائي! پر اِهو ڪيستائين ٿيندو؟ ۽ جو پاڻ کي گروي ڏنل شين سان ڀري ٿو!


پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ