Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:28 - Sindhi Bible

28 انهن جا تير تکا آهن ۽ انهن جون سڀ ڪمانون چڙهيل آهن: انهن جي گهوڙي جا سنب چقمق وانگر، ۽ انهن جي گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي جهڙا ٿيندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 انهن جا تير تکا آهن، ۽ سندن تيرڪمانن تي زِهُون چڙهيل آهن. انهن جي گھوڙن جا سنب لوهہ جهڙا سخت آهن، ۽ سندن گاڏين جا ڦيٿا واچوڙي وانگر تيز آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:28
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها زبردست ماڻهوءَ جن تکن تيرن جهڙي، ۽ آهو ٻير جي ٽانڊن جهڙي آهي.


تنهنجا تير تکا آهن؛ اهي بادشاهہ جي دشمنن جي دلين ۾ لڳن ٿا، ۽ قومون تنهنجي تابع ٿينديون.


۽ انهن جون ڪمانون جوان ماڻهن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏينديون، ۽ انهن کي کير پياڪن تي ڪوبہ رحم نہ ايندو؛ انهن جي اک ٻارن کي بہ ڇڏي نہ ڏيندي.


سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام. جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو.


ڇالاءِ جو ڏسو، خداوند باهہ سان ايندو، ۽ هن جون جنگي گاڏيون واچوڙي جهڙيون هونديون؛ انهيءَ لاءِ تہ هن جو غصو جوش وارو، ۽ هن جي ملامت باهہ جي شعلن واري ٿئي.


ڏسو، هو بادل وانگي چڙهي ايندو، ۽ هن جا رٿ واچوڙي وانگي ٿيندا: هن جا گهوڙا بازن کان تکا آهن، ٻرحال اسان جا! ڇالاءِ جو اسين لٽجي وياسين!


هن جي زور وارن گهوڙن جي سنبن جي دٻڪي تي، هن جي گاڏين جي ڪڙڪي تي، هن جي ڦيٿن جي گوڙ تي، ماڻهو ضعيف هٿن ڪري پنهنجن ٻارن ڏي ڪنڌ ورائي نٿا نهارين؛


هنن جي تيرن جي بٿي هڪڙي کليل قبر آهي، هو سڀ زور وارا ماڻهو آهن.


هو تنهنجون سڀ گهٽيون پنهنجي گهوڙن جي سنبن سان لتاڙيندو: هو ترار سان تنهنجا ماڻهو ماريندو، ۽ تنهنجي زور جا ٿنڀ زمين تي ڪِري پوندا.


۽ تون چڙهندين، تون طوفان وانگر ايندين، تون ڪڪر وانگي اچي زمين کي ڍڪيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ توسان گڏ گهڻيون ٻيون قومون بہ اينديون.


۽ پڇاڙيءَ جي وقت ڏکڻ جو بادشاهہ ساڻس وڙهندو: ۽ اُتر جو بادشاهہ واچوڙي وانگر گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ گهڻن جهازن سان مٿس ڪاهي ايندو؛ ۽ هو ملڪن ۾ گهڙي پوندو، ۽ پکڙجي ويندو ۽ انهن منجهان لنگهي هليو ويندو.


اي صيون جي ڌيءَ، اُٿي ڳاهہ: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي سڱ کي لوهہ وانگر ڪندس ۽ تنهنجي کرن کي پتل، ۽ تون گهڻين قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندينءَ، ۽ انهن جو مال خداوند جي نذر ڪندينءَ ۽ انهن جي دولت سڄي زمين جي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪندينءَ.


چهبڪ جو آواز ۽ چيڪلن جو ڪڙڪو؛ ڪُڏندڙ گهوڙا ۽ ٽپندڙ گاڏيون؛


تڏهن گهوڙن جا سنب ٽپڻ جي ڪري دٻڪو ڪرڻ لڳا، يعني هنن جي بهادرن جي ٽپڻ جي ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ