Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:24 - Sindhi Bible

24 تنهن ڪري جيئن باهہ جو شعلو بت کي کائي وڃي ٿو، ۽ جيئن سڪل گاهہ شعلي ۾ ڳيسجي وڃي ٿو، تيئن هنن جي پاڙ سڙي ڪِني ٿي ويندي، ۽ انهن جو ٻُور مٽيءَ وانگر اُڏامي ويندو: ڇالاءِ جو هنن لشڪرن جي خداوند جي شريعت رد ڪئي آهي، ۽ اسرائيل جي پاڪ وجود جو ڪلام ڌڪاريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:24
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو ڪنهن کي طعنو هنيو آهي ۽ ڪنهن جي حق ۾ ڪفر بڪيو اٿيئي؟ ۽ ڪنهن تي تو پنهنجو وات پٽيو آهي، ۽ پنهنجيون اکيون مٿي کنيون آهن؟ يعني اسرائيل جي پاڪ خدا تي.


انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا ۽ تنهنجي برخلاف بغاوت ڪيائون، ۽ تنهنجي شريعت پنهنجي پٺ جي پٺيان اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ جن تنهنجن نبين اُنهن کي تو ڏانهن موٽي اچڻ لاءِ نصيحت ڪئي، تن کي ڪُٺائون، ۽ وڏي ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون.


هن جون پاڙون هن جي هيٺيان سڪي وينديون، ۽ مٿي هن جي ٽاري وڍي ويندي.


هن جون پاڙون ڍير ۾ ويڙهيل آهن، ۽ هو پٿرن جي جاءِ ڏسي ٿو.


ڇو جو توکي منهنجيءَ تعليم کان نفرت آهي، ۽ منهنجو ڪلام پنهنجي پٺيان اُڇلايو ڇڏين.


جيڪي تنهنجي برخلاف اُٿن ٿا، تن کي تون پنهنجيءَ عظمت جي بزرگيءَ سان ڪيرائي ٿو ڇڏين؛ تون پنهنجو غضب موڪلين ٿو، ۽ اهو انهن کي بوسي جي ٻورن وانگي ساڙي چٽ ڪري ٿو ڇڏي.


سو اهي ماڻهو مصر جي ساري ملڪ ۾ پکڙجي ويا ۽ بهہ جي بدران ٻٿ گڏ ڪرڻ لڳا.


۽ زور وارو اهڙو ٿيندو جهڙو مڙهہ، ۽ ان جو ڪم اهڙو جهڙي چڻنگ؛ ۽ اهي ٻئي گڏ سڙندا، ۽ ڪوبہ انهن کي اُجهائڻ وارو ڪونہ هوندو.


افسوس، گنهگار اُمت، خطائن ڀريل قوم، بدڪارن جو نسل، خراب ڪم ڪندڙ اولاد: هنن خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي، اسرائيل جي قدوس کي حقير ڄاتو اٿن، هو ڇڄي ڌار ٿيا آهن، ۽ پٺ تي هليا ويا آهن.


تنهن ڪري لعنت زمين کي ڳهي وئي آهي، ۽ جيڪي ان تي رهن ٿا سي ڏوهاري سمجهيا ويا آهن: انهيءَ ڪري زمين جا رهاڪو سڙي ويا آهن، ڪي ٿورا ماڻهو وڃي بچيا آهن.


اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.


تنهن ڪري اسرائيل جو قدوس هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ڪلام جي حقارت ٿا ڪريو، ۽ ظلم ۽ ڏنگائيءَ تي ڀروسو ٿا رکو، ۽ انهي تي ٽيڪ ٿا ڏيو؛


ڇالاءِ جو اها باغي اُمت آهي، ۽ ڪوڙا ٻار آهن، اهڙا ٻار جي خداوند جي شريعت نٿا ٻڌن:


ڏس، اهي بُهہ جهڙا ٿيندا؛ باهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندي؛ اهي باهہ جي زور کان پاڻ کي ڇڏائي نہ سگهندا: اهي اهڙا ٽانڊا نہ هوندا، جن تي پاڻ کي سيڪجي، نڪي اهڙي باهہ هوندين جنهن جي اڳيان ويهجي.


۽ افرائيم جي گاديءَ جو هنڌ سامريہ آهي، ۽ سامريہ جو سردار رملياہ جو پٽ آهي. جيڪڏهن اوهين ايمان نہ آڻيندا تہ ضرور اوهين بہ قائم نہ ٿيندا.


شيلوخ جو پاڻي جو آهستي پيو وهي تنهن کي هن قوم رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اُهي رضين ۽ رملياہ جي پٽ تي فخر ٿا ڪن؛


ڇالاءِ جو شرارت باهہ وانگي ساڙي ٿي، اها ڪانڊيرا ۽ ڪنڊا کايو وڃي؛ هائو اها ٻيلي جي گهاٽن ٻوڙن کي ڀڙڪائي ٿي، ۽ اهي دونهين جي گهاٽن ڪڪرن ۾ ڦرندا مٿي چڙهي وڃن ٿا.


لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري زمين سڙي وئي آهي: ماڻهو بہ باهہ جي ڪاٺين وانگر آهن؛ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي رعايت نٿو رکي.


اي زمين، ٻڌ: ڏس آءٌ هن قوم تي خرابي آڻيندس، يعني سندن خيالن جو نتيجو، ڇالاءِ جو هنن منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي اصل رد ڪري ڇڏيو اٿن.


ڏاها ماڻهو شرمندا ٿيا آهن، هو ڊڄي ويا آهن ۽ گرفتار ٿيا آهن: ڏس هنن خداوند جو ڪلام رد ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ هنن ۾ ڪهڙي قسم جي ڏاهپ آهي؟


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيئن اُهو ڊاک جو وڻ ٻيلي جي ٻين وڻن مان مون سڙڻ لاءِ باهہ کي ڏيئي ڇڏيو آهي، تيئن آءٌ يروشلم جي رهاڪن کي بہ ڏيئي ڇڏيندس.


آءٌ پنهنجي سخت ڪاوڙ عمل ۾ نہ آڻيندس، آءٌ افرائيم کي ناس ڪرڻ لاءِ نہ موٽندس: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، نہ انسان؛ آءٌ تنهنجي وچ ۾ قدوس خدا آهيان: آءٌ ڪاوڙ ۾ شهر ۾ نہ گهڙندس.


تنهنڪري آءٌ افرائيم جي لاءِ هڪڙي پرواني وانگر آهيان، ۽ يهوداہ جي گهراڻي لاءِ ڪِنيءَ شيءِ وانگر.


افرائيم کي ڌڪ لڳو آهي، هنن جي پاڙ سُڪي ويئي آهي، هو ڦر نہ جهليندا: هائو، جيتوڻيڪ هو ٻار ڄڻيندا، تہ بہ آءٌ انهن جي پيٽ جو پيارو ڦر ڪهي ڇڏيندس.


هو ائين ٽپن ٿا جيئن جبلن جي چوٽين تي گاڏين جو گوڙ ٿيندو آهي، جيئن بهہ سڙڻ ۾ باهہ جا شعلا آواز ڪندا آهن، جيئن زور وارا ماڻهو صفون ٻڌي جنگ ڪندا آهن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ يهوداہ جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ تہ هنن خداوند جي شريعت رد ڪري ڇڏي آهي ۽ سندس قاعدن تي نہ هليا آهن، ۽ سندن ڪوڙن، جنهن تي هو پاڻ ۽ سندن ابا ڏاڏا هليا آهن، کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي.


مون سندن آڏو انهيءَ اموريءَ کي ناس ڪيو جنهن جو قد ديودار جي قد جيڏو هو، ۽ جو شاهہ بلوطن جهڙو مضبوط هو، انهي هوندي بہ مون مٿان سندس ميوو ۽ هيٺان سندس پاڙون ناس ڪيون.


جيتوڻيڪ هو ڳتيل ڪنڊن وانگر آهن، ۽ ڄڻ تہ شراب ۾ پُسيل آهن، تہ بہ سُڪل بهہ وانگي سڙي چٽ ٿي ويندا.


ڇالاءِ جو ڏس اُهو ڏينهن اچي ٿو جو کوري وانگر ٻرندڙ آهي؛ تڏهن سڀ هٺيلا، ۽ سڀ بڇڙائي ڪندڙ بهہ وانگي ٿيندا: ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو ڏينهن هنن کي اهڙو ساڙيندو جو نڪي ٽاري نڪي پاڙ بچندي.


جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي.


۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.


جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، تہ پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صاف ڪري، ۽ ڪڻڪ کي ميڙي پنهنجي ڀانڊي ۾ رکي، پر بهہ کي اهڙي باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جا وسامڻ جي نہ آهي.


پر فريسين ۽ شريعت جي عالمن جو کانئس بپتسما نہ ورتي، تنهنڪري پنهنجي نسبت خدا جي ارادي کي رد ڪيائون.


جيڪو مون کي نٿو مڃي، ۽ منهنجون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، تنهن جي عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو آهي: ڪلام جو مون ڪيو آهي، سو ئي پوئين ڏينهن سندس عدالت ڪندو.


”اوهين جي حقارت ٿا ڪريو، سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو؛ ۽ برباد ٿي وڃو، ڇالاءِ جو آئون اوهان جي زماني ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻُڌائي تہ اوهين ڪڏهن بہ مٿس اعتبار ڪين آڻيندا.“


خداوند مينهن جي بدران تنهنجيءَ زمين تي ڌوڙ ۽ مٽي وسائيندو: جيسين تون برباد نہ ٿيندين، تيسين اهي آسمان مان توتي پوندا رهندا.


تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.


ڇالاءِ جو نافرماني جادوگريءَ جهڙو ئي گناهہ آهي، ۽ سرڪشي، بت پرستي ۽ خانگي معبود رکڻ جي برابر آهي. تو خداوند جو حڪم رد ڪيو آهي، تنهنڪري هن بہ توکي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي.


۽ سموئيل سائول کي چيو تہ آءٌ توسان گڏجي موٽي نہ هلندس: ڇالاءِ جو تو خداوند جو ڪلام رد ڪيو آهي، ۽ خداوند توکي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ