Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:22 - Sindhi Bible

22 افسوس انهن تي جي شراب پيئڻ ۾ پهلوان آهن، ۽ نشي وارين شين ملائڻ ۾ زور وارا آهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي مئي پيئڻ جا شير آهيو، ۽ پاڻ کي نشي وارين شين ٺاهڻ جا ماهر ٿا سمجھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:22
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُهي ٻن پهرن جو روانا ٿيا. پر بن هدد ٻين بادشاهن سان گڏ، يعني جن ٻٽيهن بادشاهن هن کي مدد ٿي ڏني، تن سان گڏ تنبن ۾ شراب پي مست پئي ٿيو.


تون رشوت نہ وٺج: ڇو تہ رشوت انهن کي انڌو ٿي ڪري جيڪي ڏسي ٿا سگهن، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.


شراب ٺٺولي ڪندڙ آهي، نشيدار پيئڻ جي شيءِ جهيڙا ڪندڙ آهي؛ جيڪو انهن جي ڪري مست ٿئي ٿو سو ڏاهو نہ آهي.


ڪنهن کي غم آهي؟ ڪنهن کي ڏک آهي؟ ڪير جهيڙا ٿو ڪري؟ ڪير شڪايتون ٿو ڪري؟ ڪنهن کي سبب کان سواءِ زخم آهن؟ ڪنهن کي اکين جي ڳاڙهاڻ آهي؟


اي لموايل، اهو بادشاهن جي لائق ناهي، تہ شراب پيئن ۽ نہ ائين چوڻ بادشاهن جي لائق آهي تہ شراب ڪٿي آهي؟


تہ متان هو پيئن ۽ شريعت وساري ڇڏين، ۽ ڪنهن ڏکويل جي اُبتي عدالت ڪن.


۽ ڏسو، خوشي ۽ سرهائي، ۽ ڏاندن کي ڪهڻ، ۽ رڍن کي ذبح ڪرڻ ۽ گوشت کائڻ ۽ شراب پيئڻ: اچو تہ کائون ۽ پيئون، ڇالاءِ جو سڀاڻي اسين مرنداسين.


هو راڳ سان شراب نہ پيئندا؛ نشي پيئڻ وارن کي نشو ڪَڙو لڳندو.


پر هي بہ شراب جي ڪري ڀلجي ويا آهن، ۽ نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ ڪاهن توڙي نبي ٻئي نشي جي ڪري ڀلجي ويا آهن، اهي شراب ۾ غرق ٿي ويا آهن، اهي نشي جي ڪري گمراهہ ٿيا آهن؛ اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.


افسوس انهن تي جي صبح جو سوير ٿا اُٿن تہ نشي بازيءَ جي پٺيان پون؛ جي رات جو دير تائين ٿا ترسن، جيسين ڪ انهن کي شراب جو جوش چڙهي!


اهي چون ٿا تہ اوهين اچو، آءٌ شراب کڻي ٿو اچان، ۽ اسين خوب پي مست ٿينداسين، ۽ سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگي ٿيندو، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ وڏو ڏينهن ٿيندو.


افسوس آهي انهي تي، جو پنهنجي پاڙيسريءَ کي پيئڻ لاءِ شراب ٿو ڏئي ۽ منجهس پنهنجو زهر ٿو گڏي، ۽ هن کي نشئي ٿو ڪري تہ سندن اوگهڙ تي نظر ڪري!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ