Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:20 - Sindhi Bible

20 افسوس انهن تي جي بڇڙائيءَ کي چڱائيءَ ۽ چڱائي کي بڇڙائي ٿا سڏين؛ جي روشنائيءَ جي بدران اونداهي ۽ اونداهيءَ جي بدران روشنائي ٿا ڪن؛ جي مٺي جي بدران ڪَڙو، ۽ ڪَڙي جي بدران مٺو ٿا رکن!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ کي چڱائي ۽ چڱائيءَ کي بڇڙائي ٿا سڏيو، جيڪي روشنيءَ جي بدران اونداهي، ۽ اونداهيءَ جي بدران روشني ٿا ڪري ڇڏيو، جيڪي ڪؤڙي کي مٺو ۽ مٺي کي ڪؤڙو ٿا ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:20
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي رات کي ڦيرائي ڏينهن ڪن ٿا: چوندا آهن تہ روشني اونداهيءَ کي ويجهي آهي.


ڪوڙيءَ ڳالهہ کان پاڻ کي پري رکج؛ ۽ بيگناهہ ۽ راستباز کي قتل نہ ڪج: ڇالاءِ جو آءٌ ڪنهن بہ شرير کي سچار ڪين سمجهندس.


جيڪو شرير کي سچو ٺهرائي ۽ جيڪو سچي کي شرير ٺهرائي. تن ٻنهي کان خداوند کي نفرت ٿي اچي.


ڇالاءِ جو هو شرارت جي ماني ٿا کائين؛ ۽ ظلم جو شراب ٿا پيئن.


هو راڳ سان شراب نہ پيئندا؛ نشي پيئڻ وارن کي نشو ڪَڙو لڳندو.


جيڪي ماڻهوءَ کي مقدمي ۾ ڏوهاري ٿا ٺهرائين، ۽ جيڪو دروازي تي بيهي ملامت ٿو ڪري تنهن لاءِ ڦندو ٿا وجهن: ۽ سچار کي معمولي شيءِ سان ڦيرايو ڇڏين.


اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.


تڏهن ڪميڻو ماڻهو اڳتي سخي نہ سڏبو، نڪي اناڙي سخي سڏجڻ ۾ ايندو.


۽ اوهان جَوَن جي مٺين لاءِ، ۽ ماني جي ٽڪرن لاءِ، منهنجي قوم ۾ منهنجي بي ادبي ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ انهن کي ماريو، جي مرڻ جا لائق ناهن؛ ۽ اُهي بچايو جي بچائڻ جا لائق نہ آهن: ۽ منهنجي قوم، جا ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌي ٿي، تنهن کي ڪوڙ ٻڌائڻ سان اوهين ائين ڪريو ٿيون.


اوهين جي عدالت کي ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ٿا ڇڏيو، ۽ سچائيءَ کي زمين تي اُڇلائي ٿا ڇڏيو؛


اوهين جي نيڪيءَ کي ڌڪاريو ٿا، ۽ بڇڙائيءَ کي پسند ٿا ڪريو، جي انهن جي کل پَٽي لاهي ٿا وٺو، ۽ انهن جو گوشت سندن هڏن تان روڙي ٿا وٺو؛


تنهنڪري قاعدو قانون ڍرو ٿي ويو آهي؛ ۽ پوري عدالت ڪانہ ٿي ٿئي؛ ڇالاءِ جو شرير سچن کي گهيري ٿا وڃن، تنهنڪري عدالت ڏنگي ٿي ويئي آهي.


اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪيو آهي، تہ بہ اوهين ٿا چئو تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ هن کي بيزار ڪيو آهي؟ انهي ڳالهہ ۾ جو اوهين چئو ٿا تہ جيڪو ماڻهو برائي ٿو ڪري، سو خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ هو انهن مان خوش آهي؛ يا انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ عدل جو خدا ڪٿي آهي؟


۽ هاڻي اسين مغرور ماڻهوءَ کي خوشنود ٿا چئون؛ هائو، اُهي جي شرارت جا ڪم ٿا ڪن، سي آباد آهن؛ هائو، اُهي خداوند کي آزمائين ٿا ۽ ڇُٽي وڃن ٿا.


تن کي چيائين تہ اوهين اُنهن مان آهيو جي ماڻهن اڳيان پاڻ کي راستباز ٿا ٺهرائين، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي اڳيان ڪراهت جهڙو آهي.


جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو تڪرار ٿئي، ۽ اهي عدالت ۾ اچن، ۽ قاضي انهن جو انصاف ڪن؛ تہ هنن کي گهرجي تہ راستباز کي بيگناهہ ٺهرائين، ۽ شرير کي سزا ڏين؛


پر انهيءَ اُمت ۾ بہ ڪوڙا نبي پيدا ٿيا، جيئن ڪ اوهان ۾ بہ ڪوڙا اُستاد پيدا ٿيندا، جي ڳجهہ ڳوهہ ۾ برباد ڪندڙ بدعتون شروع ڪندا، ۽ ايتري قدر جو انهي ڌڻيءَ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين خريد ڪيو، ۽ هو پاڻ کي جلد ئي برباد ڪري ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ