Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:2 - Sindhi Bible

2 ۽ هن انهيءَ جي چوڌاري هڪڙي کاهي کنئي، ۽ انهي جا پٿر کوٽي ڪڍيائين، ۽ انهيءَ ۾ تمام عمدي ڊاک لڳايائين، ۽ انهيءَ جي وچ ۾ هڪڙو ٺلهہ جوڙيائين ۽ منجهس هڪڙو شراب ڪڍڻ جو چيچڙو بہ ٽڪي ڪڍيائين: ۽ انتظار ۾ رهيو تہ انهي مان انگور پيدا ٿئي، پر انهي مان جهنگلي انگور پيدا ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هن ٽڪريءَ کي کيڙيو، ۽ انهيءَ جا پٿر ڪڍي زمين صاف ڪيائين. اتي هن انگورن جون عمديون وليون لڳايون، جنهن جي پهري لاءِ هن هڪ ٺُلهہ بہ ٺهرايو. هن اتي رس ڪڍڻ جو هڪڙو چيچڙو بہ بڻايو. پوءِ هو انتظار ڪرڻ لڳو تہ باغ ۾ عمدا انگور ٿين. پر انهيءَ ۾ رڳو کٽا انگور پيدا ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:2
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس، ۽ انهن کي اهڙو ڄمائيندس جو هو پنهنجي جاءِ تي رهندا ايندا، ۽ وري اتان نہ چرندا؛ ۽ شرير ماڻهو وري انهن کي اهڙي تڪليف نہ ڏيندا، جهڙي انهن ڏينهن ۾ ڏيندا هئا،


انهن ڏينهن ۾ مون يهوداہ منجهہ سبت جي ڏينهن ڪن ماڻهن کي شراب جي چيچڙن کي لتاڙيندو، ۽ اَن جا سنگ آڻي گڏهن تي لڏيندو ڏٺو؛ تنهن کانسواءِ شراب، انگور ۽ انجير ۽ ٻيو هر طرح جو بار سبت جي ڏينهن يروشلم ۾ ٿي آندائون: ۽ جنهن ڏينهن هنن اهي کاڌي جون شيون ٿي وڪڻيون، انهيءَ ڏينهن مون مٿن عتاب آندو.


تو مصر مان هڪڙو ڊاک جو تاڪ آندو: تو ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ انهيءَ کي لڳايو.


تو انهيءَ جي واسطي جاءِ تيار ڪئي، ۽ انهيءَ جي پاڙ چڱيءَ طرح لڳي ۽ ملڪ کي ڀري ڇڏيائين.


ڇالاءِ جو هاڻي ڪيئن خبر پوندي تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي، ۽ تنهنجيءَ اُمت تي آهي؟ ڇا، اهو انهي مان ڪين معلوم ٿيندو تہ تون اسان سان گڏجي هلين، جنهنڪري آءٌ ۽ تنهنجي اُمت، سڀني قومن کان ڌار ليکجون؟


۽ صيون جي ڌيءَ ائين ڇڏي ويئي آهي جيئن ڪا ڀُونگي ڊاک جي منهہ ۾، يا جيئن ڪا جهوپڙي ونگن جي واڙي ۾، يا جيئن ڪو گهيري ڪيل شهر.


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو ڊاک جو منهہ اسرائيل جو گهراڻو آهي، ۽ يهوداهہ جا ماڻهو انهيءَ جا وڻندڙ ٻوٽا آهن: ۽ هن انصاف جي اُميد رکي، پر ڏس ظلم؛ سچائيءَ جي اميد رکي، پر ڏس دانهن.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، جنهن توکي زمين ۾ لڳايو، تنهن توتي خرابيءَ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ انهي جو سبب اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي اُها بڇڙائي آهي جا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل جي اڳيان لوبان ساڙي مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


انهيءَ هوندي بہ مون توکي عمدي ڊاک بلڪ چڱو ٻج ڪري پوکيو. تڏهن ڪيئن تون منهنجي لاءِ ڌاري قسم جي ڊاک جو خسيس ٿڏو ٿي پئين؟


اسرائيل هڪڙي گهاٽي ڊاک آهي، جا پنهنجو ڦر جهلي ٿي: پنهنجي ججهي ميوي موافق هن پنهنجون قربانگاهون بہ وڌايون آهن؛ پنهنجي زمين جي چڱائيءَ موافق هنن سهڻا ٿنڀ جوڙيا آهن.


اي ڌڻ جا ٺلهہ، اي صيون جي ڌيءَ جي ٽڪري، اهو تنهنجي لاءِ ٿيندو، يعني اها اڳين حڪومت جا يروشلم جي ڌيءَ جي بادشاهت آهي سا توکي ملندي.


ڇالاءِ جو جبلن جي چوٽيءَ تان آءٌ هن کي ڏسان ٿو، ۽ ٽڪرين تان منهنجي هن تي نظر ٿي پوي: ڏس، هيءَ اُها اُمت آهي جا اڪيلي ٿي رهي، ۽ ٻين قومن ۾ شمار نہ ڪئي ويندي.


۽ رستي جي ڀرسان هڪڙو انجير جو وڻ ڏسي انهي ڏانهن آيو، ۽ ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ منجهس ٻيو ڪي ڪينهي، سو هن کي چوڻ لڳو تہ اڄ ڏينهن کان وٺي ڪڏهن بہ تو ۾ ڦل نہ ٿئي، ۽ انهي دم اُهو انجير جو وڻ سُڪي ويو.


ٻيو مثال ٻڌو: هڪڙو گهر جو مالڪ هو، تنهن هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو. ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ منجهس هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


۽ جڏهن ڦل جي موسم ويجهي آئي، تڏهن انهن آبادگارن ڏانهن هن پنهنجا نوڪر موڪليا، تہ سندس ميوي جو حصو وٺي اچن.


۽ پري کان هڪڙو انجير جو وڻ ڏٺائين، جنهن ۾ پن هئا، ۽ اُتي آيو تہ من ڪو ڦل مليس: پر جڏهن هو اُنهي وٽ آيو، تڏهن ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين آهي؛ ڇالاءِ جو اُها انجير جي مند نہ هئي.


۽ هو وري اُنهن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو. ۽ چيائين تہ ڪنهن ماڻهوءَ هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


۽ موسم ۾ انهن آبادگارن ڏي هڪڙو نوڪر موڪليائين، انهي لاءِ تہ انهن آبادگارن کان انهي ڊاک جي باغ جي ميوي جو حصو وٺي اچي.


اُهي اسرائيلي آهن، ۽ گود جي اولاد ٿيڻ جو حق، ۽ جلال، ۽ عهد، ۽ شريعت، ۽ خدا جي عبادت، ۽ واعدا انهن ئي جا آهن، ۽ قوم جا ابا ڏاڏا بہ انهن جا آهن؛


ڪڏهن ڪو سپاهي پنهنجي خرچ تي جنگ ڪري ٿو ڇا؟ اهو ڪير آهي جو ڊاک جو منهہ پوکي ٿو ۽ انهي جو ڦل نٿو کائي؟ يا ڪير ڌڻ چاري ٿو ۽ ڌڻ جو کير نٿو پيئي؟


اڙي بي عقل ۽ نادان قوم، اوهين خداوند کي اهو عيوضو ٿا ڏيو ڇا؟ هو اوهان جو ابو ناهي ڇا جنهن اوهان کي خريد ڪيو آهي؟ هن توکي جوڙيو، ۽ قائم ڪيائين.


۽ پوءِ هيئن ٿيو تہ سورق جي واديءَ ۾، هڪڙي زال تي هو عاشق ٿيو جنهن جو نالو دليلہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ