Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:19 - Sindhi Bible

19 جي چون ٿا تہ ڀلي تہ هو جلدي ڪري، ڀلي تہ هو تڪڙو ٿي پنهنجو ڪم ڪري تہ اسين اهو ڏسون: ۽ ڀلي تہ اسرائيل جي پاڪ خدا جي عدالت ويجهي ٿئي ۽ اچي پهچي، تہ اسين اها معلوم ڪريون!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اوهين گستاخي ڪندي چئو ٿا تہ ”ڀل خداوند جلدي اچي پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاري، ڀل بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي عدالت جو ڏينهن ويجھو ٿئي بلڪ اچي پهچي، تہ پوءِ اسان کي بہ يقين ايندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:19
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

رستي کان نڪري ٻاهر ٿيو، واٽ کان ڦري پاسي ٿيو، اسرائيل جي قدوس کي اسان جي اڳ کان پري ڪريو.


اوهين جي خداوند جي ڪلام کان ڏڪو ٿا، سي هن جو ڪلام ٻڌو: اوهان جا ڀائر جي اوهان سان نفرت ٿا ڪن، ۽ منهنجي نالي جي ڪري اوهان کي هڪالي ڪڍيو اٿن، تن چيو آهي تہ ڀلي تہ خداوند جو جلال ظاهر ٿئي تہ اسين اوهان جي خوشي ڏسون؛ پر اهي شرمندا ٿيندا.


ڏس، هو مون کي ٿا چون تہ خداوند جو ڪلام ڪٿي آهي؟ ڀلي اهو هينئر اچي.


ڇالاءِ جو ڪير خداوند جي صلاح مصلحت ۾ قائم رهيو آهي تہ ان جو ڪلام معلوم ڪري ٻڌي؟ ۽ ڪنهن منهنجي ڪلام ڏي ڌيان ڏنو ۽ اُهو ٻڌو آهي؟


۽ خداوند جي ڪلام جو ذڪر اوهين وري متان ڪريو: ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجو ڪلام سندس بار ٿيندو، جو اوهان جيئري خدا جون، يعني اسان جي خدا، لشڪرن جي خداوند، جون ڳالهيون بگاڙي ڇڏيون آهن.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهودي ٽي يا چار ورق پڙهي ويو تهن بادشاهہ ڪپ سان انهن کي وڍي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ اُڇلائي وڌا، جيسين ڪ اها سڄي ويڙهي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ سڙي چٽ ٿي وئي.


اي آدمزاد، اسرائيل جي ملڪ ۾ ڪهڙي چوڻي آهي تہ ڏينهن وڌي پيا آهن ۽ ڪوبہ رويا پورو نٿو ٿئي؟


اي آدمزاد، ڏس، اسرائيل جي گهراڻي وارا ڇا ٿا چون تہ جيڪو رويا هو ڏسي ٿو سو گهڻن ڏينهن کانپوءِ اچڻو آهي، ۽ هو انهن وقتن جي پيشنگوئي ٿو ڪري جي تمام پري آهن.


هاڻي هو ضرور چوندا تہ اسان جو ڪو بادشاهہ ڪونهي: ڇالاءِ جو اسين خداوند کان نٿا ڊڄون؛ ۽ بادشاهہ اسان جي لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟


اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪيو آهي، تہ بہ اوهين ٿا چئو تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ هن کي بيزار ڪيو آهي؟ انهي ڳالهہ ۾ جو اوهين چئو ٿا تہ جيڪو ماڻهو برائي ٿو ڪري، سو خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ هو انهن مان خوش آهي؛ يا انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ عدل جو خدا ڪٿي آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ