Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يسعياہ 5:17 - Sindhi Bible

17 تڏهن گهيٽا ڄڻ تہ پنهنجي چراگاهہ ۾ چرندا، ۽ دولتمندن جي ويران ٻنين ۾ ڌارين جا ڌڻ چرندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تڏهن دولتمندن جا گھر بلڪ پورا شهر ويران ٿي ويندا، جن ۾ رڍون ٻڪريون توڙي ڌارين جا ڌڻ ائين پيا چرندا، ڄڻ تہ پنهنجي چراگاهن ۾ پيا چرندا هجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يسعياہ 5:17
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُها زمين انهن بادشاهن کي گهڻو فائدو ٿي ڏئي، جن کي تو اسان جن گناهن سبب اسان تي مقرر ڪيو آهي: هنن کي تو اسانجن جسمن تي ۽ اسان جي چوپائي مال تي اختيار ڏنو آهي، تہ جيئن وڻين تيئن ڪن، ۽ اسين ڏاڍيءَ مصيبت ۾ آهيون.


انهن جي دل چرٻيءَ وانگر سڻڀي ٿي پيئي آهي؛ پر آءٌ تنهنجيءَ شريعت ۾ خوش ٿو ٿيان.


انهن پنهنجي دل کي سخت ڪيو آهي: اهي پنهنجي واتان مغروري سان ٿا ڳالهائين.


اي خداوند، پنهنجي هٿ سان مونکي انهن ماڻهن کان ڇڏاءِ، يعني هن دنيا جي ماڻهن کان، جن جو حصو دنيوي آهي. شل هنن جو پيٽ انهن شين سان ڀرجي جي تو سندن لاءِ تيار ڪيون آهن؛ ڀلي تہ سندن اولاد کي گهرج کان وڌيڪ ملي؛ ڀلي تہ هو پنهنجن ٻارن لاءِ بہ ڪجهہ ڇڏي وڃن.


انهن جون اکيون چرٻيءَ جي ڪري ٻاهر نڪتل آهن: سندن دل جا خيال حد کان ٻاهر ٿا نڪرن.


اوهان جو ملڪ ويران آهي؛ اوهان جا شهر باهہ سان سڙي ويا آهن؛ اوهان جي زمين کي ڌاريا ماڻهو اوهان جي روبرو ڳهيو ٿا وڃن، ۽ اها سڃي آهي، ۽ ڌارين ماڻهن انهي کي ويران ڪري ڇڏيو آهي.


تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خداوند، پنهنجن ٿلهن متارن ۾ ڏٻرائي موڪليندو؛ ۽ پنهنجي جلال جي بدران باهہ جي ساڙي وانگي هڪڙو ساڙو ڀڙڪائيندو.


عروعير جا شهر ويران ٿي ويا آهن؛ اهي ڌڻن جي لاءِ آهن، جي اتي سمهندا ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو.


ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛


هو پنهنجو ڌڻ ڌنار وانگي چاريندو، ۽ هو گهيٽن کي پنهنجين ٻانهن هيٺ گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو، ۽ جيڪي کير پيارين ٿيون تن کي آهستي آهستي وٺي ويندو.


منهنجي اُمت جنهن مون کي ڳوليو آهي تنهن لاءِ شارون ڌڻ جو واڙو ٿيندو، ۽ عڪور جي وادي ڍورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿيندي.


۽ سڀ ٽڪريون، جي چنجورن سان کوٽيون ويون آهن، انهن تي ڪانڊيرن ۽ ڪنڊن جي ڊپ کان تون ڪين ايندين، پر اهو هنڌ رڳو ڏاندن جي چرڻ ۽ رڍن جي لتاڙڻ جي لاءِ هوندو.


هو ٿلها ٿيا آهن، هو چمڪن ٿا: هائو، هو شرارت جي ڪمن ۾ گوءِ کڻي ويا آهن: هو يتيمن جي طرفان حجت دليل نٿا ڪن تہ هو سکيا ٿين: ۽ هو محتاجن جي حق جو انصاف نٿا ڪن.


اسان جو ورثو ڦيرائي ڌارين کي ڏنو ويو آهي، ۽ اسان جا گهر بيگانن کي.


ڇالاءِ جو اسرائيل پٺتي هٽندڙ گابيءَ وانگر پٺتي ٿو هٽي: هاڻي خداوند انهن کي هڪڙي ڪشادي هنڌ رڍن وانگر چاريندو.


ڇالاءِ جو هو واءُ پوکين ٿا ۽ واچوڙو لڻندا: هن وٽ ڪو بيٺل اَن ڪونهي؛ سٽن مان کاڌو پيدا نہ ٿيندو؛ جي کڻي ٿيندو تہ بہ ڌاريا اُهو ڳهي ويندا.


اي يعقوب، آءٌ ضرور اوهان سڀني کي ميڙيندس؛ آءٌ ضرور اسرائيل جي باقي رهيلن کي گڏ ڪندس؛ آءٌ بصراہ جي رڍن وانگي هنن کي ميڙي گڏ ڪندس: ۽ جيئن ڌڻ پنهنجي چراگاهہ جي وچ ۾، تيئن هو شمار ٿي وڏو هُل ڪندا.


سڀني قسمن جا جانور ۽ ڌڻ انهي ۾ اچي ليٽندا: ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي پيڻ پکي ۽ سيڙهہ اچي آکيرا ٺاهيندا، ۽ سندن آواز درين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو؛ ويراني چانئٺن تي پوندي، ڇالاءِ جو هن ديودار جي ڪاٺ جو ڪم اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي.


سمنڊ جو ڪنارو چراگاهہ ٿي ويندو، بلڪ ريڍارن لاءِ جهوپڙيون، ۽ ڌڻن جا واڙا ٿيندو.


۽ اُهي ترار سان قتل ٿيندا، ۽ سڀني قومن منجهہ قيدي ٿي ويندا؛ ۽ يروشلم کي غير قومن وارا اچي لتاڙيندا، جيسين ڪ غير قومن جو وقت اچي پورو ٿئي.


تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين:


پر يسورن مچي ٿلهو ٿيو، ۽ لتون هڻڻ لڳو: تون ٿلهو ٿيو آهين، تون متارو ٿيو آهين، تون سڻڀو ٿيو آهين: تڏهن هن خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن کيس جوڙيو، ۽ پنهنجي نجات جي ٽڪر جي بي قدري ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ